مولانا وحيدالدين
مولانا وحيدالدين خان | |
---|---|
![]() | |
پيدائش | 1 جنوري 1925 اعظم ڳڙھ, اتر پرديش ، برٽش انڊيا |
وفات | 21 اپريل 2021 (عمر 96 سال) نيو دهلي انڊيا |
ڌنڌو | اسلامي روحاني اڳواڻ، مبلغ ۽ ليکڪ |
صنف | اسلامي ادب |
مُکيه ڪم | تذڪر القرآن |
ويبسائيٽ | |
www |
مولانا وحيدالدين خان(انگريزي: Maulana Wahiduddin Khan ) (جنم: 1 جنوري 1925ع ۽ وفات: 21 اپريل 2021ع) انڊيا جو ھڪ مسلمان مفڪر ۽ امن جو حامي ھيو جيڪو قرآن مجيد جي تفسير لکڻ ڪري مشھور ٿيو جنھن جو ھن انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو هو[1][2] ان جو شمار دنيا جي 500 سڀ کان وڌيڪ بااثر مسلمانن ۾ ٿيندو ھو[3][4]. کيس سوويت يونين جي صدر ميخائيل گورباچوف طرفان ڊميئرگس امن وارو بين الاقوامي ايوارڊ ڏنو ويو. جنوري 2000 ۾ کيس انڊيا جو سڀ کان وڏو شھري اعزاز پدما ڀوشن پڻ مليو[5] ان کان سواءِ کيس مڌر ٽريسا پاران نيشنل سٽيزن ايوارڊ ۽ 2009 ۾ کيس راجيو گانڌي نيشنل سدڀون ايوارڊ پڻ مليو[6] جنوري 2021ع ۾ کيس ڀارت جو ٻيون وڏو شھري اعزاز پدما وڀوشن ڏنو ويو[7]. سندس موت دھلي ۾ 96 سالن جي عمر ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري ٿيو.
ابتدائي زندگي[سنواريو]
مولانا جي پيدائش 1925ع ۾ انڊيا جي رياست اتر پرديش جي ضلعي اعظم ڳڙھ ۾ واقع بڌاريا (Badharia) نالي ڳوٺ ۾ ٿي[8] سندس والد جو نالو فريدالدين ھيو جيڪو 1929ع ۾ وفات ڪري ويو جنھن بعد سندس پرورش والدہ زيب الڻساء خاتون ڪئي ۽ سندس تعليم جو بندوبست سندس چاچي صوفي عبدالحميد خان ڪيو[9]. ابتدائي تعليم اعظم ڳڙھ ضلعي جي شھر سرائي مير جي مدرسة الاصلاحي ۾ حاصل ڪيائين[10][9]. 1938 ع ۾ ان مدرسي ۾ داخل ٿيو ھو جتي ھن 6 سال تعليم حاصل ڪئي ۽ 1944ع ۾ کيس سند ملي[9]. مدرسي مان فارغ ٿيڻ بعد سندس ڀاء کيس پاڻ سان خانداني ڌنڌي ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني پر ھن محسوس ڪيو ته سندس تعليم انگريزي ۽ جديد سائنسي علمن کان سواءِ اڻپوري ھئي ان ڪري هن انگريزي سکي ۽ بي شمار ڪتابن جو مطالعو ڪيو[9]. صبح جو لائبريري ويندو ھو ۽ شام جو لائبريري بند ٿيڻ تائين پڙھندو رھندو ھو[9]. کيس پنجن ٻولين ۾ عبور حاصل هو جن ۾ اردو، انگريزي، فارسي، عربي ۽ ھندي ٻوليون شامل ھيون. 1949ع ۾ مولانا وحيدالدين جماعت اسلامي جي مولانا ابوالاعلي مودودي کان متاثر ٿي جماعت اسلامي ھند ۾ شامل ٿيو پر ڪجھ سالن ۾ ھن کي جماعت جي ديني تصور ۾ خاميون نظر آيون جنھن جو اظھار ھن پنھنجي ڪتاب تعبير ڪي غلطي ۾ ڪيو آهي[11]. ان ڪتاب ۾ ھن جماعت اسلامي ۽ ان جي باني جي لاء سخت زبان استعمال ڪئي آهي جنهن جو کيس جماعت اسلامي طرفان پڻ شدت سان جواب مليو[11]. جماعت اسلامي ڇڏڻ بعد ھي کوڙ سال تبليغي جماعت جو حصو رھيو ۽ بعد ۾ 1975ع ۾ ھن انفرادي حيثيت ۾ اسلام جي دعوت ۽ علمي ڪم شروع ڪيو[11].
