نئيگ ماٿري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نئيگ ماٿري

نئيگ ماٿري انگريزي (Naig Valley) سنڌ پاڪستان جي کيرٿر جابلو سلسلي ۾ واقع ماٿري آهي جيڪا ڄامشورو ضلعو، سيوهڻ شريف تعلقو جي سيوھڻ شريف کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه ڏکڻ ۾ آهي. ميءُ ماٿري ڀت جبل ۽ بڊو جبل ۾ گهيريل آهي. نئي نئيگ هن وادي ۾ وهي ٿي جنهن ڪري ماٿري ۽ ڳوٺ نئيگ شريف تي نالو پيو. هتي پاڻي تي هلندڙ جنڊ پڻ آهي. ماٿري ۾ کجي، پپر ۽ ٻيا وڻ آهن جنهنڪري وادي خوبصورت نظر اچي ٿي. هت لکمير دڙو آهي جيڪو اين. جي. مجمدار موجب ڪنجهي جي دور(اٽڪل 6000-7000)جو آهي سو مقامي طور لکمير جي ماڙي سڏجي ٿو. ماٿري ۾ ٻڌمت جو ٺلھ، مائي روهيءَ ۽ سيد قمبر علي شاھ جون مزارون آهن. هتان صوفين، سناسين ۽ جوڳين جو تمام قديم رستو نڪري ٿو جيڪو لاهوت لامڪان ۽ هنگلاج تائين وڃي ٿو. لاهوتي هتان پيادل لاهوت ويندا آهن.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. InpaperMagazine, From. "Heritage: The ancient sites of Kai and Naig valleys". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-24. 
  2. "Naing". Discover Pakistan. حاصل ڪيل 2019-07-24.