مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ليوانت (سر زمين شام)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Levante يا Levent سان ڀل نہ کائو.
Levant
ليوانت
(سر زمين شام)
Levant
{{ھلڪي سائي رنگ ۾: لیوانت ان جي وسيع، تاريخي معني ۾ (اڀرندي ميڊيٽرينين جي برابر)[1][2]}}
   20 ھین صدي عيسويءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ليونٽ جا ملڪ[3]
  C ملڪ ۽ علائقا ڪڏهن ڪڏهن 21 هين صدي جي استعمال ۾ شامل آهن.
ملڪ ء علایقا Narrow definition:

سانچو:Plain list Broad definition:

سانچو:Plain list
آبادي Narrow definition: 44,550,926[lower-alpha 1]
باشندا ليوانتائن
بولیون عربي، آرامي، آرمينيائي، سرڪسين، ڊوماري، يوناني، عبراني، کردش، ترڪي.
ٽائم زون UTC+02:00 (EET) and UTC+03:00 (TRT/AST)
وڏا شهر فهرست: عمان (اردن) حلب (شام) بيروت (لبنان) دمشق (شام) يروشلم (اولهه ڪناري، فلسطين) تل ابيب (اسرائيل)

ليوانت (سر زمين شام) (/ləˈvænt/ -vant) هڪ تاريخي جاگرافيائي اصطلاح آهي جيڪو اولهه ايشيا جي مشرقي ميڊيٽرينين علائقي جي هڪ وڏي علائقي ڏانهن اشارو ڪري ٿو ۽ سياسي اصطلاح "مڊل ايسٽ" جو بنيادي علائقو. ان جي تمام تنگ معنيٰ ۾، جيڪو اڄ ڪلهه آثار قديمه ۽ ٻين ثقافتي حوالن ۾ استعمال ۾ آهي، اهو اولهه ايشيا ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ سان لڳل، قبرص جي برابر زمين جو هڪ ٽڪرو آهي: [4] [5] يعني شام جو تاريخي علائقو ("سر زمین شام")، جنهن ۾ اڄوڪي اسرائيل، اردن، لبنان، شام، فلسطين ۽ ترڪي جو گهڻو حصو وچ فرات جي ڏکڻ اولهه ۾ شامل آهي. ان جي وڏي خصوصيت اها آهي ته اها آفريڪا ۽ يوريشيا جي وچ ۾ زميني پل جي نمائندگي ڪري ٿي.[5] ان جي وسيع تاريخي معنيٰ ۾، ليوانت ۾ اڀرندي ميڊيٽرينين سمنڊ جا سمورا جزائر شامل آهن؛[6] يعني، ان ۾ اڀرندي ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪنارن سان گڏ اهي سڀئي ملڪ شامل آهن، جيڪي ڏاکڻي يورپ ۾ يونان کان وٺي سائرینيڪا، اتر آفريڪا ۾ اڀرندي لبيا تائين پکڙيل آهن.[7]

13هين ۽ 14هين صديءَ ۾، اصطلاح ليونٽ (Levante) اطالوي سامونڊي واپار لاءِ مشرقي بحر روم ۾ استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ يونان، اناطوليا، شام۔فلسطين ۽ مصر شامل آهن، يعني وينس جي اوڀر واري سرزمين. آخرڪار اهو اصطلاح مسلمان ملڪن شام۔فلسطين ۽ مصر تائين محدود ٿي ويو.[3] اصطلاح 15ھین صدي عيسويء جي آخر ۾ فرانسيسي کان انگريزيء ۾ داخل ٿيو.[6] اهو اطالوي levante مان نڪتل آهي، معنيٰ ”اڀرڻ“، مطلب آهي سج جو اڀرڻ اوڀر ۾،[3] [2] ۽ وسيع طور تي اصطلاح "المشرق" (عربي ٻولي: ٱلْمَشْرِق ) جي برابر آهي.[8] معنيٰ ”اڀرندي هنڌ، جتي سج اڀري ٿو“. [9]