خدمتون[سنواريو]
مولانا اسلامي مرڪز نيو دهلي جو چيئرمين ھيو. ماھوار ميگزين الرساله جو مدير ھيو ۽ 1967ع کان چ1974ع تائين الجميعه ويڪلي، دھلي جو مدير رهيو. سندس لکڻيون بڻا نسل ۽ مذھبي فرق جي پڙھيون ويون ۽ ۽ سندس سڃاڻپ ھڪ امن پسند واري ھئي. ھن مسلمانن ۽ ٻين مذھبن جي پوئلڳن وچ ھم آھنگي، اسلام متعلق غير مسلمانن ۾ غلطفھميون دور ڪرڻ، مسلمانن ۾ صبر جي تعليم کي عام ڪرڻ کي پنھنجو مقصد بڻايو[12] 1955ع ۾ سندس ڪتاب نَئَي عَھد ڪَي دَروازَي پَر شايع ٿيو جنھن سان سندس ڏاڍي مقبوليت ٿي. ان ڪتاب جي اردو اشاعت سان گڏوگڏ عربي ۾ پڻ ترجمو ٿيو ۽ ان کي عربي يونيورسٽن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو[11]. مولانا جو شمار انھن چند عالمن ۾ ٿيندو آهي جيڪي ديني علمن کان علاوہ سائنس ۽ انگريزي سميت ٻين مغربي علمن ۾ عبور رکندڙ ھيا[11]. ان جي بنيادي موضوعن ۾ مذھبن جو تقابلو، سيڪيولرزم، الحاد وغيره شامل آهن[11].
لکڻيون[سنواريو]
1976ع ۾ ارساله (پيغام) نالي ميگزين شروع ڪيائين جنھن ۾ ھن پنھنجا سمورا مضمون ۽ مقالا شايع ڪيا. فيبروري 1984ع ۾ ان رسالي جي انگريزي ۾ اشاعت ۽ ڊسمبر 1990 ۾ ان جي ھندي ٻولي ۾ پڻ اشاعت جو آغاز ڪيو[13] ان کان سواءِ ھن جي مشھور تصنيفن ۾ اسلام ۾ عورتن جا حق,[14] اسلام ۾ خيرات جو تصور[15] ۽ جھاد جو تصور شامل آهن.[16] مولانا اسلام، پيغمبري حڪمت، گھڻ نسلي سماج ۾ روحانيت ۽ باھمي بقا سان گڏوگڏ سيڪيولرزم ۽ جديديت سان اسلام تعلق جي موضوعن تي 200 کان وڌيڪَ ڪتاب لکيا[17][18]. ان جي ڪجھ ڪتابن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:
- پيغمبر اسلام
- قرآن: ھڪ نئون ترجمو
- مخزن قرآن
- انڊين مسلمس: دي نيڊ فار پازيٽو آئوٽ لڪ
- انٽروڊيوسنگ اسلام: آ سمپل انٽروڊڪشن ٽو اسلام
- اسلام ريڊسڪورڊ: ڊسڪور اسلام فرام اٽس اوريجنل سورسز
- اسلام اينڊ پيس
- اسلام: ڪريئيٽر آف دي ماڊرن ايج
- ورڊس آف دي پرافٽ محمد
- دي اشو آف بليسفيمي
|
|
|
وفات[سنواريو]
مولانا صاحب 96 سالن جي عمر ۾ ڪووڊ 19 وبا جي انفيڪشن ٿيڻ ڪري ڏھ ڏينھن اپولو اسپتال دھلي ۾ داخل رھيو ۽ 22 اپريل 2021ع ۾ بروز اربع شام جي وقت وفات ڪري ويو[19]. کيس بستي حضرت نظام الدين لڳ پنج پيران قبرستان ۾ دفنايو ويو.
حوالا[سنواريو]
- ↑ "All Muslim sects should agree to disagree: Maulana Wahiduddin Khan | Indian Muslims". وقت 15 May 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ http://www.goodword.net/read_quran_online.aspx آرڪائيو ڪيا ويا 3 January 2010 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. A new translation of the Quran by Maulana Wahiduddin Khan
- ↑ "The Muslim 500: Wahiduddin-Khan". حاصل ڪيل 14 April 2020.
- ↑ "Times of India on 22 most influential Muslims in India". حاصل ڪيل 14 April 2020.
- ↑ Tamara Sonn & Mary Williamsburg, (2004), A Brief History of Islam, Blackwell. ISBN 1-4051-0902-5.
- ↑ "Muslim scholar gets Sadhbhavana Award". Sify.com. 20 August 2010. http://www.sify.com/news/muslim-scholar-gets-sadhbhavana-award-news-national-kiuvkdbhgdg.html.
- ↑ "LIVE: Ram Vilas Paswan, Keshubhai Patel, Tarun Gogoi awarded Padham Bhushan". Hindustan Times. حاصل ڪيل 25 January 2021.
- ↑ "Maulana Wahiduddin Khan". وقت 19 September 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 September 2008. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 [https://www.cpsglobal.org › mwk Maulana Wahiduddin Khan | CPS International ] Maulana Wahiduddin Khan
- ↑ "Famed Islamic scholar Maulana Wahiduddin dead - India News". The Times of India. حاصل ڪيل 21 April 2021.
- ↑ 11.0 11.1 11.2 11.3 11.4 11.5 [1] امن کے سفیر‘ مولانا وحید الدین کے انتقال پر تعزیت کا سلسلہ جاری: انڈپینڈنٹ اردو جمعرات 22 اپریل 2021 14:45
- ↑ Maulana Wahiduddin Khan آرڪائيو ڪيا ويا 2008-12-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., CPS Television.
- ↑
"Hijacking - A Crime". وقت 17 August 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ .
"Rights of Women in Islam". وقت 14 February 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑
"The Concept of Charity in Islam". وقت 19 November 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑
"The Concept of Jihad". وقت 18 August 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Profile on The Muslim 500
- ↑
"Maulana Wahiduddin Khan - 17 products available". وقت 25 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Maulana Wahiduddin Khan dies". The Indian Express. حاصل ڪيل 2021-04-22.