ريشمي رومال تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اسلامي دنيا کي هن تحريڪ کان واقف ڪرائڻ ۽ ان کان مدد وٺڻ لاءِ، شيخ الهند مولانا محمود الحسن, 18 سيپٽمبر 1915ع ۾ حجاز روانو ٿيو. سندس حوالي هي ڪم هو ته هو حجاز جي ذريعي، خلافت عثمانيه ۽ ٻين عرب سربراهن سان لاڳاپو رکي ته جيئن افغانستان، برطانيه حڪومت سان جڏهن جنگ ڪري تڏهن اهي ملڪ به سندس مدد ڪن. شيخ الهند حجاز پهچڻ کانپوءِ، حجاز جي گورنر غالب پاشا سان ملاقات ڪري پنهنجو حامي بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن غالب پاشا کان هڪ خط افغان حڪومت لاءِ لکرايو، جنهن ۾ هندستاني انقلابين سان ترڪي جي حمايت جو يقين ڏياريل هو،

اهو خط مولانا منصور عرف محمد ميان انصاري کڻي افغان حڪومت وٽ پهتو، مولانا عبيدالله سنڌي، ڪابل ۾ جڏهن تحريڪ لاءِ ميدان هموار سمجھيو تڏهن 14 آگسٽ 1916ع تي هيڊي رنگ جي ريشمي رومالن تي ٽي خط لکي هڪ نو مسلم شيخ عبدالحق کي ڏنا ۽ کيس هدايت ڪئي ته اهي خط سنڌ ۾ شيخ عبدالرحيم کي پهچائي ۽ شيخ عبدالرحيم کي هدايت ٿيل هئي ته ان مان مولانا محمود الحق جو خط ان کي پهچايو وڃي.

ان خط جي مضمونن ۾، عبيدالله سنڌيءَ (Ubaidullah Sindhi) ڪابل ۾ حالتن جو مطالعو ڪري، جيڪو ملڪ جي آزادي جو منصوبو ٺاهيو هو. ان کان شيخ الهند کي واقف ڪيو هو تنهن کانسواءِ جنود الله (ربانيه) جي قيام ۽ ترقي جپان ۽ چين کي سفارتن موڪلڻ جو تفصيل سان ذڪر ٿيل هو. هي ٽي خط هئا. پهريون خط 10 جولاءِ 1916ع تي شيخ عبدالرحيم سنڌي حيدرآباد جي نالي پنج ڇهه انچ ڊيگهه وارو هو. ٻيو خط شيخ الهند جي نالي هو. جيڪو 9 جولاءِ 1916ع تي لکيل آهي. ان جي ڊيگهه ويڪر اٺ ڏهه انچ هئي ۽ ٽيون خط پڻ شيخ الهند جي نالي هو

1-اهي خط مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا منصور عرف محمد ميان شيخ الهند کي لکيا هئا. ڇاڪاڻ ته مولانا محمد ميان حجاز مان غالب نامو کڻي افغانستان آيو هو، اهو سڄو احوال ان خط ۾ هو

2- ان کان علاوه مولانا سنڌي، دينپور جي بزرگ مولانا تاج محمد امروٽي امروٽ شريف جي بزرگ ۽ پير جھنڊي واري سيد رشد الله شاهه ڏانهن به خط موڪليا هئا،

3- ريشمي رومال واري پهرين خط ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌي کي هدايت ٿيل هئي ته شيخ الهند جي نالي وارا خط يا ته پاڻ يا ڪنهن ڀروسي جوڳي ماڻهو جي هٿ مديني شريف شيخ الهند کي پهچائي. ان کان علاوه شيخ عبدالرحيم سنڌي کي اها به هدايت ڪئي ته هو ڪابل اچي ڇاڪاڻ ته اتي گهڻائي ضروري ڪم آهن[1]

