ٿياسافيڪل سوسائٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سوسائيٽي جي مھر جنھن ۾ سواستيڪا جو نشان، دائود جو ستارو، آنک، اوم، اوروبوروس جا نشان ڏيکاريل آھن.

ٿياسافيڪل سوسائٽي__ (Theosophical Society):

ٿياسافي يوناني لفظ آهي جنهن جي معنى آهي نيڪيءَ جو فلسفو. هي اڌ فلسفي ۽ اڌ مذهبي مڪتبِ فڪر آهي، جنهنن مطابق بنيادي سچايون سڀني مذهبن ۾ موجود آهن ۽ مذهبي اختلاف بي معنيٰ آهن، هن تحريڪ (ٿياسافيءَ ) جي باني(Helena Blavatsky)ھيلينا پترونا بلئواٽسڪي(1831 -1891ع) هئي، جنهن تبت جي دوري کان پوءِ 1875ع ۾ ’نيويارڪ ٿياسافيڪل سوسائٽي‘ قائم ڪئي. جيئن ته سوسائٽيءَ جا نظريا برهمي عقيدن سان وابسته هئا. ان ڪريآمريڪا کان وڌيڪ هندستان ۾ هن نڪتهء نظر کي پذيرائي ملي. سوسائٽيءَ جو صدر دفتر مدراس منتقل ڪيو ويو . ڪراچي ۾ ايم. اي. جناح روڊ تي ٿياسافيڪل هال آهي. آمريڪي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو صدر دفتر ”وهيٽن“ ۾ آهي. حيدرآباد سنڌ جو بيسنت هال، جيڪوايني بيسنت جي نالي سان قائم آهي، اهو به ٿياسافيڪل تعليمات جو مرڪز رهيو آهي. [1]

تاريخ[سنواريو]

سيپٽمبر 1875 ۾ نيو يارڪ شهر ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جي قيام واري گڏجاڻيءَ جو ھڪ نوٽ


ھيلينا بلائواٽسڪي، ڪرنل ھينري اسٽيل آلڪاٽ، وليم ڪئان جج ۽ ٻين گڏجي ھن سوسائٽيءَ جو بنياد 1875 ۾ وڌو.[2]. پھرين گروپ پنھنجو صدر مقام انڊيا ۾ رکيو ۽ اڄڪلھ اھو گروپ دنيا ۾ ڦھليل آھي.آلڪاٽ سوسائٽيءَ جو پھريون صدر ٿيو۽ 1907 ۾ پنھنجي وفات تائين ان عھدي تي رھيو. ڪجهه سال بعد آلڪاٽ ۽ بلئواٽسڪي انڊيا ھليا ويا جتي مدراس رياست جي اڊيار شھر ۾ بين الاقوامي صدر مقام قائم ڪيائون.

[[فائل:Adyar TG.jpg|thumb|right| [[انڊيا جي شھر اڊيار (چنائي) ۾ 1890 ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي بلڊنگ ]]]] ان شھر کي ھاڻي چنائي چون ٿا.انھن اتي مشرقي مذھبن جو اڀياس شروع ڪيو جيڪو سوسائٽيءَ جي ايجنڊا پڻ ھيو.[3] سن 1891 ۾ ھيلينا وفات ڪري وئي.ڪجهه عرصي بعد ڪرنل آلڪاٽ ۽ وليم جج جي وچ ۾ اختلافن جي ڪري 1895 ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي ورھائجي وئي وليم جج ڌار ٿي ويو ۽ آمريڪا واري سوسائٽي ان جي قيادت ۾ علحده ٿي وئي.اصل سوسائٽي ڪرنل آلڪاٽ ۽ بيسنت جي حصي ۾ آئي جيڪا اڊيار ۾ ھئي ۽ ان جا باقيات اڃا به موجود آهن. وليم جج وارو گروپ ٽٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ھڪ گروپ جي سربراھ ڪيٿرائن ٽنگلي (Katherine Tingley) ٿي ۽ ٻئي گروپ جو وري ھنگروو سربراھ بڻيو جنھن جو گروپ باقي رھي نہ سگھيو. ڪيٿرائن وارو گروپ اڃا باقي آهي جنھن جو نالو ٿياسافيڪل سوسائٽي انٽرنيشنل صدر مقام، پئسادينا، ڪيليفورنيا آھي.سن 1902 ۾ رڊولف اسٽينر ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي جرمن آسٽريائي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. ھن اتي اولھ جي موضوعن وارو ڪورس جاري رکيو.[4][5] ھن جا ايني بيسنت سان حضرت عيسي جي روحاني حيثيت ۽ ھڪ نوجوان جدو ڪرشنا مورتيءَ تي سخت اختلاف ٿي پيا اھڙي طرح ھن جي قيادت ۾ جرمن آسٽريائي ميمبرن جو وڏو حصو سوسائٽيءَ کان علحده ٿي ويو جن اينٿروپوسافيڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو.جيڪا سوسائٽي اڄ به موجود آهي ۽ ان جون آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڪيتريون ئي شاخون آهن.

ٿياسافيڪل سوسائٽي انڊيا، اڊيار جو يادگار بورڊ جنھن ۾ دنيا اندر شاخن جي ابتدا جا سال ڄاڻايل آهن

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. The Theosophical Movement 1875–1950, Cunningham Press, Los Angeles 1951.
  3. Kirby, W. F. (January 1885). "The Theosophical Society". Time XII (1): 47-55 (London: Swan Sonnenschein; سانچو:OCLC). Google Books Search retrieved 2011-01-12. Profile by the entomologist and folklorist William Forsell Kirby.
  4. Rudolf Steiner's book Theosophy, An Introduction to Supersensible Knowledge of the World and the Destination of Man (published in German as Theosophie. Einführung in übersinnliche Welterkenntnis und Menschenbestimmung), first appeared in 1904 ([1]).
  5. Rudolf Steiner, Theosophy of the Rosicrucian, lectures given in 1907 ([2]).