فاطمه ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فاطمه ڀٽو
فاطمه ڀٽو
فاطمه ڀٽو

معلومات شخصيت
ڄم مئي 1982 (عمر 41 سال)
ڪابل، افغانستان
رهائش ڪراچي، پاڪستان
قوميت  پاڪستان
ڌرم اسلام
پيءُ مرتضيٰ ڀٽو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
رشتيدار ڀٽو خاندان
ڪٽنب ڀٽو خاندان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو family (P53) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، يونيورسٽي آف لنڊن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو مصنفہ، ڪالم نگار، صحافي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

فاطمه ڀٽو 29 مئي 1982ء تي افغان گاديء جي ھنڌ ڪابل ۾ ان وقت پيدا ٿي، جڏھن ھن جو والد مير مرتضيٰ ڀٽو جلا وطني جي زندگي گزاري رھيو ھو۔

خانداني پس منظر[سنواريو]

فاطمه ڀٽو اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي جڏھن تہ پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ڀائٽي آھي جڏھن تہ ھن جي والده فوزيہ فصيح الدين ڀٽو افغان وزارت خارجه جي اھلڪار جي ڌيءُ ھئي۔ سوٽيلي والده غنويٰ ڀٽو ھن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) جي چيئر پرسن آھي۔ فاطمه ڀٽو جو والد میر مرتضيٰ ڀٽو 1996ء ۾ پنھنجي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي دور ۾ قتل ٿيو۔

تعليم[سنواريو]

فاطمه ڀٽو ابتدائي تعليم دمشق(شام) ۾ حاصل ڪئي۔ 1993ع پنھنجي والده غنويٰ ڀٽو ۽ ننڍي ڀاءُ ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان پالستان آئي ۔ ھن ڪراچي ۾ امريڪن اسڪول مان او ليول ڪئي۔ پوءِ 2004ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي، نيويارڪ مان امتيازي نمبرن سان گريجوئيشن ڪئي۔ گريجوئيشن ۾ ھن جو خاص مضمون وچ اوڀر ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻوليون ڪلچر ھو۔ 2005ع ۾ ھن اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز مان ”سائوٿ ايشين گورنمينٽ ۽ سياسيات“ ۾ ماسٽرز ڪئي۔

لکڻيون[سنواريو]

فاطمہ ڀٽو شاعره ۽ ليکڪا آھي، پاڪستان ، آمريڪا ۽ برطانيا جي مختلف اخبارن ۾ ڪالم بہ لکي ٿي۔ 1997ع ۾ پندرھن ورھن جي عمر ۾ فاطمہ ڀٽو جو پھريون شعري مجموعو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان مان شايع ٿيو جنھن جو عنوان Whispers of the Deserts (ريگستانن جون سرگوشيون) ھو۔ 2006ع ۾ ٻيو ڪتاب 8 آڪٽوبر 2005ع تي آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ آيل زلزلي جي موضوع تي ” 8:50a.m. 8 October 2005“ جي عنوان سان شايع ٿيو۔ جڏھن تہ ٽيون ڪتاب ”Songs of Blood and Sword“ پڻ ڇپيو آھي(وڌيڪ معلومات ميسر ناھي)۔

دلچسپي[سنواريو]

فاطمه ڀٽو کي سماجي فلاح ۽ بھبود جي ڪمن سان گھري دلچسپي آھي، بالخصوص سنڌ جي جيلن ۾ قيد عورت سان ٿيندڙ سلوڪ، ھن جي توجھہ جو خاص مرڪز آھي۔ ھو صرف ان موضوع تي تفصيل سان لکندي رھي آھي، بلڪه باقاعدگي سان لاڙڪاڻو ويمنز جیل جو معائنو به ڪندي آھي۔ ھن کي ڪراچي ۾ ڪچي آبادين ۾ وسندڙ ماڻھن جي مسئلن سان بہ گھاٽي دلچسپي آھي ۔

ذاتي زندگي[سنواريو]

فاطمه پاڻ کي ثقافتي مسلم ڄاڻايو آھي ھوءَ سيڪيولر آھي. ھن ڪيترن ئي موقعن تي مسلم عورتن جي لاءِ برقعو پائڻ جي لاءِ ڳالهه ڪئي آهي.

پرڻو[سنواريو]

فاطمہ ڀٽو گراھم سان 70 ڪلفٽن، ڪراچي ۾ 27 اپريل 2023 تي پرڻو ڪيو[2][3][4][5]


حوالا[سنواريو]

  1. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb162765160 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  2. "Fatima Bhutto ties the knot in intimate nikkah ceremony". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2023-04-28. 
  3. Staff, Images. "Author Fatima Bhutto ties the knot in Karachi". Images. حاصل ڪيل 2023-04-28. 
  4. "Fatima Bhutto ties the knot in Karachi". Daily Times. حاصل ڪيل 2023-04-28. 
  5. "Fatima Bhutto gets married in Karachi". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2023-04-28. 

https://archive.is/20130113111734/www.dailytimes.com.pk/default.asp?page=2006\09\15\story_15-9-2006_pg12_2

http://www.guardian.co.uk/politics/2008/jan/11/women.pakistan

http://76.12.127.225/jang_mag/arc_detail_article.asp?id=7449[مئل ڳنڍڻو]