ديرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد نامدار خان بوزائي لکي ٿو تہ:ڪلھوڙن جو مذھبي عقيدو سندن تاريخ جو اڻ ٽٽ حصو آھي. سندن عقيدو سياسي طاقت جو سرچشمو ھو. اُن کان انڪار اوندھه ۾ لٺين ھڻڻ جي برابر ٿيندو. سنڌ جي عام ماڻھن سندن پاسو اُن وقت ورتو، جڏھن پاڻ فقيري ۽ اڻھوندي واري حالت ۾ ھئا. سندن مريدن جو وڏو حلقو ھو، جنھن ۾ ڪيئي قبيلا ڏسجن ٿا. اُنھن جي مذھبي پاليسي ۾ پيرڀائي واري خاصيت کي مولانا ابوالڪلام آزاد ڏاڍو ساراھي ٿو: ”ھي ماڻھو عجيب غريب عادتن سان رھندا ھئا، جيئن صحابه ڪرام جو طور طريقو ھو.“ (تذڪره، ص 41، جاويد بردارس لاھور)، ص 54تي وڌيڪ لکي ٿو ته: گهڻي معلومات ”تذڪره الواصلين“ ۾ شيخ دائود واري باب ۾ آھي. ھي معلومات عجيب ۽ دل کي وڻندڙ آھي ، جنھن ۾ تعجب خيز تجربن جو ذڪر ملي ٿو. دل چوي ٿي ته اُنھن سچار ماڻھن جي ڳالھه پئي ڪجي ۽ ٻُڌجي.“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”صديون گذري ويون آھن پر اڄ به اُنھن جو ذڪر ٿئي ٿو ته دل چوي ٿي ته ڪاش اسين اُن دور ۾ ھجون ھا ته اسان جي دلين تي ڪھڙو اثر ٿئي ھا.“ ھي ماڻھو شھرن ۽ آبادين کان پري پنھنجين مخصوص ڪالونين ۾ رھندا ھئا، جنھن کي پاڻ ”دائرو“ سڏيندا ھئا. مقامي لساني اثرن جي ڪري ھي لفظ ’ديرو‘ يا ’ديره‘ ۾ تبديل ٿي ويو آھي، پر اڄ به ڪٿي ڪٿي اھي لفظ اصل صورت ۾ موجود آھن. لاھور ۾ دائره لنگر خان، ڪوٽ ادو ۾ دائره دين پناھه، دائره دراز (جو ھاڻي دراز سڏجي ٿو، جتي سچل سرمست جي درگاھه موجود آھي)، تربت ۾ دائره گرگي بالگٽور، وغيره. ھن ڏس ۾ نئون ديرو (لاڙڪاڻو) ته پنھنجي اصليت جي بنھه چٽائي ڪري ٿو ۽ ان طرح سان دائره بستي، جو ملتان کان ٻاھر آھي. ديره اسماعيل خان ۽ ديره غازي خان به دائره آھن، ڇو ته اُھي مھدوي آباديءَ سبب گهڻو مشھور آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني.(ھڪ سرسري جائزو) --محمد نامدار خان بوزائي ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2004ع