ڪربلا جي جنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪربلا جي جنگ (عربي: مَعْرَكَة كَرْبَلَاء) 10 آڪٽوبر 680ع تي (اسلامي ڪئلينڊر مطابق 10 محرم 61ھ) ٻئين اموي خليفي يزيد اول جي فوج ۽ اسلامي پيغمبر محمد جي ڏوهٽي حسين ابن علي جي اڳواڻي ۾ هڪ ننڍي جٿي جي وچ ۾ ڪربلا عراق ۾ وڙهي وئي.

پهرئين اموي خليفي معاويه پنهنجي وفات کان پهرين پنهنجي پٽ يزيد کي پنهنجو جانشين نامزد ڪيو. يزيد جي نامزدگي جي محمد جي ڪجھه مشهور صحابين جي پٽن، جن ۾ چوٿين خليفي علي جو پٽ حسين، ۽ زبير بن العوام جو پٽ عبد الله ابن الزبير شامل آهن، سخت مخالفت ڪئي. 680ع ۾ معاويه جي وفات کانپوءِ يزيد حسين ۽ ٻين مخالفت ڪندڙن، جيڪي سڀ ان وقت مديني ۾ مقيم هئا، کان بيعت جي گھر ڪئي. حسين بيعت نه ڪئي ۽ مڪي هليو ويو. ڪوفي، جيڪو هڪ عراقي شهر ۽ علي جي خلافت جو مرڪز هيو، جي گھڻن ئي ماڻهن کي شام جي اموي خليفن کان سخت نفرت هئي ۽ عليءَ جي گهراڻي سان هڪ ڊگهي عرصي کان گھري وابستگي رکندا هئا. انهن حسين کي اموين جو تختو اونڌو ڪرڻ جي لاءِ سندن اڳواڻي ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي. حسين لڳ ڀڳ 70 مردن ۽ ڪجهه گھر وارن سان ڪوفي روانو ٿيو پر هن جي قافلي کي ڪوفي کان ڪجهه فاصلي تي خليفي جي 1000 فوجي لشڪر روڪي ورتو. هن کي ڪوفي بجاءِ اتر طرف وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ هو پنهنجي قافلي سان 2 آڪٽوبر تي ڪربلا جي ميدان ۾ پهتو، جتي جلد ئي 4000 فوجين جو وڏو اموي لشڪر پهتو. جيئن ته ڪوفي جي اموي گورنر عبيد الله بن زیاد حسين کي بيعت ڪرڻ کانسواءِ محفوظ رستو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ حسين بيعت ڪرڻ کان انڪاري هيو، ان ڪري هڪ هفتي کان جاري ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. نتيجي ۾ 10 آڪٽوبر تي جنگ ڇڙي وئي جنهن ۾ حسين پنهنجي گهڻن ئي مائٽن ۽ ساٿين سميت مارجي ويو جڏهن ته هن جي اتي موجود خاندان وارن کي قيد ڪيو ويو. ڪربلا جي جنگ کان ستت ئي پوءِ ٻئين فتني جو آغاز ٿي ويو جنهن دوران عراقين حسين جي موت جو بدلو وٺڻ جي لاءِ ٻه جدا مهم جوئيون ڪيون؛ پهرين سليمان بن صرد جي اڳواڻيءَ ۾ توابين تحريڪ ۽ ٻيو مختار الثقفي ۽ سندس ساٿين جو انقلاب.

ڪربلا جي جنگ علوي حامين جي جماعت (شيعت علي) کي پنهنجي مخصوص رسمن ۽ اجتماعي سڃاڻپ واري هڪ ڌار مذهبي فرقي ۾ تبديل ڪيو. اهو واقعو شيعه تاريخ، روايت ۽ علوم ۾ هڪ مرڪزي مقام رکي ٿو ۽ شيعه ادب ۾ ان جو بار بار ذڪر ڪيو ويو آهي. شيعن لاءِ حسين جي تڪليف ۽ موت ظلم جي خلاف جدوجهد ۽ ناانصافي ۽ ڪوڙ خلاف انصاف ۽ حق پرستيءَ لاءِ قرباني ڏيڻ جي علامت بڻجي ويو. اهو شيعه عقيدي جي ماڻهن کي بهادريءَ ۽ قربانيءَ جو تصور مهيا ڪري ٿو. شيعه مسلمان هن جنگ جي ياد اسلامي مهيني محرم جي پهرين ڏهن ڏينهن واري عرصي ۾ ملهائيدا آهن جنهن جي پڄاڻي مهيني جي ڏهين تاريخ تي ٿيندي آهي، جنهن کي عاشوري جو ڏينهن به سڏيندا آهن. هن ڏينهن تي شيعه مسلمان ماتم ڪندا، عوامي جلوس ڪڍندا، مذهبي گڏجاڻيون ڪندا، پنهنجن سينن کي ڪٽيندا ۽ ڪن حالتن ۾ پاڻ کي زخمي به ڪندا آهن. سني مسلمان پڻ هن واقعي کي عظيم تاريخي سانحو سمجهندا آهن. حسين ۽ سندس ساٿين کي وڏي تعداد ۾ سني ۽ شيعه مسلمان شهيد تصور ڪندا آهن.