مولانا اشرف علي ٿانوي
ڏيک
| مولانا اشرف علي ٿانوي | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| تاريخ موت | |
| شھريت | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | دارالعلوم ديوبند |
| پيشو | |
| دلچسپي | قرآن ،فقه ،صوفي |
| مؤثر | امام ابو حنيفه |
| ترميم | |
مولانا اشرف علي ٿانوي، حڪيم الامت حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي ٿانه ڀون (هندستان) ۾ سنه 1280ھ (1863ع) ۾ تولد ٿيو. وڏو عالم، فاصل ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. طريقت ۾ حضرت حاجي امداد الله مهاجر مڪي کان خط جي ذريعي بيعت ٿيو: جيڪو چشتي طريقي سان وابسته هو. حضرت ٿانوي به رجب سنه 1362ھ (1943ع) تي وفات ڪئي. ظاهري تعليم سان گڏ ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي طريقت جي تعليم به ڏنائين. نه فقط ايترو پر تصوف متعلق ڪتاب به لکيائين. هن بزرگ جو فيض به سنڌ تائين پهتو. سنڌ ۾ ڪيترائي نوان ۽ پراڻا سنڌي سندس مريد آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو