مواد ڏانھن هلو

محمود الحسن رحمة الله علیہ

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Shaykh al-Hind, Mawlānā

Mahmud Hasan Deobandi
3rd Principal of Darul Uloom Deoband
عهدي ۾
1890–1915
پيشروSyed Ahmad Dehlavi
جانشينAnwar Shah Kashmiri
1st President of Jamiat Ulema-e-Hind
عهدي ۾
November 1920  30 November 1920
پيشروKifayatullah Dehlawi (as an interim president)
جانشينKifayatullah Dehlawi
ذاتی
جنم1851
وفاتسانچو:Date of death and age
Delhi, British India
قبرMazar-e-Qasmi
مذھبIslam
قوميتIndian
شاخSunni
فقھي مذھبHanafi
تحريڪDeobandi
اصل دلچسپيExegesis, Indian freedom movement
قابل ذڪر خيالSilk Letter Movement
قابل ذڪر ڪم
استادMahmud Deobandi, Muhammad Qasim Nanautawi
طريقتChishtiya-Sabiriya-Imdadiya
بانيJamia Millia Islamia
مرتبو
مريد
متاثر

مولانا محمود الحسن رحمة الله علیہ (1851۔1920) جنھن کي شيخ الهند جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو؛ [1] هڪ هندستاني مسلمان اسڪالر ۽ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو، جنهن جامعه مليه اسلاميه يونيورسٽي جو گڏيل بنياد وڌو ۽ هندستان جي آزادي لاء ريشمي رومال تحريڪ شروع ڪئي. هي پهريون شاگرد هو جنهن دارالعلوم ديوبند مدرسي ۾ پڙهيو. سندس استادن ۾ مولانا محمد قاسم نانوتوي ۽ مولانا محمود ديوبندي شامل هئا، ۽ کيس حاجی امداد الله مهاجر مڪي ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهي کان تصوف جي تعليم حاصل ڪئي.

شیخ الھند دارالعلوم ديوبند جي پرنسپل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تنظيمون، جهڙوڪ جميعت الانصار ۽ نظارة المعارف قائم ڪيون۔ هن اردوءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو به لکيو ۽ ڪتاب به تصنيف ڪيا جهڙوڪ عدله ڪامله، عزة العدلہ، احسن القراء ۽ جھد المعقل۔ دارالعلوم ديوبند ۾ حديث جو درس ڏيندو هو ۽ سنن ابوداؤد کي نقل ڪيائين. سندس وڏن شاگردن ۾ مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا انور شاهه ڪشميري مولانا حسين احمد مدني، مفتی ڪفايت الله دهلوي، مولانا ثناءُ الله امرتسري ۽ مولانا عبيدالله سنڌي رحم اللہ شامل هئا.

مولانا انگريز راڄ جو سخت مخالف هو. هن هندستان ۾ سندن اقتدار جو خاتمو آڻڻ لاءِ تحريڪون شروع ڪيون پر سال 1916ع ۾ گرفتار ڪري مالٽا ۾ قيد ڪيو ويو. کيس سال 1920ع ۾ آزاد ڪيو ويو، ۽ خلافت ڪميٽي طرفان ”شيخ الهند“ (هندستان جو اڳواڻ) جي لقب سان نوازيو ويو. هن عدم تعاون جي تحريڪ جي حمايت ۾ مذهبي فتوا لکيا ۽ هندستان جي مختلف حصن جو سفر ڪري مسلمانن کي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل ڪيو. هن نومبر 1920ع ۾ جمعيت علماءِ هند جي ٻئي جنرل اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ ان جو صدر مقرر ٿيو. شيخ الهند مولانا محمود الحسن ميڊيڪل ڪاليج سندس ياد ۾ رکيو ويو آهي. سال 2013ع ۾، هندستان جي حڪومت سندس ريشمي رومال تحريڪ تي هڪ يادگار پوسٽل اسٽيمپ جاري ڪيو.

حوالا

[سنواريو]