ابوالاعليٰ مودودي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
امير
Allamah
شيخ الاسلام
مولانا
سيد ابوالاعليٰ مودودي
सय्यद अबु आला मौदुदी चिश्ती
فائل:Abul ala maududi.jpg
Portrait of Maududi
مذھب اسلام
مڪتبه فڪر جماعت اسلامي
شجرو چشتي ( خواجہ معين الدين چشتي جي اولاد مان )
سلسلو چشتي
ذاتي وضاحت
قومیت برٽش انڊين

(1903–1947)


پاڪستاني (1947–1979)
جنم 25 سيپٽمبر 1903(1903-09-25)اورنگ آباد، مھاراشٽرا (حيدرآباد دکن، برٽش انڊيا)
موت 22 سيپٽمبر 1979 (عمر 75 سال)بفلو، نيويارڪ، يو.ايس.
وڌيڪ ڄاڻ
خطاب جماعت اسلامي پاڪستان جو پھريون امير ۽ امام
شيخ الاسلام
علامہ
سيد
جانشین ميان طفيل محمد
مذهبي زندگي
ويب سائيٽ www.maududi.org
سيد ابوالاعليٰ مودودي چشتي

لاھور ۾ پنھنجي گھر ۾ مولانا جي قبر
قابل احترام جماعت اسلامي، مسلم ڀائيچارو
اهم مزار مولانا جي قبر

سيد ابوالاعليٰ مودودي(انگريزي: Syed Abul A'la Maududi Chishti) 25 سيپٽمبر 1903(1903-09-25) – 22 سيپٽمبر 1979(1979-09-22))ھڪ پاڪستاني عالم، مسلم فلاسافر، اسلامي اصول قانون جو ماھر، مذھبي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ قرآن جو مفسر ھيو.[1]ھن قرآن ، حديث، اسلامي قانون۽ تاريخ تي ڪيترائي بھترين ڪتاب اردو ۾ لکيا. [2] جن جا انگريزي، ھندي، بنگالي، تامل، برمي ۽ عربي ۾ ترجما ٿيا [3] ھن اسلام کي زندہ رکڻ لاءِ پوري وقف ڪئي[4] جيڪو ھن سمجھيو ان جي تبليغ ڪئي .[5] ھن جو يقين ھيو تہ سياست لاءِ اسلام لازمي آھي ۽ شريعت جو نفاذ ۽ اسلامي ثقافت جي حفاظت لازم آھي جن کي سوشلزم، قومپرستي، سيڪيولرزم جي براين کان متاثر ٿيڻ جو خدشو ھيو .[6]ھي ھندستان جي اندر جماعت اسلامي جو باني ھيو جيڪا تقسيم ھند کان اول ايشيا جي سڀ کان وڏي اسلامي تنظيم ھئي .[7] ھن جي پارٽي پاڪستان م اسلامي رياست جي قيام لاء شروعات ڪندڙ ھئي [8]جماعت اسلامي لاءِ مشھور آھي تہ ان جنرل ضياءالحق جي اسلامائزيشن ۽ شريعت کي متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي [9]

ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر[سنواريو]

سید ابوالاعلٰی مودودي جي ابن ڏاڏن ۾ ھڪ بزرگ خواجه قطب الدين مودود مشھور ھيو جيڪو چشتي ھيو ۽ خواجہ معين الدين چشتي اجميري جو شيخ الشيوخ ھيو ان جي ئي خاندان مان ھجڻ ڪري مولانا جو خاندان مودودي سڏجڻ لڳو.سندس گھراڻو مڪمل مذھبي ھيو. ھن پنھنجي زندگي جي شروعاتي يارھن سالن م تعليم ۽ تربيت گھر ۾ ئي پنھنجي والد کان حاصل ڪئي بعد ۾ کيس مدرسہ فرقانیہ اورنگ آباد ۾ سڌوسنئون اٺين جماعت ۾ داخل ڪرايو ويو. 1914 ۾ ھن مولوي جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت سندس پيءُ اورنگ آباد مان حيدرآباد دکن لڏي چڪو ھو جتي کيس مولوي عالم جي جماعت ۾ داخل ڪرايو ويو. ان وقت دارالعلوم جو صدر مولانا حميد الدين فرابي ھيو جيڪو مولانا امين احسن اصلاحي جو بہ استاد ھيو.مولانا والد جي وفات جي ڪري رڳو ڇھ مھينا تعليم حاصل ڪري سگھيو.ان وقت ھن کي لکڻ جي خدادد صلاحيت ھئيان ڪري ھن قلم کڻي پنھنجا خيال ماڻھن تائين پھچائڻ کي پنھنجو معاشي ذريعو بنايو اھڙي طرح ھن عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. ھن ڪجهه اخبارن م مدير جي عھدي تي ڪم ڪيو جن ۾ اترپرديش جي اخبار ۾ مدينہ ، جبل پور جي تاج ۽ دھلي مان جميعت اسلام جي نڪرندڙ اخبار روزنامہ الجميعت خاص طور تي شامل ھيون. 1925 م جڏھن جميعت علماءِ ھند ڪانگريس سان گڏ ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته مولانا احتجاج ڪندي اخبار جي ادارت کي ڇڏي ڏني. مولانا محمد علي جوھر نے جامع مسجد دھليءَ ۾ تقریر ۾ چيو ھو تہ ڪاش ڪو شخص اسلام جي جھادي مسئلي جي پوري وضاحت ڪري تہ جيئن ان متعلق ڦھلائجندڙ غلط فھميون ختم ٿي سگھن. جنھن تي سید مودودی الجہاد فی الاسلام' جي نالي سان ھڪ ڪتاب لکيو . ان وقت سندس عمر 24 سال ھئي. ھن جي ان ڪتاب لاءِ علامہ اقبال لکيو ھو تہ

" اسلام جي جھادي نظريي ۽ ان جي صلح ء جنگ جي قانون تي ھڪ بھترين تصنيف آهي ۽ مان ھر صاحب علم ماڻھو کي مشورو ڏيان ٿو تہ تہ ان ڪتاب جو مطالعو ڪري"

— علامہ اقبال

"الجمعیۃ" جي ادارت ۽ اخبارنويسي ڇڏي مولانا حيدرآباد دکن ۾ آيو جتي پنھجي رھائش جي دؤر۾ مختلف ڪتاب لکندو رهيو ۽ 1935 ۾ "ترجمان القرآن" جي نالي سان رسالو جاری ڪيائين.ساڳي سال"پردہ" جي نالي سان اسلام ۾ پردي جي حمايت تي مشھور ڪتاب لکيائين جنھن م يورپ کان متاثر ٿيندڙن جي اسلامي پردي تي ڪيل اعتراضن جو جواب ڏنائين ان کان علاوه "تنقیحات" ۽ "تفھیمات" جھڙا مضمون لکيائين جن ذريعي تعليم يافتہ مسلمانن ۾ فرنگي تھذيب جو اثر ختم ڪيو. ھن ترجمان قرآن ذريعي ھڪ اسلامي جماعت جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ۽ ان لاءِ ترجمان القرآن ۾ مضمون لکيا. ان سان اتفاق رکندڙ ماڻهو 26 آگسٽ 1941ء تي لاھور ۾ گڏ ٿيا ۽ جماعت اسلامي نالي ھڪ جماعت قائم ڪيائون. ان جي قيام وقت سموري ھندوستان مان 75 ڄڻا شامل ٿيا ھئا جن مولانا کي جماعت جو سربراھ چونڊيو ھو. پاڪستان جي قيام بعد مولانا پاڪستان ھليو آيو ۽ آڪٽوبر 1948 م اسلام جي نفاذ جي مطالبي ڪرڻ جي ڪري گرفتار ٿي ويو. سندس گرفتاري کان پھريان جماعت اسلامي جون اخبارون "ڪوثر"، جھان نو ۽ روزنامہ "تسنیم" تي بہ بندش وڌي وئي. کيس 20 مھينن بعد 1950 ۾ آزاد ڪيو ويو.جيل ۾ "مسئلہ ملڪیت زمین" مرتب ڪيائين ، "تفھیم القرآن جو مقدمو لکيائين، حدیث جي ڪتاب "ابو داؤد" جي فھرست تيار ڪيائين "سود" ۽ "اسلام اور جدید معاشی نظریات" نالي ڪتاب لکيائين. 1953ء ۾ سید مودودي "قادیانی مسئلہ" جي نالي سان ڪتابڙو لکيو جنھن تي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ فوجي عدالت ۾ مقدمو ھلائي کيس موت جي سزا ڏني وئي جنھن تي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر شديد ردعمل سامهون آيو مصر جي اسلامي جماعت اخوان المسلمون جي رهنما علامہ حسن الھضیبي، ڪابل مان علامہ نور المشائخ المجددي، فلسطین جي مفتي اعظم الحاج محمد الحسیني کان علاوہ الجزائر ۽ انڊونیشیا جي عالمن حڪومت پاڪستان سان رابطو ڪري سید مودودي جي موت جي سزا جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. دمشق ۾ ان جي سزا جي خلاف مظاهرو ڪيو ويو. آخرڪار حڪومت سندس موت جي سزا کي 14 سالن جي سزا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٻہ سال ۽ يارھن مھينا جيل م رھڻ بعد عدالت سندس سزا ڪلعدم قرار ڏئي ڇڏي اھڙي طرح آزاد ٿي ويو. مسلسل صحت جي خرابي جي ڪري ھن 4 نومبر 1972 ۾ جماعت اسلامي جي امارت کان علحده ٿي ويو اھڙي طرح 31 سال، 2 مھينا ۽ 8 ڏينھن تائين پارٽيءَ جو امير رھيو. ان عھدي تان فارغ ٿيڻ بعد ھن سموري توجھ تصنیف ۽ تالیف جي ڪم کي ڏني خاص طور تي تفھيم القرآن جي ڇپائي، اشاعت ۾ اضافي کي ڏني.

مولانا صاحب 1956ء کان 1974ء تائين دنيا جي مختلف حصن جا سفر پڻ ڪيا ۽ انھيء دوران ھن قاھرہ، دمشق، امان، مڪي، مديني، جدي، ڪويت، رباط، نيويارڪ، استنبول، لنڊن، ٽورنٽو کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين بين الاقوامي مرڪزن ۾ ليڪچرر ڏنا ۽ ڏھن عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت پڻ ڪئي. 1959ء ۽ 1960ء ۾ قرآن پاڪ ۾ ذڪر ڪيل مقامن جي جاگرافیائی ڪیفیت جو مشاهدو ڪرڻ لاء سعودي عرب، اردن، ( یروشلم سميت) شام ۽ مصر جو تفصیلي مطالعاتي دورو ڪيو. کيس مدینہ یونیورسٽي جي قیام جي سلسلي ۾ دعوت ڏني وئي هئي ۽ 1962ء کان ان يونيورسٽي جي قیام تائين ان جي اڪیڊيمڪ ڪائونسل جو رڪن رھيو. ۔پاڻ رابطہ عالم اسلامي فاؤنڊیشن ڪمیٽي جو پڻ رڪن ھيو. اڪيڊمي آف ریسرچ آن اسلامڪ لا مدینہ جو بہ رڪن ھيو

سندس ڪتابن جا عربي، انگریزي، فارسي، ترڪي، بنگالي، جرمن، فرانسیسي، ھندي، جاپاني، سواحلي، تامل، تیلگو سمیت 22 ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ان کانسواءِ مدینہ یونیورسٽي، ریاض، سوڊان، مصر ۽ ٻين کوڙ ملڪن ۾ ھن جا ڪتاب تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن

1979ء ۾ سید مودودي کي گردن ۽ دل جي تڪليف ٿي پئي جنھن لاء آمريڪا ۾ پنھنجي ھڪ ڊاڪٽر پٽ وٽ علاج خاطر وڃي رھيو جتي سندس آپريشن پڻ ٿيا. 22 سيپٽمبر 1979 م 76 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سندس پھريون جنازو بفيلو، نيويارڪ رياست ۾ پڙھيو ويو جنھن بعد سندس جسم پاڪستان آندو ويو جتي قذافي اسٽيڊيم ۾ قطر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ اخوان المسلمون، شام جي اڳوڻي صدر علامہ يوسف القرضاوي سندس جنازو پڙھيو.

سندس ڪتاب[سنواريو]

مولانا سید ابو اعلی مودودی جي لکيل ڪتابن ۾ ھيٺيان ڪتاب شامل آهن:

  • تفہیم القرآن (6 جلدیں)
  • تفہیمات (5 جلدیں)
  • رسائل و مسائل (5 جلدیں)
  • سیرت سرور عالم صلی اللہ علیہ و آلہ وسلم (2 جلدیں)
  • پردہ
  • الجہاد فی الاسلام
  • تنقیحات
  • مسئلہ قومیت
  • خطبات
  • دینیات
  • شہادت حق
  • دین حق
  • سلامتی کا راستہ
  • بناؤ اور بگاڑ
  • اسلام اور جاہلیت
  • اسلام کا اخلاقی نقطۂ نظر
  • تحریک اسلامی: کامیابی کی شرائط
  • اسلام کا نظام حیات
  • اسلام

انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا ڇاٿي ٻڌائي[سنواريو]

انساڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق هن باضابطه -تعليم- صرف مئٽرڪ تائين حاصل ڪئي، پر محنت ۽ ذهانت سبب عربي، فارسي، -اردو- ۽ -انگريزي- ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين. سترهن سالن جي ڄمار ۾ صحافتي زندگيءَ جي شروعات -اخبار- ’مدينه‘ کان ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1921ع کان 1923ع تائين، -جمعيت العلماءِ هند- جي -اخبار- ’مسلم‘ ۽ ’الجمعية‘ جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو. -ان- وچ ۾ -تحريڪ خلافت- ۽ ٻين تحريڪن ۾ حصو وٺندو رهيو. ملازمت ۽ سياسي سرگرمين سان گڏوگڏ حديث، فقه، -تفسير-، فلسفي ۽ منطق جو مطالعو پڻ ڪندو رهيو. 1928ع ۾ ’الجمعية‘ جي ادارت -ترڪ- ڪري، حيدرآباد دکن هليو ويو، جتان بعد ۾ 1932ع ڌاري ماهنامه ’ترجمان القرآن‘ -جاري- ڪيائين. بعد ۾ پنجاب آيو ۽ 26 -آگسٽ- 1941ع تي، لاهور ۾ ’جماعت اسلاميءَ‘ جو بنياد وڌائين، -ان- کان پوءِ -پٺاڻ- ڪوٽ وڃي ’دارالاسلام‘ قائم ڪيائين. 1947ع ۾ لاهور پهچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. 1953ع ۾ ختم نبوت جي تحريڪ هلي، ته ڪتاب ’قادياني مسئله‘ لکڻ تي فوجي عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي، اُن فيصلي خلاف وڏا اجتماع ٿيا ۽ جلسا جلوس ڪڍيا ويا. نتيجي طور سندس موت جي سزا، عمر قيد ۾ بدلجي ويئي، تڏهن به -ٽن- سالن جي قيد ڪاٽڻ کان پوءِ، آزاد ٿيو. 6 -جنوري- 1964ع تي مولانا ٻيهر گرفتار ٿيو ۽ سپريم ڪورٽ جي حُڪم تي وري آزاد ٿيو. 1970ع ۾ جماعت اسلاميءَ -تان- استعيفا ڏئي، سياست کان گوشه نشين ٿي ويو. مولانا مودوديءَ جي تصنيفن جو تعداد، پنجاهه کان وڌيڪ آهي. دينيات، -تاريخ-، سياسيات، عمرانيات، قانون، ادبيات، معاشيات ۽ حديث جي موضوعن تي لکيل سندس تصنيفون قابلِ ذڪر آهن. سندس قرآن پاڪ جو -تفسير- ’تفهيم القرآن‘ تمام گهڻو مشهور آهي. هن 25 ڊسمبر 1979ع تي وفات ڪئي. [10]

حوالا[سنواريو]

  1. Zebiri, Kate. Review of Maududi and the making of Islamic fundamentalism. Bulletin of the School of Oriental and African Studies, University of London, Vol. 61, No. 1.(1998), pp. 167–168.
  2. Abdullah Saeed, Islamic Thought: An Introduction, Routledge (2006), p. 145
  3. Adams, Maududi and the Islamic State 1983, p. 99
  4. Nasr, Mawdudi and Islamic Revivalism 1996, p. 140
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named SVRN1996: 138
  6. Nasr, Mawdudi and Islamic Revivalism 1996, p. 49
  7. Martín, Richard C. (2004). Encyclopedia of Islam & the Muslim World. Granite Hill. p. 371. ISBN 978-0-02-865603-8. 
  8. Adams, Charles J. (1983). "Mawdudi and the Islamic State". in Esposito, John L.. Voices of Resurgent Islam. New York: Oxford University Press. p. 99. "Mawdudi was, until his death in 1979, but especially to the time of his resignation as amir of the Jamaat- i-Islami in 1972, the best known, most controversial, and most highly visible of all the religious leaders of the country." 
  9. Devichand, Mukul (10 November 2005). "How Islam got political: Founding fathers". BBC News. http://news.bbc.co.uk/2/hi/4424208.stm. Retrieved 8 November 2014. ""Maududi made plenty of enemies in his lifetime – but his most significant domestic impact came after his death. Pakistan's military ruler General Zia Ul-Haq put some of Maududi's ideas into practice in 1979, turning Islamic sharia-based criminal punishments into law."" 
  10. ابوالاعليٰ مودودي : (Sindhianaسنڌيانا)