عبدالملڪ بن مروان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عبدالملڪ بن مروان
عبد الملك ابن مروان
First Umayyad gold dinar, Caliph Abd al-Malik, 695 CE.jpg
695 جو پھريون اموي سونو دينار جنھن ۾ چيو وڃي ٿو تہ عبدالملڪ بن مروان جي مورت ڏيکاريل آهي
اموي خلافت جو خليفو
12 اپريل 685 – 8 آڪٽوبر 705
پيشرو مروان بن حڪم
جانشين وليد بن عبدالملڪ
جيون ساٿي
نسل وليد پھريون
ھشام
عبدالله
سليمان
مسلمہ
يزيد ٻيون
فاطمہ
سعيد
مڪمل نالو
عبدالملڪ بن مروان
شاھي خاندان بنو اميہ
والد مروان بن حڪم عرف مروان ٻيون
والده عائشہ بنت معاويہ بن مغيرہ [1]
پيدائش 646
مدينو، عربستان [2]
وفات

8 آڪٽوبر

705 ( 59 سال)


عبدالملڪ بن مروان(انگريزي: Abd al-Malik ibn Marwan) عربي ٻولي: عبد الملك ابن مروان (پ: 646)(و:8 آڪٽوبر 705) بنو اميہ گھراڻي جي پنجون نمبر خليفو هو. سندس پيدائش حجاز جي شھر مديني ۾ ٿي[2] پر سندس جنم جي سال تي اختلاف آهي ھڪ خيال مطابق 646 ۾ ، ۽ ٻئي خيال مطابق 647 ۾ پيدا ٿيو[2] ھي باقائده پڙھيل لکيل شخص ھيو ۽ کيس سياسي انتظام ھلائڻ جي صلاحيت ھئي.چوڏھين صدي عيسويءَ جي تاريخدان ابن خلدون سندس صلاحيتن جي وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ لکيو آھي تہ عبدالملڪ پنھجي دور م رياستي معاملن ھلائڻ ۾ عمر بن خطاب جي پيروي ڪئي.[3] ھن جي دؤر ۾ عربي ۾ ترجما ٿيا ۽ مسلم دنيا جي لاءِ مخصوص سڪو سونو دينار جاري ڪيو ويو جنھن ڪري کيس بازنظيني ايمپائر جي جسٽينين ٻيون سان جنگ ڪرڻي پئي. 692 م سيباسٽوپولس واري جنگ(انگريزي: Battle of Sebastopolis) ۾ بازنظيني فوج ليئونٽيوس جي ڪمان م ايشيا مائنر ۾ خلافت جي فوج سان مھاڏو اٽڪايو پر ھارائي وئي. ھار جو ھڪ سبب غلامن جو بازنظيني فوج کي ڇڏي مسلمانن جي پاسي ٿي وڙھڻ بہ ھيو. ھن جي دؤر م عربي کي سرڪاري ٻولي ڪيو ويو. ھن زراعت ، واپار ۽ ٽپال جي نظام م سڌارا آندا

ذاتي زندگي[سنواريو]

ھن زندگيءَ جو ابتدائي دؤر مديني ۾ پيءُ سان گذاريو. ھن شھر جي مذھبي حلقن ۾ پنھنجون جڙون مضبوط ڪيون.ھن اسلامي اصول قانون دمشق جي عالمہ ام دردہ صغرہ کان حاصل ڪئي [4] جڏھن سورھن سالن جو ٿيو تہ معاويہ ٻئين ھن مٿان ذميداريون رکڻ شروع ڪيون. 683 ۾ ھن کي ۽ سندس پيءُ مروان کي مديني وارن شھر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ دمشق ويندي ھن شامي فوج کي مديني تي چڙھائي ڪرڻ لاء ويندي ڏٺو.ھن جي ئي ڏنل صلاح سان مديني وارو تڪرار خوش اصلوبي سان حل ٿي ويو.[2] 684 ۾ سندس پيءُ مروان خليفو ٿيو پر ھن اتر عربستان ء ڏکڻ عربستان جي قبيلن جي وچ م لڙائي ڪرائي ڇڏي.[2]

