زمرو:تعليم

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ايڪويهين صديءَ جون تعليمي تقاصُائون

جڏهن اسان تعليم ۽ ايڪويهين صديءَ جي چئلينج جي ڳالهه ڪريون ٿا ته سڀ کان پهريائين هن ڳالهه جو جائزو وٺڻ کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون ته پوين صدين ۾ اسان ڇا حاصل ڪري ۽ ڇا وڃايو آهي. جيڪڏهن ان جائزي ۾ اسان وڃائڻ کان وڌيڪ حاصل ڪيو آهي ته پوءِ اسان کي اڳئين صديءَ ۾ پير پائڻ وقت گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ڪونه پوندو، پر جيڪڏهن ڳالهه ان جي ابتڙ آهي ته پوءِ صورتحال نهايت سنگين آهي، جنهن لاءِ قوم کي انقلاب مان گذرڻو پوندو آهي. انقلاب جو نالو وٺندي ئي اسان جي ذهنن ۾ مار ڌاڙ، خون خرابي ۽ هر شيءِ کي مٽائي نئين اڏاوت جو تصور ذهن ۾ ڦري ٿو اچي. حالانڪه ڳالهه ايئن ڪونهي. اسان وٽ انقلاب جي عمل جي باري ۾ گهڻين غلط فهمين ماڻهن کي ان کان ٽهائي رکيو آهي ۽ ان ٽاهه جي تسلسل هاڻي ته ماڻهن جي ذهن تان ان جو تصور به گهڻي قدر ميساري ڇڏيو آهي. حقيقت هي آهي ته انقلاب پنهنجي مخصوص عملي دائري سبب پنهنجي نوعيت ۾ هڪٻئي کان الڳ رهندا آيا آهن سياسي، اقتصادي، سماجي، تعليمي، سائنسي، فڪري ۽ ذهني انقلاب وغيره. اهو تصور بلڪل غلط آهي ته ڪنهن به قسم جو انقلاب پوين سڀني شين کي بلڪل ڊاهي ڇڏيندو آهي ، بلڪه ٿيندو ايئن آهي ته جيڪي شيون به انقلاب ۾ ڊهڻ جهڙيون هونديون آهن انقلاب انهن کي ڊاهيندو آهي ۽ جيڪي شيون انقلاب جي ان عمل ۾ رڪاوٽ نه ٿيون بڻجن يا ايندڙ تبديليءَ لاءِ ڪي به ناڪاري اثر نٿيون رکن ته انهن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويندو آهي. اسان ڳالهه پنهنجي تعليمي نظام جي پوئين دور جي جائزي وٺڻ جي ڪري رهيا هئاسون. انهيءَ جائزي لاءِ ڪا ڊگهي ڪاوش ڪرڻ جي ضرورت اسان کي هن ڪري به محسوس نٿي ٿئي جو موجوده تعليمي حالت جي حوالي سان ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي. سنڌي سماج جي سڀني طبقن جو انهيءَ تي اتفاق آهي ته هينئر اسان جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، بلڪه ان کان اڳتي هي به تاثر آهي ته تباهي اهڙي پَدَ تي پهچي چڪي آهي جو موجوده حالتن ۾ ان جو هئڻ يا نه هئڻ برابر جي ڳالهه آهي ۽ ڪن حالتن ۾ ان تعليم جو موجوده نظام اسان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي. هن مختصر نشست ۾ تعليمي نظام جي موجوده تباهيءَ جي منظر کي پيش ڪرڻ کان وڌيڪ اهميت هن ڳالهه کي ٿا ڏيون ته ان جا ڪارڻ جاچيون. جڏهن اسان ڪارڻن تي ٿا اچون ته گهڻ رخا ڪارڻ اسان جي سامهون ڪر کڻي بيهن ٿا. انهن مان هڪڙا ته سڌا سنوان ڪارڻ آهن ۽ ٻيا اڻ سڌا. جيستائين انهن ڪارڻن جي خطرناڪ ۽ سنگين هئڻ جو تعلق آهي ته ان ۾ ٻنهي قسمن جا ڪارڻ هڪ جيترا سنگين آهن، بلڪه ڪنهن حد تائين اڻ سڌا ڪرڻ اسان جي تعليمي سرشتي کي وڌيڪ تباهه ڪندا رهيا آهن جو اسان انهن کي سڌو سنئون ڪڏهن خطرناڪ محسوس ڪيو ئي نه آهي. مختصر طور تعليم جي تباهيءَ جا سڌا سنوان ڪارڻ هي سامهون بيهن ٿا: 1- تعليمي نظام کي هلائڻ جو اهم رول اسٽيٽ (رياست) جو ٿئي ٿو، پر هتي معاملو هي آهي ته پاڪستان جي سياسي سرشتي ۾ سنڌ جو سماج نظري توڙي عملي طرح هميشه عتاب هيٺ رهيو آهي ۽ سنڌي سماج ڏانهن اسلام آباد جو رويو پنهنجائپ وارو ناهي. 2- اسلام آباد، سنڌ ۾ هميشه مقامي اقتدار ڳولي ڳولي صرف اهڙين ڌرين جي حوالي ڪيو آهي جيڪي دلالپ وارو ڪردار ادا ڪن. نتيجي ۾ مقامي اقتدار جون سڀ صلاحيتون ان دلالپ جي فرض نڀائڻ تي صرف ٿينديون رهيون آهن. انهيءَ ڪري امن، تعلي، صحت توڙي ٻين شهري سهولتن کي هميشه نظر انداز ڪيو پئي ويو آهي. 3- تعليمي نصاب ۽ پاليسيءَ ۾ تعليم کي انساني سوسائٽيءَ کي اعلى درجن تي پهچائڻ جو ذريعو بنائڻ بجاءِ، ڪلارڪن ۽ آفيسرن جي اهڙي وڏي لوڌ کي تيار ڪرڻ جي مقصد کي سامهون رکيو ويو آهي جيڪا انگريزن پنهنجي اقتدار واري دور ۾ هڪ غلام جي صورت ۾ پيدا ڪرڻ چاهي پئي. هي ته آهن اهي سڌا سنوان اسباب جيڪي اسان جي تعليمي نظام جي تباهيءَ جو هيستائين ڪارڻ رهيا آهن. جيستائين اڻ سڌن ڪارڻن جو تعلق آهي ته انهن لاءِ آءٌ اڳ ۾ به عرض ڪري چڪو آهيان ته اهي نه صرف سڌن سنون ڪارڻن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي تعليمي تباهي ۾ شريف رهيا آهن بلڪه ڪنهن حد تائين انهن جي سنگيني اڃا به وڌيڪ شدت سان آهي. انهيءَ حوالي سان سڀ کان وڏو ڪارڻ اسان جي اجتماعي ويڳاڻپ آهي. سنڌي قوم هڪ وڏي عرصي کان فڪري ويڳاڻپ جو شڪار آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اها ويڳاڻپ گهڻو ڪري لاشعوري هئي يعني جيترو انگريزن چاهيو پئي اوترو اسان اڻڄاڻائيءَ ۽ غفلت ۾ پاڻ سڃاڻڻ ۽ سماج سان سلهاڙيل رهڻ جي سوچ کان وانجها ٿيندا وياسين. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اها ويڳاڻپ شعوري شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. هي بحث تمام ڊگهي تفصيل جي تقاضا ڪري ٿو ليڪن هتي ان جي رڳو ايتري بيان جي بيحد ضرورت آهي جنهن سان ان مسئلي جي چٽائي سامهون اچي. انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ هتي تصوف جي تعليمي ۽ تربيتي نظام ۽ مڪتب جي تعليم ذريعي مشرقي روايتن جون سڀ خصوصيتون جوڀن تي هيون. عزت نفس، وسعت نظري، قلب جو اطمينان، صبر ۽ ڌيرج، قناعت ۽ اڪتفا، نيازمندي ۽ عاجزي، توڪل ۽ اعتماد، نوڙت ۽ انڪساري، مردانگي ۽ بهادري، سچائي ۽ خلوصُ، سخاوت ۽ فياضي، پاڪدامني ۽ پاڪبازي، شرم ۽ حياء، امانت ۽ ديانتداري، عدل ۽ احسان جون خوبيون جهڙي نموني هتي اتم درجي تي موجود هيون ۽ انهن جي پرچار ڪئي ويندي هئي، تنهن جا باقي ٻين هنڌن تي ڪي ٿورا مثال ملندڙ هئا. انگريزن هتي اچڻ کانپوءِ امير طبقن کي پنهنجو دلال بنائڻ جو ڪلچر رواج ۾ آندو. هنن سموري هندستان وانگر سنڌ ۾ به پاڻ سان گڏ آندل اهڙي نئين تعليمي نظام کي رائج ڪيو، جيڪو حاڪمن پاران غلامن جي لاءِ ”حقارت گاڏڙ تحفي“ جي طور تي عطا ٿيو ۽ ان جو مقصد پنهنجي حاڪماڻي تسلط کي برقرار رکڻ لاءِ مددگار ايجنٽ، ڪلارڪن ۽ آفيسرن جو هڪ طبقو