ريشمي رومال تحريڪ (Silk Letter Movement) جو ذڪر سڀ کان پهريائين سڊيشن ڪميٽيءَ جي رپورٽ 1918ع ۾ آيو هو. پوءِ 1924ع ۾ جڏهن انٽيليجنس، تحريڪ خلافت ۽ عدم تعاون تي پنهنجي رپورٽ مرتب ڪئي ته ان ۾ به ان حوالي سان هڪ ٻه پئراگراف آيا. ريشمي خطن واري تحريڪ ( Silk Letter Movement) جيڪا ريشمي رومال تحريڪ (In Romandized Sindhi: Reshmi Rumaal Tehreek) جي نالي سان به مشهور آهي ۽ هاڻي جنهن کي برصغير جي مشهور مؤرخ مولانا سيد محمد ميان ”تحريڪ شيخ الهند“ جي نالي سان بيان ڪيو آهي، تنهن کي برٽش انڊيا جي سي آءِ ڊي ”ريشمي خط سازش“ (Silk Letter Conspiracy) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

هي خط جيئن ته ريشمي ڪپڙي تي لکيا ويا هئا، ان ڪري ريشمي خط ۽ ريشمي رومال ٻئي نالا صحيح آهن. هن تحريڪ جو باني جيئن ته برصغير جو مشهور عالم دين، سياسي رهنما ۽ درالعلوم ديوبند جو شيخ الحديث ۽ صدرالمدرسين مولانا محمود حسن ديوبندي هو، ان ڪري هن تحريڪ کي تحريڪ شيخ الهند چوڻ قطعي غلط ڪونهي. پر انگريزن مولانا عبيدالله سنڌي کي ريشمي خط سازش يا تحريڪ جو باني قرار ڏنو آهي. ”تحريڪ شيخ الهند“ هڪ گهڻ طرفي تحريڪ هئي، ان جو لاڳاپو دارالعلوم ديوبند جي قائم ٿيڻ ۽ حضرت سيد احمد شهيد ۽ شاهه اسماعيل شهيد جي جهادي تحريڪ ۽ آزادي جي ڪوششن سان وڃي ملي ٿو ۽ پوءِ جمعيت علما هند جي ڪوشش به ان سلسلي جي ڪڙي هئي، مولانا سنڌي جو افغانستان وڃڻ ۽ پاڻ حضرت شيخ الهند جو حجاز جي لاءِ سفر جو سانباهو ڪرڻ، هڪ گڏيل منصوبي تحت هو؛ پر ڪابل پهچي عارضي حڪومت ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ جنود ربانيا قائم ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه معروضي حالتن مطابق ضروري هو. انهن قدمن جو (خدائي لشڪر وارو) فيصلو، جيئن ته مولانا سنڌيءَ پنهنجي دورانديشيءَ تحت ڪيو هو، ان لاءِ حضرت شيخ الهند جي ڪا به اڳواٽ هدايت موجود نه هئي، نه مولانا سنڌي حڪومت موقته ۾ شرڪت ۽ ”جنود ربانيا“ جي ڪوشش کان اڳ حضرت شيخ الهند کان اجازت وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هئي. هي ٻئي ڳالهيون حضرت شيخ الهند جي تحريڪ جي مقصدن جي عين مطابق هيون، انهن کي هن گهڻ مقصدي تحريڪ جو هڪ جزو قرار ڏئي سگهجي ٿو. حڪومت موقته جي تحريڪ، راجا مهندر پرتاب ۽ مولوي برڪت الله جي تجويز هئي، جنهن ۾ مولانا سنڌيءَ کي شرڪت جي دعوت ڏني ويئي ۽ ان ”اسلامي مفاد جي حفاظت جي نظر سان“ پنهنجي صوابديد تي ان ۾ شريڪ ٿيڻ پسند ڪيو هو. جيتوڻيڪ جنود ربانيا جي قائم ٿيڻ جي تجويز ۽ ان جي قائم ٿيڻ جو سڄو انتظام مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي دماغ جي ڪاوش ۽ ان جي ڪوششن جو نتيجو هو. انگريزي سي آءِ ڊي جي مطابق، جيئن ته هي منصوبو (يعني ريشمي رومال تحريڪ) مولانا عبيدالله سنڌيءَ لکيو هو، ان ڪري ان کي هن تحريڪ يا سازش جو باني قرار ڏيڻ ۽ ٻين اڪابرن کي ان جو شريڪ ۽ مددگار قرار ڏيڻ، سمجهڻ جوڳي ڳالهه آهي.

انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ واسطيدار ڪاغذن جي جائزي ۽ انهن مان ڄاڻ وٺڻ جي اجازت ڏني ويئي ته مولانا موسا ڀائي ڪرناڊي ۽ ان جي ساٿين سڀني ڪاغذن جي فلم ٺهرائي، جمعيت علماءِ هند کي ڏني، جنهن جي خاص حصن جو ترجمو ڪرائي پنهنجي هڪ ڊگهي مقدمي ۽ حاشيءَ سان گڏ حضرت مولانا محمد ميان ”تحريڪ شيخ الهند“ جي نالي سان دهلي مان شايع ڪئي. (پوءِ لاهور مان ان جا ٻه ايڊيشن نڪتا) ائين تحريڪ جي باري ۾ وڌيڪ تفصيلي ڄاڻ حاصل ٿي. ان ڪتاب ۾ مولانا محمد ميان، سي آءِ ڊي جيغلط فهمين کي پنهنجي مقدمي ۾ بيان ڪري صحيح صورتحال کي چڱي نموني واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بنيادي طور تي اهو سي آءِ ڊي جو رڪارڊ هو، جيڪو مرتب ڪيو ويو هو. ان ڄاڻ کان سواءِ ڪجهه ٻي معلومات اهڙن ماڻهن وٽان ملي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين تحريڪ سان فڪري يا عملي طور لاڳاپيل رهيا هئا. ماهوار الحق اڪوڙه خٽڪ ۾ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي فائديمند تحريرون ڇپيون آهن.

ريشمي رومال تحريڪ ۽ خطن جي ڪيس جي خلاصي ۽ رپورٽ جي مطالعي مان ان جي اهميت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ننڍي کنڊ جي هيءَ آخري انقلابي تحريڪ هئي ۽ اتفاق سان ان جا اڳواڻ ”پهرين اسلامي انقلاب تحريڪ“ (تحريڪ اصلاح و جهاد) جي اڳواڻن سان فڪر ۽ عقيدت جو رشتو مضبوط رکندا آيا هئا. ننڍي کنڊ (برصغير) ۾ هن تحريڪ جو پهريون مرڪز ديوبند هو.

تحريڪ يا سازش[سنواريو]

ننڍي کنڊ جي تاريخ لکڻ وارن هن منصوبي کي ”تحريڪ“ جي نالي سان ياد ڪيو آهي. جڏهن ته برطانوي راڄ حڪومت لاءِ ان منصوبي جو مقصدحڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ هو، ان ڪري انگريزن ان کي ”سازش“ جو نالو ڏنو. ريشمي رومال تحريڪ جي هن منصوبي جو دارومدار ٽن خطن تي هو، انهن ۾ پهريون خط سنڌ جي مشهور انقلابي شخصيت شيخ عبدالرحيم جي نالي هو، جيڪو ٻين خطن کي مڪتوب اليه تائين پهچائڻ جي لاءِ هدايتن تي مشتمل هو. ٻيا ٻه خط حضرت شيخ الهند جي نالي حالتن جي تفصيل بابت هئا. حضرت شيخ الهند جيئن ته انهن ڏينهن ۾ حجاز ۾ هو، ان ڪري شيخ عبدالرحيم (سنڌي) جي ذريعي هي خط حجاز پهچائڻا هئا.

عام طور تي هي سمجهيو وڃي ٿو ته، ٽئي ريشمي خط مولانا عبيدالله سنڌيءَ لکيا هئا. هيءَ غلط فهمي ريشمي خط سازش ڪيس جي بيانن ۾ به موجود آهي. اها غلط فهمي ان ڪري ٿي جو ٻئي نمبر خط تي ڪنهن جي به صحيح نه هئي. پهرين ۽ ٽيئن خط تي مولانا سنڌيءَ جي صحي هئڻ جي ڪري ٻيو خط به ان جو ئي سمجهيو ويو. حقيقت هيءَ آهي ته ٻيو خط مولانا محمد ميان جو آهي. شروعات کان آخر تائين خط جو هڪ هڪ جملو انهيءَ حقيقت جو ثبوت ڏئي رهيو آهي. مولانا محمد ميان جڏهن حجاز کان غالب نامه ۽ ٻيون لکتون کڻي هندستان اچي رهيو هو ته حضرت شيخ الهند ان کي جدي ۾ الوداع چيو هو، ان ڪري خط لکندڙ جدي کان پوءِ جي واقعن سان خط جي شروعات ڪئي آهي. پهريان ٻه جملا هي آهن: ”جدي کان پوءِ جو حال هي آهي؛ بمبئي آرام سان خطري کان سواءِ پهتس.“

ان کان پوءِ خط لکندڙ راندير، ڀوپال جي سفر، مولانا حسرت موهاني ۽ مولانا آزاد سان پنهنجي ملاقاتن ۽ ياغستان ۽ ڪابل جي سفر جو ذڪر ڪيو آهي. پر مولانا ناظم، يعني مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ذڪر واحد غائب جي صيغي ۾ ڪيو آهي. ان مان چٽو معلوم ٿئي ٿو ته ان خط جي لکڻ وارو مولانا سنڌي نه پر ٻيو ڪو آهي ۽ اها شخصيت فقط مولانا محمد ميان عرف محمد منصور انصاري جي ٿي سگهي ٿي.

خطن جو انگ ۽ نمونو[سنواريو]

ريشمي رومال تحريڪ هڪ انقلابي تحريڪ هئي ۽ ان جو تعلق ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن جي مختلف انقلابي قوتن ۽ شخصيتن سان هو ۽ انهن ۾ خط ۽ ڪتابت جو سلسلو به جاري هو. حضرت شيخ الهند حجاز مان غالب ناما ۽ ٻيا خط هندستان موڪليا ۽ مولانا سنڌي ڪابل کان هندستان خط روانا ڪيا. هيءَ سڄي لکپڙهه وڏي احتياط سان لڪل نموني ٿي. حضرت شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني رحه هن سڄي لکپڙهه جي لاءِ ريشمي خطن جي ترڪيب ئي استعمال ڪئي آهي. ڊاڪٽر شير بهادر خان مرحوم جي بيان مان به اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته سڄي لکپڙهه پِيلي رنگ جي رومالن ذريعي ٿيندي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ڪاغذ جي بجاءِ ڪپڙو (رومال) ئي استعمال ٿيندو هجي. پر انگريز سي آءِ ڊي ان زماني جي سڄي لکپڙهه کي ”ريشمي خط“ جو نالو نه ڏنو آهي. هي فقط ٽي خط آهن، جيڪي تحريڪ جي ظاهر ٿيڻ جو سبب بنيا ۽ جنهن جي بنياد تي سازش جو ڪيس قائم ڪيو ويو. ان سلسلي جو ٽيون ۽ آخري خط حضرت شيخ الهند جي نالي مولانا سنڌي جي طرفان آهي، ان تي سندس صحي به آهي. هي خط پندرهن انچ ڊگهو ۽ ڏهه انچ ويڪرو آهي.

