محمود الحسن رحمة الله علیہ

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Mahmudul Hasan يا Mahmud Deobandi سان ڀل نہ کائو.
Mahmud Hasan Deobandi
3rd Principal of Darul Uloom Deoband
عهدو سنڀاليو
1890–1915
پيشرو Syed Ahmad Dehlavi
جانشين Anwar Shah Kashmiri
1st President of Jamiat Ulema-e-Hind
عهدو سنڀاليو
November 1920 – 30 November 1920
پيشرو Kifayatullah Dehlawi (as an interim president)
جانشين Kifayatullah Dehlawi
محمود الحسن رحمة الله علیہ
مذھب Islam
ذاتي وضاحت
جنم 1851Bareilly, North-Western Provinces, British India
موت سانچو:Date of death and ageDelhi, British India
آخري آرامگاهه Mazar-e-Qasmi

مولانا محمود الحسن رحمة الله علیہ (1851۔1920) جنھن کي شيخ الهند جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو؛ [1] هڪ هندستاني مسلمان اسڪالر ۽ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو، جنهن جامعه مليه اسلاميه يونيورسٽي جو گڏيل بنياد وڌو ۽ هندستان جي آزادي لاء ريشمي رومال تحريڪ شروع ڪئي. هي پهريون شاگرد هو جنهن دارالعلوم ديوبند مدرسي ۾ پڙهيو. سندس استادن ۾ مولانا محمد قاسم نانوتوي ۽ مولانا محمود ديوبندي شامل هئا، ۽ کيس حاجی امداد الله مهاجر مڪي ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهي کان تصوف جي تعليم حاصل ڪئي.

شیخ الھند دارالعلوم ديوبند جي پرنسپل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تنظيمون، جهڙوڪ جميعت الانصار ۽ نظارة المعارف قائم ڪيون۔ هن اردوءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو به لکيو ۽ ڪتاب به تصنيف ڪيا جهڙوڪ عدله ڪامله، عزة العدلہ، احسن القراء ۽ جھد المعقل۔ دارالعلوم ديوبند ۾ حديث جو درس ڏيندو هو ۽ سنن ابوداؤد کي نقل ڪيائين. سندس وڏن شاگردن ۾ مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا انور شاهه ڪشميري مولانا حسين احمد مدني، مفتی ڪفايت الله دهلوي، مولانا ثناءُ الله امرتسري ۽ مولانا عبيدالله سنڌي رحم اللہ شامل هئا.

مولانا انگريز راڄ جو سخت مخالف هو. هن هندستان ۾ سندن اقتدار جو خاتمو آڻڻ لاءِ تحريڪون شروع ڪيون پر سال 1916ع ۾ گرفتار ڪري مالٽا ۾ قيد ڪيو ويو. کيس سال 1920ع ۾ آزاد ڪيو ويو، ۽ خلافت ڪميٽي طرفان ”شيخ الهند“ (هندستان جو اڳواڻ) جي لقب سان نوازيو ويو. هن عدم تعاون جي تحريڪ جي حمايت ۾ مذهبي فتوا لکيا ۽ هندستان جي مختلف حصن جو سفر ڪري مسلمانن کي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل ڪيو. هن نومبر 1920ع ۾ جمعيت علماءِ هند جي ٻئي جنرل اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ ان جو صدر مقرر ٿيو. شيخ الهند مولانا محمود الحسن ميڊيڪل ڪاليج سندس ياد ۾ رکيو ويو آهي. سال 2013ع ۾، هندستان جي حڪومت سندس ريشمي رومال تحريڪ تي هڪ يادگار پوسٽل اسٽيمپ جاري ڪيو.

حوالا[سنواريو]