وڪيپيڊيا:چونڊ عنوان/پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏکڻ اوڀر طرف واقع آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراضي جي لحاظ کان سنڌ پاڪستان جو ٽيو ۽ آبادي جي لحاظ کان ٻيو وڏو صوبو آهي. سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ آهي. سنڌ ۾ آبادي جا آثار 7000 سال قبل مسيع ۾ ملن ٿا. مهر ڳڙهه، جيڪو هاڻ بلوچستان جو حصو آهي، ڪنهن وقت سنڌ جون سرحدون ان تائين ڦهليل هيون. سنڌ جي ثقافت کي هزارين سال ترقي ڪرڻ ۾ لڳا، جنهن کان پوءِ 3000 سال قبل مسيح ۾ سنڌو تهذيب جو بنياد پيو. سنڌو تهذيب پنهنجي جوهر ۾ آڳاٽي مصر ۽ ميسوپوٽيميا جي برابر هئي. هتي جي ماڻهو کي فنون لطيفہ تي عبور حاصل هو، ۽ هنن پنهنجي ٻولي پڻ جوڙي هئي. روهڙي يا اروڙ اڳاٽي سائوويرا بادشاهت جي گادي جو هنڌ هو، جنهن جو ذڪر شروعاتي ٻُڌ ڌرم جي ادب ۾ مُک واپاري مرڪز طور ٿيل آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري ۾ سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.