خطن جي لکت جو طريقو[سنواريو]

خط جي لکت جي باري ۾ مولانا عبدالله لغاري جو بيان آهي ته هي خط ڳجهي طريقي سان ريشمي رومالن تي لکيا ويا هئا. ان جي بيان ۾ ”ڳجهي طريقي“ جي ڪا به وضاحت نه آهي. قاضي محمد اڪبر لکيو آهي ته هي خط بصر جي پاڻيءَ سان لکيا ويا هئا، ڊاڪٽر شير بهادر خان لکي ٿو: ”هي ڦڪي رنگ جا رومال هئا، جن تي اهڙي مس سان خط لکيو ويندو هو، جيڪا ڏسڻ ۾ نه ايندي هئي، ان جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو طريقو ايجاد ڪندڙن کان سواءِ ڪنهن کي به معلوم نه هئو.“ پر ريشمي خط سازش ڪيس جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته لکت جي لاءِ ان قسم جو ڪو به ڳجهو طريقو اختيار نه ڪيو ويو هو، ۽ لکت صاف اردو ۾ لکي ويئي هئي.

ان ڪيس جي پهرين نوٽ ۾ سي آءِ ڊي جي هي وضاحت اسان کي ملي ٿي: ”14 آگسٽ تي ملتان جي خانبهادر ربنواز خان ملتان جي ڪمشنر کي زرد ريشمي ڪپڙي جا ٽي ٽڪرا ڏيکاريا، جنهن تي صاف اردو لکيل هئي.“ ”انهن خطن جي لکت نهايت سٺي، صاف ۽ پڪي آهي ۽ ڪٿي به ڪو لفظ ڊاٺو نه ويو آهي ۽ نه ڪنهن لفظ جو اصلاح ڪيو ويو آهي. صرف ونحو جي فقط هڪ نهايت معمولي غلطي سڄي لکت اندر ڏسڻ ۾ آئي آهي. خط جي زبان جيتوڻيڪ ڪن جاين تي غير واضح آهي، جيئن عام طرح سازشي لکتن ۾ هوندي آهي، پر سٺي تعليم واري عالم ماڻهو جي زبان آهي.“

رپورٽ ٺاهڻ واري جنود ربانيا ۽ حڪومت موقتا جي انهن اسڪيمن تي جيڪي مولانا سنڌي تحريڪ آزاديءَ جي مستقبل جي باري ۾ بيان ڪيون هيون. هنن لفظن ۾ تبصرو ڪيو آهي: ”هاڻي هو (مولانا عبيدالله سنڌي) جيڪي اسڪيمون بيان ڪري ٿو، انهن جو هڪ حصو عمل جي لائق به آهي ۽ هڪ حصو خيالي ۽ تصوري آهي.

جنود ربانيه (خدائي لشڪر)[سنواريو]

هن خط سان گڏ مولانا سنڌي مرحوم ”جنود ربانيه“ ڇوٽڪارو ڏيارڻ واري فوج جي عهديدارن جي جيڪا فهرست شامل ڪئي هئي، ان جي باري ۾ رپورٽ مرتب ڪرڻ وارو لکي ٿو: ”جنود ربانيه جي عهديدارن جي جيڪا فهرست ان تيار ڪئي آهي، اها اسلامي دنيا جي مشهور شخصيتن تي مشتمل آهي، جن کي ”اتحاد عالم اسلام“ جي هر وڏي اسڪيم ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي.“