سندس خلافت جو دؤر[سنواريو]

سونا دينار جيڪي عبدالملڪ بن مروان جي دؤر ۾ دمشق جي ٽڪسال ۾ ٺاھيا ويندا هئا

عراق ۽ حجاز م فوجي ڪاروايون[سنواريو]

685 م سندس والد مروان ٻيون جي وفات کانپوءِ خليفو ٿيو ان وقت ملڪ ٻين خانہ جنگي جي ور چڙهيل ھيو. چند سالن ۾ ھن خلافت اندر فوجي مھمن ذريعي ضابطو حاصل ڪيو. مسڪن واري جنگ ذريعي ھن بصري جي گورنر مصعب بن زبير کي شڪست ڏئي. عراق م ٽي مختلف ڌريون : شيعا، خارجي ۽ عبدالله بن زبير ۽ سندس حامي پاڻ م وڙھي رھيا ھيا ساڳي وقت اموي اقتدار جي خلاف بہ جنگ م مصروف ھيا. انھن مان عبدالله بن زبير اموي خلافت لاءِ خطرناڪ ٿي چڪو ھو ڇو تہ ھن پاڻ کي مڪي جو خليفو سڏائڻ شروع ڪيو ھو ۽ ٻيا صوبا بہ ھن جو پاسو وٺي رھيا ھئا.[2] عبدالملڪ ٽن سالن تائين انھن کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيئن اھي ٽئين گروھ پان م وڙھي ڪمزور ٿين اھڙي طرح وجھ جي انتظار ۾ ويٺو رھيو.ان عرصي ۾ عبدالله بن زبير جي ڀاء مصعب 687 ۾ شيعن کي شڪست ڏني جنھن بعد ھنن خارجين خلاف وڏو لشڪر تيار ڪيو.ان وچ م عبدالملڪ بن مروان پنھنجي جنرلن ۽ منتظمن مان ھڪ بھترين جي چونڊ ڪئي، جنھن جو نالو حجاج بن يوسف ھيو جو ان وقت حجاز جو گورنر ھيو، ۽ کيس مڪي ڏانهن عبدالله بن زبير تي چڙھائي لاءِ موڪليو. حجاج شروع م 689 م ناڪام ٿيو جو کيس دمشق م بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ واپس موٽڻو پيو. ھڪ دفعو ٻيھر 690 ۾ ناڪام ٿيو. جڏھن 691 ۾ اتر عربستان جي قبيلن ھن آڏو آڻ مڃي تہ پوء حجاج جي ڪاميابي جي شروعات ٿي. حجاج مصعب جي فوجين کي رشوت ڏئي پنھنجي پاسي ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انھن ذريعي مصعب کي مارائي ڇڏيو[2] ان بعد ھي عبدالله بن زبير ڏي وريو جنھن جو زور مصر ء شام کان ٻاهر مڪي ۽ مديني سميت سموري خلافت تي ھيو. عبدالله بن زبير پاڻ ھڪ صحابي ھيو جنھن بنو اميہ جي مخالفت ڪئي هئي [5] 692 ۾ حجاج 12000 شامي فوجين سان مڪي جو محاصرو ڪيو ۽ پنھنجي اباڻي شھر طائف طرف پيشقدمي ڪري بغير مزاحمت جي اتي قبضو ڪيو جتي ھن پنھنجو ٺڪاڻو قائم ڪيو. خليفي حجاج کي ھدايت ڪئي ھئي تہ عبدالله بن زبير سان ڳالھيون ٻولھيون ڪري ۽ کيس يقين ڏياري تہ پيش پوڻ سان کيس سزا نہ ڏني ويندي ۽ جي انڪار ڪري تہ کيس محاصري ذريعي بک ڏئي پيش ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ء مڪي م خونخرابي کان پاسو ڪيو وڃي. پر مذاڪرات ناڪام ٿيڻ بعد حجاج صبر نہ ڪري سگھيو ھن عبدالملڪ کي وڌيڪ فوج موڪلڻ ۽ حملي لاء اجازت ڏيڻ جي لاءِ مراسلو موڪليو. فوجي اضافي ۽ حملي جي اجازت ملڻ بعد ابوقبيس جبل تان منجنيقن(انگريزي: Catapult) ذريعي مڪي مٿان پٿرن جي بمباري ڪئي. پٿرن جو وسڪارو حج جي مھيني ۾ بہ جاري رھيو. محاصرو ست مھينا جاري رھيو جنھن دوران عبدالله بن زبير جي ٻن پٽن سميت ڏھ ھزار ماڻھو وفاداري تبديل ڪري حجاج جي پاسي ٿي چڪا ھئا. جنھن بعد مڪي ۾ آڪٽوبر 692 ۾ ويڙھ شروع ٿي جنھن م عبدالله بن زبير پنھنجي ھڪ ننڍي پٽ ۽ ڪجھ وفادارن سميت مارجي ويو . لڙائي ۾ منجنيقن سان حملن م ڪعبي کي ڪافي نقصان پھتو . بعد م ان جو تعميري ڪم ڪيو ويو. عبدالملڪ بن مروان دمشق م ڪعبي جو غلاف سبرائي ڪعبي تي چاڙھائي ان روايت جو آغاز ڪيو. حجاج جي ڪارڪردگي مان خوش ٿي عبدالملڪ کيس عراق ۽ ان سان لڳو لڳ علائقن جو بااختيار گورنر مقرر ڪيو ۽ کيس ھر ڳالھ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي.حجاج کي ڪوفي ۽ بصري م خارجين جي بغاوتن سان منھن ڏيڻو پيو ۽ ھن انھن کي ڪچلي ڇڏيو.[2]697 ۾ خارجين جو زور ختم ٿي ويو.[2]