سال1581ع ۾ انگلينڊ عثماني سلطنت سان واپار ڪرڻ لاءِ لیوانت ڪمپني قائم ڪئي. لیوانت ریاستن (Levant States) جو نالو پهرين عالمي جنگ کان پوءِ شام ۽ لبنان تي فرانسيسي مينڊيٽ جي حوالي سان استعمال ڪيو ويو. شايد اهو ئي سبب آهي جو اصطلاح لیوانت خاص طور تي جديد شام، لبنان، فلسطين، اسرائيل، اردن ۽ قبرص جي حوالي سان استعمال ڪيو ويو آهي. ڪن عالمن جو خيال آهي ته اهو نالو لبنان جي نالي مان نڪتل آهي.[3] اڄ اصطلاح اڪثر پراگيتاني يا قديم تاريخي حوالن سان گڏ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان جي ساڳي معنيٰ آهي ”شام۔فلسطين“ يا "الشام" (عربي ٻولي: ٱلشَّام) یا سر زمین شام، اهو علائقو جيڪو اتر ۾ ترڪي جي تورس جبل، اولهه ۾ رومي سمنڊ، اوڀر ۾ اتر عرب ريگستان ۽ عراق ۽ ڏکڻ ۾ سينائی، جنهن کي مڪمل طور شامل ڪري سگهجي ٿو يا نه.[10] [5] عام طور تي، ان ۾ ترکی جو علایقو اناطوليا (جنهن کي ايشيا مائنر پڻ سڏيو ويندو آهي)، قفقاز جبل، يا عربستان جو ڪو به حصو شامل ناهي. سیلیسیا (Cilicia) (ايشيا مائنر ۾) ۽ سينائي اپٻيٽ (ايشيائي مصر) ڪڏهن ڪڏهن شامل آهن.

همعصر علائقي جي نالي جي طور تي، ڪيترن ئي لغتن ۾ ليونٽ کي اڄ به آثار قديمه سمجهيو وڃي ٿو.[11] [12] [13]

لیوانت "اولھ ايشيا، مشرقي ميڊيٽرينين ۽ اتر اوڀر آفريڪا جو لنگهه" بيان ڪيو ويو آهي،[14] ۽ جيولوجيڪل اصطلاحن ۾ "عربي پليٽ جي اتر اولهه" طور بيان ڪيو ويو آهي.[15] ليونٽ جي آبادي نه رڳو جاگرافيائي بيهڪ، پر کاڌي پيتي، ڪي رسمون ۽ تاريخون[16] شيئر ڪن تا.[17] اهي اڪثر ڪري لیونتائن (Levantines) طور حوالو ڏنو ويو آهي.[18]

حوالا[سنواريو]

  1. Gagarin 2009, p. 247; Oxford Dictionaries 2015.
  2. 2.0 2.1 Encarta 2009, "Levant"
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 Gagarin 2009, p. 247
  4. Gasiorowski, Mark (2016). The Government and Politics of the Middle East and North Africa. p. 5: "... today the term Levantine can describe shared cultural products, such as Levantine cuisine or Levantine archaeology". ISBN 081334994X.
  5. 5.0 5.1 5.2 Steiner & Killebrew, p. 9 Error in webarchive template: Check |url= value. Empty.: "The general limits ..., as defined here, begin at the Plain of 'Amuq in the north and extend south until the Wâdī al-Arish, along the northern coast of Sinai. ... The western coastline and the eastern deserts set the boundaries for the Levant ... The Euphrates and the area around Jebel el-Bishrī mark the eastern boundary of the northern Levant, as does the Syrian Desert beyond the Anti-Lebanon range's eastern hinterland and Mount Hermon. This boundary continues south in the form of the highlands and eastern desert regions of Transjordan."
  6. 6.0 6.1 Oxford Dictionaries 2015.
  7. Pierre-Louis Gatier, E. Gubel, Philippe Marquis. The Levant History and Archaeology in the Eastern Mediterranean, Könemann, Page 7
  8. Gagarin 2009; Naim 2011;
  9. Naim 2011.
  10. Steiner & Killebrew, p. 2 Error in webarchive template: Check |url= value. Empty..
  11. LEVANT archaic The eastern part of the Mediterranean with the islands and neighbouring countries. New Oxford Dictionary of English, 2nd ed., revised, 2005.
  12. "LEVANT, THE". "A general term formerly given to the E shores of the Mediterranean Sea from W Greece to Egypt". The Penguin Encyclopedia, revised 2nd ed., 2004.
  13. LEVANT, (vieilli) Le Levant: les pays, les régions qui sont au levant (par rapport à la France) et spécialt. les régions de la Méditerrranée orientale. Le Nouveau Petit Robert de la langue française, (1993 revised ed.).
  14. The Ancient Levant, UCL Institute of Archaeology, May 2008
  15. Egyptian Journal of Geology, Volume 42, Issue 1, p. 263, 1998
  16. "Ancient Ashkelon – National Geographic Magazine". Ngm.nationalgeographic.com. وقت 28 February 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2011-10-17. 
  17. "The state of Israel: Internal influence driving change". BBC News. 2011-11-06. https://www.bbc.co.uk/news/world-middle-east-15479879. 
  18. Orfalea, Gregory (2006). The Arab Americans: A History. Olive Branch Press. Northampton, MA. Page 249.


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو