مواد ڏانھن هلو

مسرور پيرزادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مسرور پيرزادو
Masroor Pirzado
ڄمڻٻلهڙيجي، ڏوڪري تعلقو، لاڙڪاڻو ضلعو
پيشوشاعر
وٽنري ڊاڪٽر
ٻوليسنڌي
رهائشڪراچي
قوميتپاڪستاني
تعليمD. V. M جي ڊگري
مادرِ علمسنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
دورهاڻوڪو
موضوعشاعري

مسرور پيرزادو (انگريزي ٻولي:Masroor Pirzado) سنڌ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو جديد شاعر آهي.[1]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

مسرور پيرزادو جو ڇٺيءَ جو نالو گذار علي آهي. سندس پيءُ جو نالو محمد سليمان پيرزادو ۽ امڙ جو نالو بهشت خاتون آهي. هم 15 مئي 1976ع تي ڪراچيء جي جناح اسپتال ۾ جنم ورتو. ڪراچي ۾ وٽنري ڊاڪٽر طور ڪم ڪري ٿو.[2]

تعليم

[سنواريو]

هن شروعاتي تعليم لاڙڪاڻو ضلعو، ڏوڪري تعلقو جي قديم ڳوٺ ٻلهڙيجي (حاجي لعل بخش شيخ) ۾ حاصل ڪئي. پوءِ مڊل اسڪول موهن جو دڙو ۾ ڇهين کان اٺين تائين پڙهيو. هن نائين جماعت کان ٻارهين جماعت تائين تعليم ڏوڪري شهر جي هاءِ اسڪول ۾ ورتي. انٽي به ڏوڪري ڪاليج م پڙهيو۔ هن ڊي وي ايم جي ڊگري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان حاصل ڪئي۔[2]

ادبي سفر

[سنواريو]

مسرور پيرزادي شاعري جي شروعات يونيورسٽي واري زماني ۾ ڪئي. سندس شاعري معياري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهي. سندس شاعري ۾ موزونيت ۽ فڪري عنصر موجود آهي، جنهنڪري ادبي حلقي ۾ هن مڃتا ماڻي ورتي آهي. هن غزل جي صنف تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ان ۾ جدت جو عنصر پڻ وڌيڪ ملي ٿو. هن مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ چئنلن تي صحافي ۽ ڪمپيئر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. سندس اردو ۾ سنڌيءَ ۾ ڪالم پڻ ڇپيل آهن.[2][3][4][5]

ڪتاب

[سنواريو]
  •  چاندني تو سوا نہ ٿيندي ،شاعري ، 2001ع[6]
  • سُرور ، شاعري ،2008ع
  •  منفرد، شاعري، 2014ع[7]
  •  سپون سوجهي ڪڍيون، شاعري، 2016ع[8]

حوالا

[سنواريو]
  1. Tribune.com.pk (2013-03-05). "Writer Amar Sindhu teaches women to dream with eyes open". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2020-04-29 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 3 "شاعريءَ جو جرڪندڙ ستارو مسرور پيرزادو". SindhSalamat. 2020-04-29 تي حاصل ڪيل.
  3. "موهن جو دڙو ڀرسان اڄ "ٻلهڙيجي ڪانفرنس" ٿيندي -". 2020-04-29 تي حاصل ڪيل.
  4. Sindhipeoples (2017-09-05). "سنڌي شخصيتون: مسرور پيرزادو". سنڌي شخصيتون. 2020-04-29 تي حاصل ڪيل.
  5. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Dec/11-12-2016/Page2/P2-30.htm. 2020-04-29 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)
  6. چاندني تو سوا نه ٿيندي. اصل نسخو مان 2021-09-18 تي محفوظ ڪيل. 2020-04-29 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2021-09-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  7. "Books Written by Masroor Perzada – Punjnud.com". www.punjnud.com. 2020-04-29 تي حاصل ڪيل.
  8. سِپُون سُوجهي ڪڍيون. اصل نسخو مان 2021-09-25 تي محفوظ ڪيل. 2020-04-29 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2021-09-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.