پيدا ڪرڻ هو. جيئن جيئن ان تعليمي ۽ تربيتي نظام جون جڙون مضبوط ٿينديون ويون تيئن تيئن اخلاقيات، ماڻهپي ۽ روايتن جو اهو شاندار مشرقي وزڊم مجروح ٿيندو ويو. ۽ ان کي لتاڙڻ جي لاءِ اٽڪل ڏيڍ صديءَ جو هيڏو سارو عرصو ٿورو ته ڪونه هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ تعليمي نظام جا بنياد، طريقي ڪار ۽ نصاب ساڳيا رهيا. انهيءَ ڪري سواءِ انهن ماڻهن جي جن کي گهرو ۽ خانداني زندگي ۾ فضيلت ۽ سچيتائيءَ جو ماحول ۽ سبق ملندڙ هئا، باقي اهڙو طبقو لڳاتار پيدا ٿيندو رهيو جن لاءِ اڪبر اله آباديءَ چيو هو ته: بي – اڳ ڪڳيا، نوڪر هوئڳ، پينشن ملي اور مر گئڳ انهيءَ عرصي ۾ هي به ٿيو ته سنڌي سماج ۾ تعليمي ۽ فڪري سڌاري جي ڪي قدر فڪرمندي به سامهون آئي ليڪن ان وقت ڇاڪاڻ جو يورپي ترقيءَ جي مادي خوبصورتين اسان جي انهن فڪرمند ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو هو ان ڪري هو سنڌي سماج جي روايتن، ماڻهن جي نفسيات، طبعي لاڙن ۽ ضرورتن کي نظرانداز ڪري پنهنجي علميت ۽ قابليت جي ”شاندار“ مظاهري طور مغربي تهذيب جي مظاهرن کي جيئن جو تيئن قبولڻ جا مبلغ بڻجي ويا. هنن مغربي تهذيب ۽ مشرقي تهذيب جي هن بنيادي فرق کي به سامهون نه رکيو ته مغربي تهذيب انسان جي تخليق کي رڳو ”حيواني“ تسليم ڪري ٿي ۽ اصرار ڪري ٿي ته انسان رڳو حيواني تقاضائن جو حامل آهي ۽ سندس موجوده هيئت پڻ حيوان جي ارتقائي شڪل آهي. انسان جي هيئت ۽ تخليق متعلق اهڙي حيواني تصور جي عقيدي جي ڪري انسان سان پوءِ جيڪي به رويا اختيار ٿين ٿا سي انهيءَ نفسياتي پسمنظر ۾ سامهون اچن ٿا. هيڏانهن مسلمانن جي تعليم مطابق انسان الله جو پرتوو آهي. جنهن لاءِ الله چئي ٿو ته مان ان کي پنهنجي هٿن سان خلقيو ۽ پوءِ ان کي اهو سڀ ڪجهه سيکاريم جيڪو کيس نه پئي آيو. انساني تخليق جي هيڏي شرف واري تصور ۾ انسان سان جيڪي رويا اختيار ٿين ٿا تنهن جي مثالي شڪل خاص ڪري صوفين جي تعليم سڄي انساني دنيا تي بي مثال اثر ڇڏيا آهن. مغربي تهذيب جي ڪيترين به خوبين کي سامهون رکو ليڪن هيءَ مڃيل حقيقت آهي ته انساني شرف ۽ انسان لاءِ ابديت واري زندگيءَ جي تصور جي ڪمي ان تهذيب کي پاڻ الائي ڪيترين مشڪلاتن مان گذاريو ۽ پريشان ڪيو آهي. مان اها ڳالهه وثوق سان چوان ٿو ته اتان جي سوسائٽي انساني مسئلن ۾ هتان کان وڌيڪ تجربن مان گذري آهي، ليڪن انهن سڀني تجربن جي نتيجي ۾ هو زندگي گهارڻ جا رڳو ميڪانڪي طريقا سولا بڻائي سگهيا آهن ۽ انسان ذات جي همه گير ۽ عظيم آدرشن ۽ ابديت واري فڪر جي رازن کان وانجها آهن. بيشڪ، ان سماج ۾ صدين جي هٿوراڙين کانپوءِ رواج ۾ آيل ڪاروبار ۾ ايمانداري، معاملن ۾ سٿرائي، عهد جي پابندي، فرض شناسي، وقت جي پابندي، وطن پرستي ۽ اجتماعيت جي احساس جهڙا گڻ انسان لاءِ قابل قدر آهن ليڪن محبت جي پاڪ صاف ۽ مادي مصلحتن کان مٿانهين قدر، شرم ۽ حياءَ، پاڪدامني، ادب ۽ شفقت، هڪٻئي لاءِ ايثار ۽ الفت، ڪٽنب پروري، نرم دلي، ٻين جي حقن جي لحاظ کان سواءِ انسانيت جا آدرش اڻپورا ٿا