ايني بيسنت

ايني بسئنت (Annie Besant)، 1847ع ڌاري لنڊن (انگلينڊ) ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو نالو ”پيچ وُڊ“ ۽ ماءُ جو نالو ”ايميلي“ هو. هوءَ هڪ انگريز سوشلسٽ، ٿياسوفسٽ، فري ميسن، عورتن جي حقن ۽ هوم رول ڪارڪن، تعليمدان ۽ هندستاني قوم پرستي جي مهم هلائيندڙ هئي. هوءَ آئرش ۽ هندستاني خود حڪمراني جي پرجوش حامي هئي. هوءَ 1917ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي پهرين عورت صدر بڻجي وئي.
1867ع ۾ هڪ ڪرسچن پادري ”فرئنڪ بيسنت“ سان ويهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس وِهانءُ ٿيو، جنهن مان کيس ٻه پٽ ٿيا، پر ذهني هم آهنگي نه ٿيڻ سبب ڇهن سالن جي عرصي ۾ ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا. پادري ڪٽر خيال هو ۽ ايني بيسنت آزاد خيال هئي. ايني بيسنت انگلينڊ، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن مڙس کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ٻارن جي تربيت لاءِ مزدوري ڪري وقت گذاريو ۽ ايئن کيس مزدور طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ٿيو. 1874ع ڌاري هن جي انگلينڊ جي نامور اڳواڻ ۽ پارليامينٽ جي ميمبر چارلس براڊلا سان ملاقات ٿي ۽ هوءَ سندس اخبار ”نيشنل رفارمر“ جي ڪيترو وقت اسسٽنٽ ايڊيٽر به ٿي رهي. هن ساڻس گڏجي ٽريڊ يونين سرگرمين ۾ حصو ورتو. مسٽر براڊلا ۽ ايني بيسنت مظلومن جا حامي هئا، ان ڪري اقتدار جا ڌڻي سندن قلم ۽ تقريرن کان ڪؤ کائيندا هئا. ان ئي زماني ۾ هنن ٻنهي گڏجي ”برٿ ڪنٽرول“ (ڄم روڪ) بابت هڪ ڪتابڙو لکيو، جنهن انگلينڊ جهڙي قدامت پسند ملڪ ۾ ٻڙڌول مچائي ڇڏيو. مٿن ڪيس هليو ۽ کين هڪ سال سزا ملي، پر پوءِ اپيل تي آزاد ٿيا. ايني بيسنت بنيادي طرح سوشلسٽ خيال هئي، جڏهن ته مسٽر براڊلا سوشلزم کي شخصي آزاديءَ لاءِ ڇيهي ڪار سمجهيو ٿي، -ان- ڪري سندن اختلاف ٿي پيا. ايني بيسنت سوشل خيال ”فيبن سوسائٽي“ ۾ 14 سال ڪم ڪيو ۽ سوشلزم جي حمايت ۾ ڪيترا رسالا ڪڍيا، هن ئي پارٽيءَ اڳتي هلي ”ليبر پارٽيءَ“ کي جنم ڏنو.
ايني بيسنت 2 مئي 1889ع تائين مادام بلئوٽسڪيءَ جي ”ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ“ جي ميمبر رهي. سوسائٽيءَ جي خواهش تي 16 نومبر 1893ع تي ٽيو ٽيڪورن، مدراس ۽ ان کانپوءِ 15 مارچ 1894ع تي ممبئيءَ پهچي هندستان ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ لاءِ ڪم شروع ڪيائين. هوءَ غير معمولي صلاحيت جي مالڪ ۽ بهترين مقرر هئي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جواهر لعل نهرو سندس تقريرن جو معترف هو ۽ مهاتما گانڌي سندس بي بها خدمتن جو قائل هو ۽ سڀاش چندر بوس کيس مشرق ۽ مغرب جو سنگم سمجهندو هو.
ٿياسافيڪل سوسائٽي جي صدر ڪرنل الڪاٽ جي وفات (17 فيبروري 1907ع) کان پوءِ ايني بيسنت دنيا جي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي صدر چونڊي وئي ۽ ان منصب تي وفات (20 سيپٽمبر 1933ع) تائين 26 سال ڪم ڪيائين. هن انڊين بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن پڻ قائم ڪئي.
ايني بيسنت هفتيوار ”ڪامن ويلٿ“ سان گڏ ”مدراس اسٽينڊرڊ“ کي خريد ڪري ان جو نالو بدلائي روزاني اخبار ”نيو انڊيا“ جاري ڪئي. هن 1917ع ۾ هوم رول تحريڪ هلائي، جنهن دوران نظربندي ۾ رهي. هوءَ انڊين نيشنل ڪانگريس جي ميمبر پڻ رهي ۽ هندستان جي مکيه سياسي، سماجي ۽ تعليمي تحريڪن جي رهبر رهي.
ايني بيسنت ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي صدر هئڻ دوران سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان ”نيشنل ايجوڪيشن موومينٽ“ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد هندستان جي سماجي ۽ تعليمي ترقي هئي. ان تحريڪ نيشنل ايجوڪيشنل ٽرسٽ قائم ڪري تعليمي ادارا قائم ڪيا، جيئن ته سوسائٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر مدراس ۾ هو، ان ڪري هن اتي ”مدن پالي ڪاليج“ قائم ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سينٽرل هندو يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿيو. هن ٽرسٽ مختصر عرصي ۾ بنارس گرلز ڪاليج، ڪانپور هاءِ اسڪول، بانڪي پور هاءِ اسڪول، گورکپور هاءِ اسڪول، ڀاونگر هاءِ اسڪول ۽ ٻيا 19 تعليمي ادارا قائم ڪيا.
ايني بيسنت جو سنڌ جي تعليمي ترقيءَ ۾ تمام اڳڀرو ڪردار آهي. موجوده گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد (سنڌ نيشنل ڪاليج) جو قيام ان جو مثال آهي. هن ڪاليج لاءِ حيدرآباد جي دانوير شخص پرتاب راءِ سنگهه پنهنجي زمين ”ڪاري ڦڙدي“ (ڪاري موريءَ) ڀرسان ڏني ۽ سنڌ جي اهم ٿياسافسٽ عالمن ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ديوان هيرانند سنتو ڪرام، ديوان سندر داس منگهارام وڪيل، جهمٽ مل جگتياڻي ۽ ڏيارام گدومل جي مدد سان هي ڪاليج قائم ٿيو. جڏهن سيپٽمبر 1917ع ۾ ايني بيسنت حيدرآباد سنڌ ۾ آئي ته مٿين ٿياسافسٽ عالمن سان گڏجي هن موجوده ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ڀرسان بيسنت لاج يا بيسنت هال جو بنياد رکيو. ان موقعي تي ديوان بولچند جي گهر ۾ مٿئين ڪاليج لاءِ رٿا جڙي ۽ ايني بيسنت پهرين -آڪٽوبر- 1917ع تي پنهنجي 70 هين سالگرهه تي هن ڪاليج جو پنهنجي هٿن سان بنياد رکيو ۽ ان جو نالو ”سنڌ نيشنل ڪاليج“ تجويز ڪيو ويو. هن ڪاليج جي استادن ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي به شامل رهيا آهن.
ديهانت
[سنواريو]ايني بيسنت هندو ڌرم جو به وسيع مطالعو ڪيو ۽ ڀڳوت گيتا جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيو هئائين. هن جون ڪيتريون يادگار تصنيفون آهن. پاڻ 20 سيپٽمبر 1933ع تي لاڏاڻو ڪيائين. سندس ميت کي هندومت جي رسمن موجب اديار (مدراس) ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو.[1]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ ايني بيسنت سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
| وڪي وسيلا ۾ ايني بيسنت جي متعلق وسيط موجود آھي |
| وڪي قول ۾ ايني بيسنت جي متعلق قول موجود آھي۔ |
- Annie Besant آرڪائيو ڪيا ويا 2019-04-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Biography at varanasi.org.in
- Annie Besant's Multifaceted Personality. A Biographical Sketch
- Annie Besant's Quest for Truth: Christianity, Secularism, and New Age Thought
- Framke, Maria: Besant, Annie, in: 1914-1918-online. International Encyclopedia of the First World War.
- The British Federation of the International Order of Freemasonry for Men and Women, Le Droit Humain, founded by Annie Besant in 1902
- The International Order of Freemasonry for Men and Women, Le Droit Humain
- Annie Besant perused 2000 words in the Odia language
- Thought power, its control, and culture Cornell University Library Historical Monographs Collection.
- William Thomas Stead, "Character Sketch: October of Mrs. Annie Besant" 349–367 in Review of Reviews IV:22, October 1891.
حوالا
[سنواريو]- سان اي سي عنصر15
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- SELIBR سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BIBSYS سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ULAN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Wikipedia articles with faulty authority control identifiers (SBN)
- عورتون
- صوفي
- ليکڪ
- هندستان
- روحانيت
- سياستدان
- فيمينزم ۽ روحانيت
- 1847ع جون پيدائشون
- 1933ع جون فوتگيون
- English women
- English reformers
- English activists
- British suffragists
- English Theosophists
- English women activists
- Esoteric Christianity
- History of Chennai
- People from Clapham
- People from Sibsey
- Victorian writers
- Malthusians