جنود ربانيه ۾ فيلڊ مارشل جي عهديدارن ۾ مڪي جي ”شريف“ کي به شامل ڪيو ويو هو. ان وقت تائين ترڪي خلافت کان عربن جي بغاوت جي خبر هندستان نه پهتي هئي. ظاهر آهي ته جيڪا تحريڪ ترڪي خلافت جي تعاون سان هلائي پئي وڃي، ان ۾ ترڪي جي باغي ۽ انگريزن جي مخلص ۽ عقيدتمند شخص کي ايترو وڏو اعزاز نه پيو ڏئي سگهجي. جيئن ته هي هڪ عجيب ڳالهه هئي، ان ڪري رپورٽ مرتب ڪرڻ واري هنن لفظن ۾ ان تي تبصرو ڪيو آهي ۽ ان مقرريءَ جو جواز به پاڻ ئي پيش ڪري ڇڏيو آهي. لکي ٿو: ”هيءَ ڳالهه وڏي دلچسپ آهي ته ان (مولانا سنڌي) مڪي جي شريف (گورنر) کي به فيلڊ مارشل جي حيثيت سان شامل ڪيو آهي. عبيدالله جي خط جي تاريخ 8 رمضان ۽ آچر جو ڏينهن آهي، جيڪو 9 جولاءِ جي مطابق آهي. مڪي جي شريف (گورنر) جي بغاوت جي خبر هندستان ۾ 23 جون تي پهتي هئي ۽ 9 جولاءِ کان پوءِ تائين ڪابل ۾ اها خبر ڪنهن کي به نه پئجي سگهي هئي.“ ٻين عهديدارن جي باري ۾ اهو ئي رپورٽ ٺاهڻ وارو لکي ٿو: ”ليفٽيننٽ جنرل ۽ ان کان گهٽ درجي جا عهدا ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏنا ويا آهن، جيڪي لڳ ڀڳ سڀ جا سڀ اتحاد اسلامي يا وهابي تحريڪ جي سلسلي ۾ اسان جي نوٽيس ۾ اچي چڪا آهن.“

ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج يعني جنود ربانيه کي ڏهن لقبن يا عهدن جي تحت مقرر ڪيو ويو هو. سڀني کان وڏو عهدو ”مربي“ يا سرپرست (Patron) جو هو. ان عهدي تي ترتيبوار ترڪي، ايران ۽ افغانستان جي بادشاهن کي مقرر ڪيو ويو هو. انهن جي هيٺان ”مردان“ (فيلڊ مارشل) جو عهدو هو، جيڪو ترڪي ۽ افغانستان جي اڪابرن ۽ امير ماڻهن کي ۽ حيدرآباد، ڀوپال، رامپور ۽ بهاولپور جي نوابن ۽ تحريڪ جهاد جي سربراهه رئيس المجاهدين کي ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ جنرل يا ”سالار“ جو عهدو هو، جنهن تي حضرت شيخ الهند کي مقرر ڪيو ويو هو، پر حضرت مولانا جيئن ته مرڪز يعني ڪابل ۾ موجود نه هو، ان ڪري مولانا عبيدالله سنڌي قائم مقام جنرل جي حيثيت سان ڪم سرانجام ڏئي رهيو هو. ان جي ماتحت 29 نائب سالار يا ليفٽيننٽ جنرل هئا. انهن ۾ ترڪيءَ جو مشهور اڳواڻ شيخ عبدالعزيز شاويش کان سواءِ سڀئي عهديدار برصغير سان تعلق رکندا هئا. انهن ۾ مولانا حسين احمد مدني، ڊاڪٽر انصاري ۽ ان جو وڏو ڀاءُ حڪيم عبدالرزاق، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد علي، شوڪت علي، مولانا ظفر علي خان، مولانا حسرت علي موهاني، مولانا عبدالقادر قصوري، ان جو پٽ مولوي محي الدين قصوري، مولوي عبدالرحيم عظيم آبادي، مولانا عبدالله غازي پوري، مولانا برڪت الله ڀوپالي، مولانا تاج محمود امروٽي، پير سيد اسدالله شاهه وغيره خاص طور تي قابل ذڪر آهن. انهن عهدن کان پوءِ ترتيبوار ميجر جنرل (معين سالار) ڪرنل (ضابطه) ليفٽيننٽ ڪرنل (نائب ضابطه) ميجر ڪپتان ۽ ليفٽيننٽ جا عهدا هئا.