لڳن. وري ڳالهه صرف جيڪڏهن مغربي تهذيب جي هر ڳالهه ۾ اکيون ٻوٽي تقليد ڪرڻ تائين محدود هجي ها ته به خير هو. ليڪن انهن سڌڙين عاشقن مورڳو ئي هتي مسلمانن جي تهذيب ۽ اسلامي فڪر جي خلاف پڻ بغاوت جو جهنڊو اڀو ڪيو. مسلمانن جي اندر رجعت پسند ڌرين جي ڳالهين ۽ طريقي کي آڙ بڻائي اسلامي فڪر کي ته بلڊوز ڪيو ئي پئي ويو ليڪن الله، ان جي رسول ۽ قرآن کي به معاف نه ڪيو ويو. حالانڪه الله صرف مسلمانن جو خدا نه هو. رسول پوري انسانيت لاءِ رحمت ۽ چڱائيءَ جو پيغمبر هو ۽ قرآن مجيد انساني ڀلاين جو سڀ کان وڏو ۽ آخري الهامي، فطري ۽ پريڪٽيڪل دستاويز هو. گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي انهن عاشقن پنهنجي سرڪشي ۽ ضديت ۾ گهٽايو ڪونهي. اسان جوعلم، اسانجو ادب، اسانجون محفلون ۽ مجلسون اسانجون ڪچهريون ۽ فنڪشن اسان جا تعليمي ادارا، اسانجا سبق ۽ اسان جي تربيت سڀ ان کان متاثر ٿيا آهن. ٽيهن سالن جي اندر ان جو لاڀ اسان جي سامهون هن صورت ۾ موجود آهي ته اسان جو نوجوان هن وقت ويڳاڻپ جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جتان نڪرڻ جي کيس ڪا واٽ نٿي سجهي. سياسي طور تي اسانجو اقتدار اسان جي هٿ ۾ ڪونهي. سماجي طور تي ڪو منظم نظام ڪونهي، تعليمي نظام کان سڀ بيزاريءَ جو اظهار ڪريون ٿا. پنهنجي مستقبل جي باري ۾ اڻ تڻ جو شڪار آهيون. تمدني نظام جي تباهي انهيءَ شڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته ڇا موهن جو دڙو اسان سنڌين جو ورثو آهي يا ان کي ڪنهن ٻئي خطي مان زمين جي چڪي پٽي منتقل ڪيو ويو آهي! تعليم جي تباهيءَ جي حوالي سان مٿي بيان ڪيل پويون بالواسطه ڪارڻ باقي ٻين سڀني ڪارڻن جو بنياد آهي. استادن جي غير ذميواري، والدين جي بي توجهي، ماڻهن جي غفلت ۽ اياڻائي ۽ اهڙا جيڪي به ٻيا سبب ٿي سگهن ٿا انهن جي پٺيان محرڪ خدا کان اسان جي شعوري ۽ لاشعوري لاتعلقي ۽ ان جي نتيجي ۾ زندگيءَ لاءِ ڪنهن به ضابطي جو پابند نه هئڻ جي صورتحال آهي ۽ اهو ئي اڄوڪي سنڌ جو سڀ کان وڏو بحران آهي. انهيءَ ڪري اسان جڏهن ايڪويهين صديءَ لاءِ تعليم جي تياري جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پوءِ اسان کي پوئين عرصي ۾ پنهنجي سماج جي هن سڀ کان وڏي گهوٽالي جو تدارڪ ڪرڻو پوندو. هيءَ ئي اڪيلي وٿ آهي جنهن سان اسان ويڳاڻپ ۽ بي راهه روي ختم ڪري بي نشان منزل واري سفر جي پڄاڻي ڪري سگهون ٿا. هيءَ ئي وٿ آهي جنهن سان خود اسان تعليمي تباهيءَ جي سڌن سنون ڪارڻن کي منهن ڏيڻ جي لائق بڻجي سگهون ٿا. اسان جي ذهنن کي ڪا ڌاري قوم يا ڪو مرڪز ايستائين غلام بڻائي رکي سگهي ٿو جيستائين اسان پنهنجي ڳچين ۾ غلامين جا اهڙا طوق وجهڻ تي خار نٿا کائون. غلاميءَ تي خار کائڻ جو عمل تڏهن شروع ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن وڏي مقصد لاءِ آزديءَ سان جيئڻ جو احساس پيدا ٿئي. ايڪويهين صديءَ ۾ تعليم جي حوالي سان جڏهن اسان ڳالهه ڪريون ٿا ته سائنسي تعليم جو سڀ کان اهم موضوع اسان جي سامهون اچي ٿو. ليڪن سائنس جي باري ۾ اسان جي سوچ جو انداز ڇا آهي؟ سائنس خدا جي حڪمت آهي جيڪا انسان کي علم الانسان مالم يعلم بڻجي عطا ٿي. ليڪن سائنس جي يورپ ۾ ورتل مادي ويس ان حڪمت ۽ عطا کي نتيجن ۾ ڪيڏو ابتو بڻائي ڇڏيو. انسان اوڻويهين صديءَ ۾ سائنس جي ترقيءَ جا سڀ منظر ڏٺا آهن. ان جا ٻه ڀرپور عملي اظهار ٻن عالمگير جنگين جي ذريعي سامهون آيا. ٻنهي جنگين ۾ ڪروڙين انساني جانيون ڪم آيون. تمدني ۽ تهذيبي تباهيءَ جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. ان کان پوءِ ٻنهي جنگين جي نتيجي ۾ ٿيل معاهدن ذريعي انساني سوسائٽيءَ کي جيڪو رڳڙيو ويو سو به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. سائنسي ترقيءَ جو 50ع ۽ 60ع وارن ڏهاڪن ۾ به اوج سامهون آيو. خلا کي تسخير ڪري ڪائنات جي وسعتن ۽ گوناگونين ۾ جهاتيون پائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ليڪن ساڳئي وقت نئون نوآبادياتي نظام جنهن نموني دنيا جي ڪمزور قومن جي مٿان ڪاريهر نانگ وانگر مسلط رهيو ۽ ان جي نتيجي ۾ انسانيت سان جيڪي ڪيس ٿيا تن جي انگن اکرن ڪٺي ڪرڻ جي به ڪو همت نٿو ساري سگهي. ماديءَ ترقيءَ جي انتهائن کي ڇهڻ جي باوجود انساني مسئلن جي حل ۾ چڱاين جي ان کوٽ، خود يورپ کان دانهن ڪڍرائي ڇڏي آهي. رابرٽ هيچز چواڻي ”دنيا هڪ ئي وقت ٻن مخالف هنڌن تي پهچي وئي آهي. معلومات، ڪاريگري ۽ فطرت جو غلبو جيترو مٿانهين چوٽيءَ تي آهي، اخلاقي ۽ سياسي ڏيوالپڻي جي حد اوتري هيٺانهين کاهيءَ ۾ آهي.“ ايڇ جي ويلز جي راءِ ۾ ”هن دور جي سڀ کان وڏي لعنت اها آهي ته طاقت ۽ قوت ته آهي پر ان جو استعمال صحيح نه آهي. دماغ ته آهي پر ان کان ڪم وٺڻ جو ذريعو نه آهي. اهڙو ڪو نصب العين نه آهي جيڪو نوجوانن جي جذبن ۽ حوصلن کي استعمال ۾ آڻي. هڪ طرف ايتري هوند ۽ ٻئي طرف ايتري اڻهوند. اهو اسان جو سڀ کان وڏو الميو آهي. تنهن هوندي به شُڪر جو اسان جي اندر ان نصب العين جي ڳولا جو مادو فنا نه ٿيو آهي ۽ ان مان اميد آهي ته شايد اسين نئين دور کي پيدا ڪري سگهون ۽ اخلاقي ۽ مذهبي قدرن جي نه هجڻ سان اسان جي زندگين ۾ جيڪو خال پيدا ٿي ويو آهي، اهو ڀرجي سگهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اسان جي تهذيب پاڻ ۾ ٽڪرائجي ڀورا ڀورا ٿي ويندي. جيڪڏهن اسان کي بچڻو آهي ته پنهنجي لاءِ ڪو مذهب تلاش ڪرڻو پوندو، جنهن کي اسين دل سان مڃون ۽ ان جي اصولن تي پنهنجي زندگي هلايون.“ سائنسي ترقيءَ جي نتيجي ۾ انسان کي زندگي گذارڻ جي سهولتن جي حوالي سان جيڪو به فائدو رسيو آهي، انسانذات لاءِ مفيد فڪر سان ان کي اڃا به وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي پيو، ۽ جيڪي به نقصان رسيو آهي ان کان بچي سگهجي پيو. يورپ جي سنجيده علمي طبقن ۾ پڻ انهيءَ ڳالهه جو نه صرف احساس اڀريل آهي بلڪه ان تي ڳڻ ڳوت به ٿيندي رهي آهي. انهي مقصد لاءِ هو فڪري طرح مختلف تجربا ڪندا هاڻي انهيءَ نڪتي تي پهچي رهيا آهن، جنهن جي نشاندهي هڪ الاهياتي فڪر جي صورت ۾ آئن اسٽائن ۽ ايڇ جي ويلز