غلام محمد ڀرڳڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


غلام محمد خان ڀرڳڙي
رئيس
بئريسٽر، سياستدان
ذاتي تفصيل
پيدائش 15 جولاءِ 1878
ڊي ھاڻ ڀرڳڙي، جيمس آباد
وفات 9 مارچ 1926 (46 سال)
حيدرآباد
سياسي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس

بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ولد محترم رئيس مولوي ولي محمد ڀرڳڙي، سنڌ جي ضلعي ميرپورخاص جي هڪ ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ 15 جولاءِ 1878ع ۾ جنم ورتو.

خاندان[سنواريو]

رئيس غلام محمد خان ڀڳڙيءَ جا وڏا اصل ديري غازي خان طرف جا ويٺل، بلوچ قوم جا هئا ۽ ڀرڳڙھ جي طرف کان لڏي، ميرن جي صاحبيءَ ۾ اچي سنڌ ۾ رهڻ ڪري ”ڀرڳڙي“ سڏجڻ لڳا هئا.سندن وڏو ڏاڏو، رئيس علي خان، ڀرڳڙي ضلعي ديري غازي خان کان ڪلهوڙن جي آخري وقت ڌاري سنڌ ۾ آيل هو. ان کان پوءِ هيٺئين احوال موجب انهيءَ قبيلي جا بزرگ ٿي گذريا آهن: رئيس علي خان کي فرنزد ڏاتو خان ٿيو. ان کي فرنزد رئيس حيدر خان ٿيو، جنهن کي چار فرزند ٿيا: 1. جمال خان، 2. خيرو خان، 3. صوڀو خان، ۽ 4 سلطان خان، انهن مان چار پاڙا، هر هڪ جمالاڻي، خيراڻي، صوڀاڻي ۽ سلطاني ٿيا، جي اڃا تائين انهن نالن سان سڏجن ٿا. رئيس جمال خان کي فرزند ولي محمد خان ٿيو، جنهن ڀرڳڙين ۾ خاص نالو ڪڍيو. ان کي فرنزد رئيس غلام محمد خان ٿيو، جنهن کي فرزند ميان ولي محمد خان دوئم ٿيو. رئيس ميان غلام محمد خان جو والد رئيس ميان ولي محمد خان، ڊينگاڻ تعلقي جيمس آباد جو ويٺل هو، جتي محنت، ڪفايت شعاري ۽ انتظامي لياقت سان پنهنجي زمين ۽ ملڪيت وڌائي ويو هو. انهيءَ حد ۾ هو مکيه ۽ بااثر زميندار ٿي گذريو آهي. رئيس ولي محمد خان دوم، ٻه شاديون ڪيون هيون. هڪ رئيس مسو خان ڀرڳڙيءَ جي نياڻيءَ سان، جنهن مان رئيس غلام محمد خان مرحوم پيدا ٿيو، ٻي شادي، سوڍن مان ٺَڪر رتن سنگهه جي نياڻيءَ ۽ ٺڪر اکجي، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ ٺڪر ڪلجيءَ جي همشيره سان ٿي، جنهن مان رئيس جان محمد خان، رئيس غلام حسين خان ۽ رئيس دين محمد خان پيدا ٿيا. رئيس جان محمد خان کي نياڻي پيدا ٿي ؛ باقي ٻه لاولد وفات ڪري ويا. رئيس غلام محمد خان کي ٽي فرزند ٿيا.رئيس عبدالقيوم خان، 2. رئيس غلام رسول خان ۽ 3. رئيس غلام مصطفيٰ خان، انهن مان پهريون ننڍي هوندي وفات ڪري ويو، باقي زنده آهن، جن کي اولاد آهي. رئيس ولي محمد خان 1890ع ۾ وفات ڪئي.[1]

تعليم[سنواريو]

رئيس غلام محمد خان جي ابتدائي تعليم، قرآن شريف ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ سان شروع ٿي، سندس استاد ميهڙ طرف جو هڪ عالم هو، جو رئيس وڏي خاص سندس تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. ابتدائي تعليم مان فارغ ٿيو ته کيس حيدرآباد جي مشن اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. اهو اسڪول رئيس جي هاڻوڪي بنگلي جي جاءِ تي، ميرن جي قبن جي ڀر ۾ ٺهيل هو. اتي چار درجا پڙهي، پوءِ رئيس صاحب وري اين. ايس. اڪيڊمي هاءِ اسڪول حيدراباد ۾ اچي پڙهڻ لڳو. سگهو ئي رئيس ميان ولي محمد خان 1890ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ صغير هئڻ ڪري، ملڪيت ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي. تنهن کان پوءِ رئيس صاحب کي ڪراچيءَ جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي ڪجهه وقت تعليم جاري رکيائين. ان وڌيڪ تعليم لاءِ هو عليڳڙھ ويو، جتان مئٽرڪ پاس ڪيائين. امتحان پاس ڪرڻ بعد، موٽي اچي پنهنجي زمينداريءَ جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو.ان وقت سندس زمين ڪورٽ آف وارڊس مان آزاد ٿي چُڪي هئي. پاڻ ان وقت پنجويهن ورهين جو نوجوان هو ۽ ممڪن هو ته ٻين تعليم يافته زميندارن وانگر هي به وڏيرڪي زندگي گذارڻ لڳي ها، پر ستت ئي کيس هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن سندس غيرت کي تازيانو لڳائي سندس زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو. ان بابت هن طرح روايت ڪئي وڃي ٿي ته هڪ دفعي پاڻ شادي پلي اسٽيشن تي لهي، ڳوٺ وڃڻ لاءِ رات جو اچي ڊاڪ بنگلي ۾ رهيو، ساڻس ٻار ٻچا هئا ۽ بارش پئجي رهي هئي. ان وقت ڪو کاتي جو نوڪر آيو ۽ کيس چيائين ته : ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب (انگريز) اچڻ وارو آهي، تنهن ڪري بنگلو خالي ڪريو. رئيس صاحب ان کي چيو ته: رات آهي، بارش پئجي رهي آهي، ٻار ٻچا ساڻ آهن، هن وقت ڪيڏانهن وڃي سگهندس؛ بنگلو وڏو آهي، صاحب هڪ طرف رهي سگهي ٿو وغيره، پر هو بنگلي خالي ڪرڻ لاءِ اصرار ڪندو رهيو. ان وقت انگريز عملدار پاڻ کي سياهه ۽ سفيد جا مالڪ ۽ حڪمران قوم جا فرد سمجهي عام ماڻهن ۽ زميندارن کي گهٽ نظر سان ڏسندا هئا. صاحب بهادر کي جڏهن معلوم ٿيو ته سندن حد جي هڪ زميندار اهڙي خود سري ڏيکاري آهي جو بنگلي خالي ڪرڻ کان به انڪار ڪيو اٿس، سو غصي ۾ اچي، رئيس صاحب کي نقصان پهچائڻ لاءِ گهاٽ گهڙڻ لڳو. ٻئي طرف رئيس صاحب عملدارن جي روش کي نندڻ لاءِ زميندارن کي سڏائي، احتجاج شروع ڪيو، قصو وڌي ويو ۽ رئيس صاحب کي 110 فوجداري ضابطي هيٺ رجوع ڪرڻ جا منصوبا سٽجڻ لڳا، رئيس صاحب، دوستن جي مشوري سان، انهن حالتن هيٺ 1905ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ انگلينڊ هليو ويو. هو اتي ٽي سال رهي پيو. 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جي سند وٺي، موٽي سنڌ آيو، ۽ حيدرآباد شهر ۾ وڪالت جي فرم کوليائين. ان لاءِ سندس ٻه ڪارڻ معلوم ٿين ٿا، هڪ ته شهري زندگيءَ سان وابسته رهڻ ڪري هو سهولت سان سياست ۾ حصو وٺي سگهيو ٿي ۽ ٻيو ته وڪالت جي ڌنڌي اختيار ڪرڻ ڪري کيس سرڪاري عملدار ڪا اجائي سجائي تڪليف پهچائي نٿي سگھيا . سندس زمين 60 هزار ايڪڙ هئي.[1]

سياسي ۽ سماجي خدمتون[سنواريو]

رئيس صاحب 1909ع ڌاري هي ڪانگريس جو ميمبر ٿي چڪو هو. انهيءَ وقت ۾ ’منٽو مارلي، رفارمس‘ موجب نيون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. سنڌ کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ چئن عيوضين چونڊڻ جو حصو مليو هو، جن جا تڪ هن ريت هئا: 1. سنڌ جي ميونسپالٽين طرفان هڪ عيوضي، 2. سنڌ جي لوڪل بورڊن طرفان هڪ عيوضي، 3. زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان هڪ عيوضي، 4. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس (يورپين) طرفان هڪ عيوضي.اهي چونڊون 1909ع جي آخر ۾ ٿي گذريون، جن ۾ هيٺيان عيوضي بمبئي ڪائونسل تي چونڊجي ويا: 1. ميونسپالٽين طرفان سيٺ هرچند راءِ وشنداس چونڊيو. 2. لوڪل بورڊ طرفان سيد ميان الهندو شاهه ولد محمد علي شاهه ڊڀري وارو چونڊيو. 3. زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان رئيس غلام محمد خان ولد رئيس ولي محمد خان ڀرڳڙي چونڊيو. ۽ 4. چيمبر آف ڪامرس طرفان (سر) مانٽيگو ويب چونڊيو ويو. بمبئي جي ان نئينءَ ڪائونسل جو پهريون اجلاس 4 جنوري 1910ع تي، بمبئيءَ ۾ ڪٺو ٿيو. 1916ع جي چونڊ ۾ خانبهادر سيد الهندو شاهه مرڪزي اسيمبليءَ تي چونڊجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي لوڪل بورڊن طرفان سر غلام حسين هدايت الله چونڊيو. مکيه مسئلا جن ۾ رئيس دلچسپي ورتي، سي هئا: (الف) اردو پرائمري تعليم لاءِ ٺهراءُ ؛ (ب) چئريٽيز رجسٽريشن بل ؛ (ت) ايريگيشن بل ؛ (ث) ڊسٽرڪٽ ميونسپل بل ؛ (ج) فري ڪمپلسري ايڊيوڪيشن بل ؛ (ح) ڪاٽن ڪنٽرول بل؛ (خ) وليج پئنچات بل، وغيره. سندس ڪوشش سان سنڌ جي واهن جو سڌارو ٿيڻ لڳو. آبادگارن کي وڌيڪ سهوليتون ملڻ شروع ٿيون ۽ کيتيءَ جي سڌاري لاءِ ايگريڪلچرل فارم کولڻ جي تجويز ٿي. سنڌ جي رستن سڌارڻ لاءِ لوڪل بورڊ کي وڌيڪ گرانٽون ملڻ شروع ٿيون. سيٺ هرچند راءِ ”روڊس بل“ پيش ڪيو ۽ هن ان جي تائيد ڪئي.[2] 30 ڊسمبر 1915ع تي، آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس مولوي مظهرالحق جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو. انهن ٻنهي اجلاسن ۾ سنڌ مان رئيس صاحب سان گڏ غلام علي چاڳلا، مسٽر محمد حافظ شيخ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر شيخ نور محمد ۽ شيخ غلام حسين هدايت الله ويل هئا، شيخ عبدالمجيد سنڌيصاحب انهن ڏينهن ۾ رئيس صاحب جو سياسي مشير هو. مسلم ليگ ۾ انهن ڏينهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري ۽ جناح صاحب شريڪ ٿيڻ لڳا هئا، جن جي ڪوششن سان ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جي نزديڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳيون هيون، بمبئيءَ ۾ گهڻي وقت رهڻ ۽ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ڪري، رئيس صاحب ۽ جناح صاحب جا هڪ ٻئي سان دوستاڻا تعلقات قائم ٿي ويا هئا. ، 26، 27، 28 ڊسمبر 1916ع تي، آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس بابو امبيد ڪاچرن جي صدارت هيٺ لکنؤ ۾ ڪٺو ٿيو، ۽ انهيءَ موقعي تي 31 ڊسمبر 1916ع تي، ساڳئي شهر ۾ مسٽر محمد علي جناح جي صدارت هيٺ مسلم ليگ جو اجلاس به ڪٺو ٿيو هو، رئيس صاحب جو ڪانگريس ۾ مسلم ليگ ۾ ان وقت تائين چڱو اثر پيدا ٿي ويو هو، راجا صاحب محمود آباد ، سر علي محمد خان سان سندس دوستاڻا تعلقات ٿي ويا هئا، جنهن ڪري انهيءَ موقعي تي جناح صاحب ۽ رئيس صاحب راجا صاحب جا مهمان خصوصي ٿي وڃي رهيا هئا. ان وقت سنڌ مان مسٽر محمد حافظ ۽ ٻيا رئيس صاحب سان ويل هئا. انهيءَ موقعي تي مسٽر هرچندراءِ وشنداس، رئيس صاحب ۽ جناح صاحب جي ڪوشش سان، ڪانگريس ۽ ليگ جي وچ ۾ هڪ سمجهوتو ٿيو، جنهن کي بعد ۾ ”لکنؤ پئڪٽ“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ان کان پوءِ ڊسمبر 1917ع ۾، آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس، ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو، ڊاڪٽر ايني بيسنت ’هوم رول ليگ‘ ڪراچي ڪانگريسي حلقن ۾ شهرت حاصل ڪري ويئي هئي. هن رئيس صاحب کي ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري چونڊرايو ؛ جنهن ڪري هو آل انڊيا ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت سان به ڪم ڪرڻ لڳو. سنڌ مان اھو اعزاز واحد مسلمان کي مليو. مولانا عبيدالله سنڌي، ملڪ ڇڏي افغانستان ۾ وڃي ويٺو هو. هو اتان هندستانين سان انگريزن خلاف لکپڙهه هلائيندو رهندو هو، تنهن جي ”سلڪ ليٽر“ پڪڙجڻ کان پوءِ رئيس جي ”الامين“ اخبار جي ايڊيٽر شيخ عدالمجيد سنڌيءَ کي، 1916ع ۾ اڳي ئي جيل موڪليو ويو هو، حڪومت کي قوي گمان هو ته مولانا جي تحريڪ سان ڀرڳڙي صاحب جي همدردي آهي. ليڪن کين ڪا ثابتي ملي نٿي سگهي. عملدار ان ڪري سازش سٽي رهيا هئا ته ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ رئيس کي اَڙائين. انهيءَ ڳالهه کان بچڻ لاءِ کيس دوستن طرفان اهو مشورو ڏنو ويو ته ڪجهه وقت لاءِ پاڻ انگلينڊ هليو وڃي. ان ڪري هو 1918ع جي وچ ڌاري انگلينڊ هليو ويو ۽ اتي وڃي خلافت تحريڪ ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.[2] 31 مارچ 1923ع تي، لکنؤ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ڪٺو ٿيو، جنهن جي صدارت رئيس ڀرڳڙيءَ ڪئي. ان ۾ مکيه ڪارڪنن مان ڪيترا شريڪ نه ٿي سگهيا. ڪي جيل ۾ هئا ۽ ڪيترا اُن کي نرم جماعت سمجهڻ لڳا هئا. ان ۾ مکيه ماڻهو رڳو سندس دوست سر علي محمد صاحب راجا آف محمود آباد شريڪ ٿيو، جو ان وقت يو پي سرڪار جو هوم ميمبر هو. انهيءَ اجلاس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين شيخ شاهد حسين، تعلقدار گديه هو. شيخ صاحب اهو وڏو خطبو پڙهيو، جنهن ۾ مختلف پهلوئن تي بحث ڪيل هو. ان کان پوءِ رئيس صاحب هڪ ڊگهو خطبه صدارت 58 صفحن تي مشتمل پڙهيو، جو نهايت عالمانه ۽ همه گير هو.[2] رئيس صاحب باوجود سارو وقت سياسي ڳالهين ۾ مشغول رهڻ جي، پنهنجي زمينداريءَ کي چڱو سڌاريو، پيدائش وڌايائين ۽ ڦٽين ٽاڻڻ جي فيڪٽري قائم ڪيائين، پر پنهنجي وڌي ويل خرچ کي گهٽائي نه سگهيو. سندس ذاتي خرچ ايترو گهڻو ڪو نه هو، پر سياسي ڳالهين تي گهڻو خرچ ٿيندو هو. ”الامين“ اخبار جو سمورو خرچ پاڻ ڪندو هو. ”سنڌ واسي“ اخبار کي مدد ڪندو هو. سنڌ جا اڪثر قومي ڪارڪن سندس مهمان نوازيءَ ۽ مدد سان مستفيد ٿيندا هئا. غريب شاگردن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپون پنهنجي هڙان ڏيندو هو. وڪالت مان ڪا پيدائش ڪا نه هيس ۽ اڪثر ڪيس مفت کڻندو هو. شيخ عدالمجيد سنڌيءَ جي خلاف هندن جو ڪيس پاڻ هلايائين ؛ حرن کي لوڙهن مان آزاد ڪرائڻ جو ڪيس هلايائين ؛ ”الحق“ اخبار جي ايڊيٽر تي، ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال تي ڪيل نڪته چينيءَ جي سلسلي ۾ جڏهن بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو ويو ته رئيس اهو پڻ هلايو ۽ جڏهن مئجسٽريٽ، ايڊيٽر کي ڏوهي ٺهرائي 500 رپيا جرمانو وڌو ته اهو پاڻ ادا ڪيائين. اهڙا سندس سخاوت جا ڪيئي مثال آهن. هو اميراڻي ٺٺ سان رهندو هو، ليڪن دل فقيراڻي هوندي هيس. ريل جي فرسٽ ڪلاس ۾ سامان رکي، اڪثر ٿرڊ ڪلاس ۾ دوستن ۽ عام ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو. ڪولهين، مينگهواڙن، هارين سان گڏ پٽ تي ويهي رهاڻيون ڪندو هو. هڪ دفعي ڪنهن مينگهواڙ کي ڏسي چيائين ته، ”آءٌ تنهنجو ڀاءُ آهيان.“ تنهن تي هن چيس ته، ”جي ائين آهي ته منهنجي هٿ جو پاڻي پيءُ!“ رئيس صاحب پاڻي وٺي پي ويو. پاڻ ”سنڌ زميندار ايسوسيئيشن“ جو باني هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جماعت جي شاخ 1918ع ۾ پهرين هن ئي قائم ڪرائي. حيدرآباد نيشنل ڪاليج کي ڪامياب بنائڻ ۾ هن گهڻي سرجوشي ڏيکاري. ورهين جا ورهيه ان جي بورڊ جو چيئرمين رهيو. ماڻهن ۾ هن لاءِ ايترو قرب ۽ پيار هوندو هو جو اڪثر مسئلا وٽس اچي پيش ڪندا ۽ فيصلا ڪرائيندا هئا. هڪ ڀيري ميڊيڪل اسڪول حيدرآباد جي شاگردن ۽ هيرآباد عاملن جي وچ ۾ سخت تڪرار ٿي پيو پر رئيس جي وچ ۾ پوڻ ڪري صلح ٿي ويو. رئيس مذهبي معاملن ۾، تصوف ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي اثر ڪري، آزاد خيال ۽ فرقي بنديءَ کان پري هو، کيس مذهبن جي پويان بنيادي وحدت جو پتو پيل هو، ان ڪري سڀني مذهبن جي پوئلڳن سان سندس سٺو سلوڪ هوندو هو. ڪٽرپڻو سندس ويجهو به نه هو. هُو محبت جو مجسمو هو. سندس خاص مقررين مان مسٽر غلام علي نانا. پير غلام نبي شاه اُلهندي ڪَچي وارو، مرحوم نور محمد وڪيل، محمد صالح صديقي، ڄيٺمل پرسرام، کيمچند مهتاڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيرامداس دولترام، مسٽر سنتداس منگهارام هئا. سياسي دوستن مان سيٺ هرچند راءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا، مسٽر محمد علي جناح ۽ راجا صاحب محمود آباد هئا. [2]

وفات[سنواريو]

بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي 9 مارچ 1924ع ۾ نمونيا هئڻ سبب حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن سندس مڙھ جهلوري اسٽيشن تي پهتو تہ ڊينگاڻ کان جهلوري اسٽيشن تائين 15 ڪلوميٽر جي فاصلي اندر رڳو ماڻهو ئي ماڻهو هئا. هند سنڌ جي سورهيه اڳواڻ مرحوم بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي جي قيمتي ٻن بنگلن اباڻي قبرستان جي سارسنڀال ڪرڻ لاءِ ۽ ڊينگاڻ واسين جي غريب شاگردن جي رهائش ،ماني، ۽ تعليم ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ غلام محمد ڀرڳڙي جي فرزند 377 ايڪڙ زرعي زمين اوقاف کاتي کي ڏني جيڪا اڄ بہ اوقاف کاتي وٽ آھي. [3]

سندس وفات وقت حيدرآباد جا هزارين شهري، هندو ۽ مسلمان مرد ۽ زالون، سندس جنازي سان ماتم ۾ هليا، کيس ڊينگاڻ، مائٽاڻي مقام ۾ دفن ڪيو ويو.سندس ڀاءُ رئيس جان محمد خان، بمبئي ڪائونسل جو، ٿرپارڪر ضلعي مان ڪجهه وقت ميمبر چونڊيل هو. ، کيس اولاد ڪو نه ٿيو. رئيس غلام محمد خان کي ٽي فرزند ٿيا: رئيس عبدالقيوم خان، رئيس غلام رسول خان ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان.[2]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. ڊيلي عبرت ايڊيشن 17 مارچ 2011