درس نظامي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پاڪستان جي ديني مدرسن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو ان کي درس نظامي (Dars-e-Nizaami) چيو وڃي ٿو. هي نصاب اصل ۾ ”ملا نظام الدين فرنگي محلي“ ارڙهين صدي ۾ گڏ ڪيو هيو، جيڪو سندس نالي سان ”درس نظامي“ سڌيو ويو. اصل ۾ درس نظامي جو مقصد عالم پيدا ڪرڻ نه پر ماڻهن کي ان دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن مطابق ان حد تائين پڙهائڻ هيو ته جيئن اهي حڪمرانن جي مدد ڪن. ملا نظام الدين فرنگي محلي جي خاندان سان واسطو رکندڙ ”مفتي محمد رضا انصاري فرنگي محلي“ جيڪو ستر واري ڏهاڪي ۾ علي ڳڙهه اسلامي يونيورسٽي جي اسلاميات جي شعبي جو صدر رهيو پنهنجي هڪ مضمون ”باني درس نظامي ملا نظام الدين فرنگي محلي“ ۾، درس نظامي جي ترتيب، جوڙجڪ ۽ ان جي مقصدن تي تاريخي ۽ سماجي پسمنظر بيان ڪندي راءِ ٿو ڏئي ته ”درسِ نظامي جو مقصد عالم پيدا ڪرڻ نه، پر حڪمرانن جا مددگار ملان پيدا ڪرڻ هيو.“ سندس اهو مضمون اعظم ڳڙهه ڀارت مان ڇپجندڙ ماهوار معارف جي نومبر 1970ع واري شماري ۾ ڇپيل آهي. اهو شمارو هن وقت لياقت نيشنل لائبريري ۾ ڏسي سگهجي ٿو. درس نظامي ارڙهين صدي ۾ تيار ڪيو ويو هيو، ٽي سئو ورهيه گذرڻ کانپوءِ به اهو درس ڇو رائج آهي؟ اهو پڻ اڄ جو هڪ وڏو سوال آهي.

ديني مدرسن جو تعليمي سال گهڻي ڀاڱي هجري سن جي ڏهين مهيني شوال کان شروع ٿي شعبان ۾ ختم ٿيندو آهي ۽ رمضان مهينو موڪل هوندي آهي. سال جي پڄاڻي تي امتحان ورتو ويندو آهي. امتحان خود ان مدرسي جا استاد ئي وٺندا آهن، مدرسن ۾ گهڻي ڀاڱي زباني امتحان ورتو ويندو آهي. جڏهن ته ڪجهه مدرسن ۾ لکت ۾ به امتحان ٿئي ٿو. امتحان جي نتيجي ۾ ديني مدرسن جا شاگرد لکڻي جي بدران تقرير جا غازي هوندا آهن ۽ لفظن کي طوطي وانگر رٽيندا آهن. گهڻي ڀاڱي هڪ شاگرد پنجويهن سالن جي عمر تائين دستاربند بڻجي ويندو آهي. ديني مدرسا پنهنجي تعليمي درجن جي بنياد تي ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪڙو تحتاني يعني پرائمري يا هيٺيون درجو، ٻيو فوقاني يا مٿاهون درجو. تحتاني درجن ۾ چئن کان پنجن سالن تائين شاگردن کي ناظره قرآن، سيرت نبوي ۽ دينيات جي ابتدائي مسئلن کانسواءِ حساب، اسلامي تاريخ ۽ جاگرافي جي عام رواجي ڄاڻ ڏني ويندي آهي. تحتاني شعبي ۾ ڪجهه شاگرد اهڙا هوندا آهن جيڪي حافظ قرآن ٿيڻ چاهيندا آهن، ان ڪري اهي پنهنجو گهڻو وقت قرآن شريف کي ياد ڪرڻ ۾ لڳائيندا آهن. فوقاني درجن ۾ فقھ، حديث، منطق، فلسفو ۽ دينيات جي تعليم ڏني ويندي آهي.

پرائمري يعني تحتاني درجن مان فوقاني درجن ۾ پهچڻ وارا شاگرد ڏهن کان يارنهن سال مدرسي ۾ گذاريندا آهن، گهڻي ڀاڱي ديني مدرسا اهڙا آهن، جيڪي تعليم جي تڪميل تي شاگردن کي فاضل جي سند ڏيندا آهن. اها سند ان ڳالهه جي تصديق هوندي آهي ته ذڪر ڪيل شخص جو شمار عالمن ۾ ڪيو وڃي. ڪجهه مدرسا تعليم جي مختلف درجن تي شاگردن کي عالم ۽ فاضل کانسواءِ ڪجهه الڳ سندون پڻ ڏيندا آهن. ديني مدرسن جا شاگرد جڏهن علم حاصل ڪري سندون وٺي عالم فاضل ٿي مدرسن مان نڪرندا آهن ته سندن اڳيان پيٽ پالڻ جو مسئلو نانگ وانگر ڪر کڻي بيهندو آهي، پوءِ انهن عالمن جو ڪجهه حصو ڪنهن مدرسي ۾ ٿورڙي پگهار تي استاد ٿي ويندو آهي، ڪي وري مسجدن ۾ امامت ڪري اوسي پاسي جي ٻارن کي قرآن شريف پڙهائي پيٽ پاليندا آهن، ڪجهه مولوي دعائن ۽ ڦيڻن لکڻ جو ڌنڌو ڪندا آهن ۽ عورتن جا جن پڻ ڪڍندا آهن. يا وري پيري مريدي جو ڌنڌو ڪندا آهن، ڪجهه وري حڪمت شروع ڪري ماڻهن جو علاج ڪندا آهن جنهن جو وڏو حصو وري مرداڻي طاقت جي دوائن تي مشتمل هوندو آهي. ڪجهه مولوي وري يونيورسٽي مان اديب فاضل ۽ عالم فاضل جا امتحان ڏئي عربي جا استاد ٿيندا آهن ۽ ڪجهه وري واعظن ۽ تقريرن جو ڌنڌو اختيار ڪري ماڻهن جا جذبات ڀڙڪائي روزگار ڪندا آهن۽ سياست ۾ پڻ حصو وٺندا آهن. [1] [2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. روزاني عوامي آواز– 5 فيبروري 1998ع
  3. ڪتاب: سياست، سماج ۽ آزادي