کين ڪري ڏني هئي. ليڪن اسان لاءِ ته انهيءَ کان به گهڻو اڳ سنڌ جي صوفياڻي روح ذريعي اهي واٽون نروار ٿيل آهن ۽ بدقسمتيءَ سان اسان انهن تي هلڻ ڇڏي ڏنو آهي. انهيءَ ڪري اسان ايڪويهين صديءَ ۾ ايڇ جي ويلز چواڻي هڪ طرف ايتري هوند (يعني سائنسي ترقي) ۽ ٻئي طرف ايتري اڻهوند (يعني فڪري غربت) جي تضاد ۽ فاصلي کي ختم ڪري هڪ نئون جهان اڏي وجهون ته اها ڳالهه نه صرف هن خطي جي ماڻهن جي هزارين دردن کي مٽائڻ جو سبب بڻبي بلڪه باقي دنيا جي قومن لاءِ پڻ هڪ مثال بڻجي سگهي ٿي. انهيءَ ڪم جو آغاز اسان سنڌ جا ماڻهو هتان بخوبي ڪري سگهون ٿا. انهيءَ ڪري جو سنڌ ئي اهو واحد خطو آهي جيڪو شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو انسان دوست ۽ همه گير فڪري پسمنظر رکندڙ آهي ۽ اڪثر دنيا جي عام الاهياتي تصورن کان ته ٻي دنيا ڊنل پڻ آهي، ان ڪري سنڌ جي صوفي روايتن سان رچيل اسلام جي حقيقي خدا پرست – انسان دوست فڪر سان انسان ذات جو هي عالمگير الميو سولائيءَ سان ختم ڪري سگهجي ٿو. انڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان الاهيات جي صوفياڻي روين ۽ شعور کي سائنسي انداز فڪر (Scientific Aproch) سان پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ابتدا ڪريون. عام طور تي سائنس مان هڪ خاص موضوع مراد ورتو ويندو آهي. ڪجهه ماڻهن وٽ سائنس جي معنى آهي هڪ شيشي جي نليءَ ۾ رنگدار پاڻياٺ. ڪن وٽ طبعياتي ليباريٽريءَ جو سامان. ڪن وٽ اصطلاحات جو اهڙو مجموعو جنهن ۾ رياضياتي فارمولا ڦهليل هوندا آهن. حالانڪه حقيقت هيءَ آهي ته ”سائنس مطالعي جي هڪ خاص طريقي“ جو نالو آهي جنهن جو اطلاق هر موضوع تي ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري جتي سائنس جي ترقي آهي اتي هينئر ڪوبه علم آرٽ ليکيو وڃي، بلڪه سڀ علم سائنس ڪري پڙهيا وڃن ٿا. انهيءَ صورت ۾ ڇا اسان لاءِ انهيءَ ڳالهه جي گنجائش موجود آهي ته اسان الهيات کي به سائنسي علم جي طور تي پڙهون؟ سماجي سائنس اڄ انسان جي سماجي ڪارج ۽ سندس تخليقي وجود جي مقصد جي حوالي سان اها ڳالهه تسليم ڪري رهي آهي ته انسان جي خالق خدا جو وهنوار، خدا جي جوڙيل جوڙ، خدا جا طريقا ۽ خدا جا قانون باقاعده آهن. اها باقاعدگي مڃڻ ۽ ان کي هڪ علم جي حيثيت ۾ مرتب ڪرڻ خود سائنس جي به تقاضا آهي ۽ سانئس اهوئي انسان کان گهري ٿي. انهيءَ ڪري انهيءَ ڳالهه جي حقيقتن کي عملي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي ته الاهيات کي سائنسي طريقي تي پڙهيو وڃي. جڏهن اسان الاهيات کي فطرت جي شاهڪار نظام ۽ ڪارفرماين جي تناظر ۾ سائنس طور پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿا وڃون ته پوءِ باقي عمراني ۽ معاشرتي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ اسان جي آڏو نه رهندي. انهيءَ ڳالهه کي آمريڪا ۽ يورپ جا فاضل ليکڪ به شدت سان محسوس ڪن ٿا. واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي شعبه عمرانيات جي صدر جارج لنڊبرگ ساڳي ڳالهه هن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي: ”مان انهيءَ ڳالهه سان اتفاق ڪريان ٿو ته اسان جي جديد تعليم ۾ ڪنهن تاليفي تربيت جي کوٽ آهي جيئن الاهيات، جنهن جو انتظام وچين دور ۾ ٿيندو هو.“ اسان جي سڀ کان وڏي بدقسمتي هي آهي ته اسان الاهيات کي هميشه ملان جو معاملو پئي سمجهيو آهي ۽ ملان وري هميشه انهيءَ تي پنهنجي ٺيڪيداري ۽ اجاره داري جتائي آهي. الاهيات اسان جي صوفياڻي سرشتي ۾ ان ٺيڪيداري ۽ اجاره داريءَ کان آجي هئي، انهيءَ ڪري عام خدا جي خلق تي انهيءَ جا گهرا اثر هئا. مُلن واري اجاره داريءَ کان پوءِ اسان ان پاسي کان ايئن ئي ويڳاڻا ٿي ويا آهيون جيئن سنڌ جي شهرن ۾ ڌارين جي اجاره داريءَ کان پوءِ اسان انهن شهرن کان به بي نياز ٿي ويا آهيون. عجب فطرت آهي اسان جي، جيڪو به جنهن تي حق جتائي ٿو اسان چئون ٿا ته توکي پرتو. نتيجو انجو هي نڪتو آهي ته اسان جي زندگيءَ ۾ الله ملان جي ور چڙهي ويو ۽ هو وري الله جي نالي کي ماڻهن جي استحصال جو ذريعو بنائيندو پيو وتي. ڪن کي ڪافر قرار ڏئي ته، ڪن کي مخالف فرقي جي آڙ ۾. انسان هونئن ته جيڪڏهن الله جي فرمانبرداري ۽ لحاظ کي خاطر ۾ رکي، الله جي مخلوق ۾ ان جي رضا ڳولي ته مومن آهي ۽ جيڪڏهن انهن ٻنهي ڳالهين کان وانجهو ته ڪافر آهي. پر ملان وٽ ايمان ۽ ڪفر جا پيمانا ئي بدلجي ويا. اسان جي معتبرائب وري ڏسو جو لوڪ ڪهاڻي جي مائيءَ وانگر رُسي اُهي هيڏا سارا اختيار ملان جي حوالي ڪري اونڌي منهنجي ڪري جو ويهي رهيا آهيون ته اٿڻ جو نالو ئي نٿا وٺون. دوستو! اوهان پنهنجي فطري ورثي کي ڪٿي ڪٿي ڇڏيندؤ؟! انهيءَ سادگي ۽ اياڻائيءَ جو ڪٿي ڇيهه به ٿيندو يا نه. اسان جي انهيءَ سادگيءَ جي سزا ايندڙ نسل جنهن نموني ڀوڳيندا ان جو ڪو اوهان تصور به ڪيو آهي. بلڪه هن وقت جيڪا صورتحال آهي اوهان ان جو مٿاڇڙو مشاهدو ڪيو. پوين ٽن چئن ڏهاڪن ۾ اوهان کي ڊاڪٽر، انجنيئرن، سياستدانن ڪامورن، وڪيلن، ڪاروبارين وغيره جو هڪ وڏو تعداد ميسر ٿيو آهي. اوهان ايمانداريءَ سان ٻڌايو ته ڪيترا انجنيئر آهن جن بي لوث ٿي سنڌ جي تمدني تعمير ۽ انساني خدمتن جي سهولتن کي سنواري ورتو آهي؟ ڪيترا ڊاڪٽر آهن جيڪي اسان جي ماڻهن جا عيسى ۽ مسيحا بڻيا آهن؟ ڪيترا ڪامورا آهن جيڪي انسانن جي ڀلائيءَ ۾ پنهنجي آدرشن ۽ ايمان کي تلاش ٿا ڪن؟ ڪيترا سياستدان آهن جن اسان لاءِ خدا جي مخلوق هئڻ جو احساس رکي پنهنجي خود غرضين کي ڇڏي اسان لاءِ جيئڻ ۽ اسان لاءِ مرڻ جي واٽ ورتي هجي؟ سماج جي هڪ هڪ طبقي تي نظر وجهو ۽ انهن کي سنڌي سماج جي بي لوث اجتماعي ڌارا ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪريو. يقين ڪريو ته خوردبيني به انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مشڪل سان مدد ڪري سگهندي. اوهان جي سماج جو وڏي کان وڏو خدمتگار ويهه هزار رپيا مهيني جي آمدنيءَ تي اڪتفا ڪري پنهنجي سماجي خدمتن کي جاري رکي نٿو سگهي. ڪنهن به غير ملڪي اداري جي لک ڏيڍ مهيني جي پگهار هن جي ڊوڙ ۾ اسپيڊ بريڪر پيدا ڪري سگهي ٿي. هڪڙو دور هو جو اوهان جا اهڙا ڪردار سينگار لاءِ گهر ۾ آئيني رکڻ جو ڀوتو نه ڀانئين سگهندا هئا. ديوان گدومل ڏيارام ڪورٽ ۾ وڃڻ وقت پنهنجو پٽڪو دروازي جي چوڪاٺ ۾ لڳل شيشي جي ٽڪرين سان سنواريندو هو. اڄ اوهان جا سڀ طريقا پنهنجي حيثيت (Status) حاصل ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جي چڪر ۾ ڪٿي کان ڪٿي پهتل آهن. مون هن مجلس ۾ جنهن ڳالهه جي طرف توجهه ڇڪرايو آهي ان جو فوري تعلق اسان جي سماج جي علمي طبقن سان آهي، ليڪن اسان علمي طبقن جي حد کي ڪن خاص شخصن تائين محدود نٿا سمجهون. ان ڳالهه جا سڏ وراڪا ڪٿي به ڪري سگهون ٿا ۽ ڪٿان به ان جي موٽ ملي سگهي ٿي. بجا طور تي اسان هتي ويٺل تعليمي نظام ۾ هيڏي ساري مجوز، فڪري ۽ انقلابي تبديليءَ لاءِ ڪي به اپاءَ نٿا کڻي سگهون ليڪن اسان ايترو ضرور ڪري سگهون ٿا ته هن مجلس ۾ موجود اسان ماڻهو پنهنجي اولاد کي رائج تعليم سان گڏ اخلاقيات، ماڻهپي ۽ اعلى انساني قدرن جي تربيت لازمي طرح ڏيون. انهن جو خدا سان ايترو شعوري تعلق سگهارو ڪيون جو اهي مان ۽ ذات جي خول مان نڪري سماج ۽ انسانيت جي ڪل جو هڪ جز بڻجي پون. سماج جا ڪارآمد فرد ثابت ٿين پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو ضرور ڪري وڃن جو سماج کي ڪجهه ارپي وڃڻ جي اطمينان سان مري سگهن ۽ کين پنهنجي ابدي زندگيءَ ۾ شرمساريءَ جو منهن ڏسڻو نه پوي. اوهان مان جيڪي به هتي موجود آهن يا جيڪي به ٻين تائين چڱائي جي ڳالهه رسائڻ کي پنهنجي زندگيءَ جي آدرشن ۾ سمجهندا آهن، سي هن ڳالهه جوپڪو عزم ڪري اٿو ته اوهان پنهنجي شاگردن ۽ اولاد سان محبت ۽ دوستيءَ وارو رويو اختيار ڪيو ۽ ان دوستاڻي ماحول ۾ انهن سان انسانيت پروري ۽ زندگيءَ جي ازلي حقيقتن ۽ دنيا ۾ خدا ۽ انسان جي رشتي جي ضرورت ۽ تقاضائن تي ڳالهايو، خيالن جي ڏي وٺ ڪريو. پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو انهنجي اڳيان رکو ۽ انهن جي رهنمائي ڪيو. بدقسمتيءَ سان اسان جي تعليمي شرح افسوسناڪ حد تائين گهٽ آهي. اسان وٽ ان شرح کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ موجوده وقت جو هڪ وڏو جهاد آهي. جيڪڏهن اسان ان جهاد ۾ پنهنجي سماج جي ٻارڙن کي خدا، انسان، زندگيءَ ۽ ڌرتيءَ جو شعور ۽ ساڃهه ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا ته پوءِ پڪ ڄاڻو اسان پيغمبري عمل ۾ ساٿاري بڻباسون۽ اسانجي زندگي پڻ سجائي وئي. پيغمبر لاءِ قرآن ۾ اهوئي ته چيل آهي ته هو: يتلوا عليهم آياتہ ويزڪيهم ويعلمهم الڪتاب والحڪمته (1) الله جون آيتون (نشانيون) ورجائي ۽ پسائي ٿو. (2) ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر جي تربيت ڪري ٿو. (3) الله جا حڪم ماڻهن تائين رسائي ٿو. (4) انهن کي دنيا جا باقي علم سيکاري ٿو. جيڪڏهن انسان جي تعليمي نظام جو محور ۽ مرڪز اهي چار ڳالهيون بڻجي پون ته پوءِ اسان جون سڀ سڻايون آهن.

(22 فبروري 1998ع تي واڍيلا بلوچ سماجي ڀلائي تنظيم ملير ڪراچي جي پاران سالياني عيدگڏجاڻيءَ جي موقعي تي ڏنل ليڪچر)