جنود ربانيه جو اصلي مرڪز ”مدينو پاڪ“ کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ هيٺيان مرڪز ”قسطنطنيه، تهران ۽ ڪابل“ هئا. ٽنهي مرڪزن جون حدون به مقرر ڪيون ويون. قسطنطنيه جي حد يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن تائين پکڙيل هئي، جڏهن ته تهران جو مرڪز وچ ايشيا جي ملڪن جي لاءِ ۽ ڪابل جي مرڪز جي حد هندستان تائين محدود هئي.

جنود ربانيه“ جي باري ۾ برٽش راڄ حڪومت جي رپورٽ جي هي وضاحت ڌيان ڏيڻ جي لائق آهي، رپورٽ جو مرتب ڪندڙ لکي ٿو: ”جنود ربانيه جي اسڪيم هڪ ٻئي جماعت سان ڳنڍيل هئي جنهن کي موقته هنديه حڪومت (هندستان جي عارضي، جلاوطن حڪومت) چيو ويندو آهي، جنهن جي ميمبرن جي لاءِ مسلمان هئڻ ضروري نه هو. راجا مهندر پرتاب ان جو دائمي صدر هو. وزيراعظم مولوي برڪت الله ۽ وزير امور هند مولانا عبيدالله سنڌي هو. ايئن ڄاڻ پوي تي ته هن جماعت (يعني عارضي حڪومت) جو مقصد افغانستان ۽ هند (انگريزي حڪومت) ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ جيڪي (انگريزي حڪومت کان) غيرمطمئن هندستاني موجود هئا، انهن جي وفد کي غيرجانبدار يا دشمن ملڪن ۾ موڪلي سازباز ۽ جوڙ ٽوڙ ڪرڻ هو.“

راز کلڻ[سنواريو]

هي خط مولانا عيبدالله سنڌيءَ عبدالحق نالي هڪ ماڻهوءَ جي هٿان موڪليا هئا ۽ ان کي هدايت ڪئي هئي ته، هو اهي خط حيدرآباد جي شيخ عبدالرحيم جي حوالي ڪري ڇڏي. ان جي رڳو ايتري ذميواري هئي. عبدالحق تحريڪ جو هڪ ڀروسي جوڳو ماڻهو هو ۽ ان کان اڳ ۾ به هو هڪ ڪم جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اچي چڪو هو. ظفر حسين ايبڪ جيڪو مولانا عبيدالله جو هڪ اعتماد وارو شاگرد، ساٿي ۽ تحريڪ جي راز جو ڄاڻو هو، ان پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ انهيءَ ڳالهه تي هنن لفظن ۾ روشني وڌي آهي:

”انهن ڏينهن ۾ قبله مولانا صاحب پنهنجي ڪابل جي ڪاررواين جو اطلاع حضرت شيخ الهند کي ڏيڻ چاهي. هي سڀ خبرون ۽ رپورٽون ريشمي ڪپڙن تي لکيون ويون ۽ 8 رمضان (9 جولاءِ 1916ع) تي انهن کي هندستان کڻي وڃڻ ۽ شيخ عبدالرحيم صاحب حيدرآبادي کي سنڌ ۾ ڏيڻ جي لاءِ، اسان جي ساٿين مان الله نواز خان جي پيءُ ربنواز خان جي پاليل شيخ عبدالحق نالي هڪ نئين مسلم جي چونڊ ڪئي ويئي. هيءَ رپورٽ ڪنهن اعتبار جوڳي حاجي جي ذريعي شيخ عبدالرحيم جي طرف کان حجاز ۾ حضرت شيخ الهند کي موڪلجڻ واري هئي. جيڪڏهن ان ڪم جي لاءِ ڪو قابل اعتماد حاجي نه ملي سگهي ته پاڻ شيخ عبدالرحيم کي حجاز وڃڻ جي لاءِ چيو ويو هو.“

”عبدالحق سنڌ ڏانهن ويندي، پنهنجي گهر وڃڻ جي لاءِ ملتان ۾ ريل مان لٿو ۽ الله نواز خان جي والد خانبهادر ربنواز خان سان مليو. ان عبدالحق کان ضرور ان جي اچڻ جو سبب پڇيو هوندو، جنهن تي ان هي چٺيون ان کي ڏئي ڇڏيون هونديون. ربنواز جي هٿ ۾ هي چٺيون ايندي ئي ان پنهنجي سرڪار پرستيءَ جو ثبوت ڏيڻ جي لاءِ هي خط سرڪار کي ڏنا، جنهن سان هندستان ۾ مسلمانن جون ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون ۽ هي منصوبو خاڪ ۾ ملي ويو.

عبدالحق جولاءِ 1914ع جي آخر ۾ هي خط کڻي اڳ ۾ ملتان ويو ۽ خانبهار وٽ ترسيو، پوءِ هن نه رڳو راز ظاهر ڪيو پر 4 آگسٽ تي اهي خط به ان جي حوالي ڪري ڇڏيائين. 14 آگسٽ تي خانبهادر ربنواز اهي خط ملتان جي ڪمشنر کي پهچائي ڇڏيا ۽ ان پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر کي موڪلي ڏنا. اهڙي طرح هي خط اصل مالڪ کي پهچڻ جي بدرآن برطانوي راڄ سرڪار وٽ پهچي ويا. ريشمي خط يا ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ هيٺيون نوٽ ان جي هٿ اچڻ جي باري ۾ آهي: ”14 آگسٽ تي ملتان جي خانبهادر ربنواز خان ملتان ڊويزن جي ڪمشنر کي ڦڪي رنگ جي ريشمي ڪپڙي جا ٽي ٽڪرا ڏيکاريا، جن تي اردو ۾ اکر لکيل هئا. هي بيان ڪيو ته هي 4 آگسٽ کان هن وٽ هئا، پر ڪمشنر جي نه هجڻ جي ڪري پيش نه ڪري سگهيس. خانبهادر ٻڌايو ته ان کي هي خط عبدالحق کان مليا آهن، جيڪو اڳ ۾ سندس پٽن جو استاد هو ۽ 1915ع تي انهن سان گڏ ڪابل ويو هو. عبدالحق ربنواز کي هي خط پيش ڪرڻ وقت ٻڌايو هو ته انهن خطن کي پهچائڻ جي لاءِ ان کي ڪابل کان موڪليو ويو هو. هي خط حيدرآباد سنڌ ۾ عبدالرحيم کي ڏيڻا هئا ته جيئن هو انهن خطن کي مديني روانو ڪري ڇڏي. عبدالحق کي عبدالرحيم کان انهن خطن جي رسيد وٺڻي هئي ۽ ان رسيد کي واپس ڪابل کڻي وڃڻو هو.“

برصغير ۾ هن راز جي کلڻ سان وڏي پيماني تي گرفتاريون ٿيون. جڏهن ته نه رڳو تحريڪ سان لاڳاپيل شخصيتن کي، پر هر ان شخص کي به قيد يا نظربند ڪيو ويو، جنهن جي باري ۾ شڪ ٿيو ته ان جو تحريڪ سان يا حضرت شيخ الهند يا مولانا سنڌي سان لاڳاپو رهيو آهي. حضرت شيخ الهند ۽ ان جا ساٿي مولانا حسين احمد مدني، مولانا عزيز گل، مولانا وحيد احمد ۽ حڪيم نصرت حسين کي مديني منور ۾ شريف حسين (حجاز جي گورنر) گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ انهن کي مالٽا ٻيٽ ۾ وٺي وڃي قيد ڪيو ويو، اهڙي طرح اها تحريڪ ڪو مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويئي. [2] [3] [[1]]


حوالا[سنواريو]