اتر آفريڪا ۾ فوجي ڪاروايون[سنواريو]

ھن جي دؤر ۾ اموي خلافت جي حدن ۾ اضافو ٿيو.اتر اولھ آفريقا، جنھن کي ان وقت مغرب سڏيندا هئا، ۾ 686 ۾ زھير بن قيس جي ڪمان ۾ خلافت جي فوج بازنظيني ايمپائر کي جنگ ممس ۾ ۽ ڪسيلا (ڪاسيليوس) جي ڪمان ۾ وڙھندڙ بربرن کي قيروان جي ميداني علائقي ۾ شڪست ڏئي افريقہ صوبو ۽ ان جي گاديءَ جي هنڌ قيروان جو قبضو حاصل ڪيو. 695 ۾ حسن بن نعمان بربرن جي مدد سان ڪارٿيج تي قبضو ڪيو.[2] ۽ اٽلس جبلن طرف پيشقدمي ڪئي.[2] بازنظيني بحري ٻيڙا(انگريزي: fleet) ڪارٿيج پھچي قبضو واپس ورتو پر 698 ۾ نعمان واپس موٽي بازنظيني شھنشاھ ٽيبريوس ٽئين کي ڪارٿيج واري جنگ ۾ شڪست ڏئي جنھن بعد بازنظينين سبتہ (انگريزي: Ceuta) کي ڇڏي باقي سموري آفريقا تان دستبردار ٿي ويو. حسن بن نعمان کي بربرن جي قبيلي زيناٽا جي سردار ڪاھنا زبردست شڪست ڏئي برقا تائين پوئتي ڌڪي ڇڏيو. 702 ۾ عبدالملڪ حسن جي فوج ۾ اضافو ڪيو ۽ وڏي فوج سان مقامي ماڻھن جي مدد سان پيشقدمي ڪري انھن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ ڪارٿيج کان اولھ طرف 85 ميلن جي فاصلي تي طبرقا جي جنگ ۾ زيناٽا قبيلي کي فيصلہ ڪن شڪست ڏني.ھن تيونس نالي ھڪ ڳوٺ آباد ڪيو جيڪو تباھ ٿيل ڪارٿيج کان ڏھ ميلن جي فاصلي تي ھيو. جنھن بعد حسن بن نعمان جي جاء تي موسي بن نصير جي مقرري ٿي.

تعميراتي ڪم[سنواريو]

ھن بيت المقدس ۾ گنبذ صخرہ تعمير ڪرايو.[2] اھن اتي مسجد اقصي به ٺھرائي.جن جي حڪم سان سونا سڪا رجائي انھن جو رجيل پاڻياٺ گنبذ صخرہ تي ٻاھران چاڙھائي ان کي سونھري بڻايو ويو جنھن سان ان ۾ زبردست چمڪ پيدا ٿي. [6][7] ان تعميري ڪم جا انجنيئر راجا بن حيوا ۽ يزيد بن سلام ھيا.[8][9] ھن پھريون دفعو خلافت اندر مورت وارا سڪا ٺاهڻ ۽ رائج ڪرڻ جو آغاز ڪيو.[10]

وفات[سنواريو]

ھن جي دؤر جا پويان ٽي سال سڪون سان گذريا. ھن جي پيءُ فيصلو ڪيو ھو تہ عبدالملڪ کان پوء سندس ڀاءُ عبدالعزيز (جنھن جو پٽ عمر بعد ۾ خليفو ٿيو ھو ) خليفو ٿيندو پر ھي چاھي پيو تہ سندس پٽ وليد سندس جانشين ٿئي. پر ھن اھو تڪرار نہ ڪيو. ٿيو ايئن جو عبدالعزيز ھن کان اڳ وفات ڪري ويو جنھن بعد ھن پنھنجو فيصلو مڃرائي ڇڏيو تہ ساڻس بعد وليد۽ ان بعد سليمان تخت جو وارث ٿيندو.ھن 18 آڪٽوبر 705 ۾ وفات ڪئي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Dr. Eli Munif Shahla, "Al-Ayam al-Akhira fi Hayat al-Kulafa", Dar al-Kitab al-Arabi, 1st ed., 1998, pp 236-238.
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 "'Abd al-Malik". Encyclopædia Britannica. Chicago, Illinois: Encyclopædia Britannica, Inc. صفحا. 14–15. ISBN 978-1-59339-837-8. 
  3. Montefiore, Simon Sebag (2012-05-17) (en ۾). Titans of the Middle East. Quercus Publishing. ISBN 9781743511237. https://books.google.com.au/books?id=QCZ1NRlVgYkC&pg=PT12&lpg=PT12&dq=Abd+al-Malik+ibn+Marwan+is+one+of+the+greatest+Arab+and+Muslim+Caliphs.+He+followed+in+the+footsteps+of+%5B%5B%60Umar+ibn+al-Khattab%5D%5D,+the+Commander+of+the+Believers,+in+regulating+state+affairs&source=bl&ots=nihKUZJzga&sig=R69IlSW9k6yOALHW6AuuYRbttKw&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjp1qy4i9LPAhUH64MKHaQPAAoQ6AEILTAD#v=onepage&q=Abd%20al-Malik%20ibn%20Marwan%20is%20one%20of%20the%20greatest%20Arab%20and%20Muslim%20Caliphs.%20He%20followed%20in%20the%20footsteps%20of%20%5B%5B%60Umar%20ibn%20al-Khattab%5D%5D,%20the%20Commander%20of%20the%20Believers,%20in%20regulating%20state%20affairs&f=false. 
  4. Suleman, Mehrunisha; Rajbee, Afaaf. "The Lost Female Scholars of Islam". Emel magazine. Emel magazine. حاصل ڪيل 23 February 2015. 
  5. (cite web|title=Islamic History, Part 16: the Caliphate of Abd al-Malik (685-705)|url=https://attwiw.com/2014/01/22/islamic-history-part-16-the-caliphate-of-abd-al-malik-685-705/)
  6. Abu-Bakr al-Wasiti, Fada'il Bayt al-Maqdis, pp. 80-81, vol 136.
  7. Nasser Rabbat, The Dome of the Rock Rvisited: Some Remarks on al-Wasiti's Accounts, Muqaranas, Vol. 10, Essays in Honor of Oleg Grabar, pp. 66-75, 1993
  8. Shams al-Din al-Maqdisi, Ahsan al-Taqasim fi Mar'rifat al-Aqalim, 2nd ed. (Leiden, 1967) pp. 159-171.
  9. le Strange, 1890, p.117
  10. Gold coin of Abd al-Malik profile, from the British Museum