مواد ڏانھن هلو

علي زاهد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
علي زاهد
Ali Zahid
ڄمڻزاهد علي عباسي
15 آگسٽ 1973ع
خانپور،دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
قلمی نالوعلي زاهد
پيشوليکڪ، شاعر، ڪالم نگار
ٻوليسنڌي ٻولي، اردو
قوميتپاڪستانپاڪستان
تعليمگريجوئيشن
صنفشاعري، مضمون،ڪالم
نمايان ڪمناچڻي
عدم کان اڳتي

علي زاهد (انگريزي ٻولي: Ali Zahid) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ ۽. اردو جو مشهور ليکڪ، شاعر، ڪالم نگار ۽ صحافي آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

علي زاهد جو پورو  نالو زاهد علي عباسي آهي. هيءُ 15 آگسٽ 1973ع تي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي تاريخي شهر خانپور ۾ پيدا ٿيو.[1]

تعليم

[سنواريو]

هن پرائيمري تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ، انٽر کان پوءِ گريجوئيشن پڻ ڪيائين. ان کانسواءِ ڊپلو ما پڻ ڪيائين.

ادبي خدمتون

[سنواريو]

علي زاهد لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. هن شاعر، ليکڪ ، ڪالم نگار ۽ صحافي ۽ سماج سڌارڪ طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس شاعري، معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪالم لکڻ جي شروعات جاڳو اخبار کان ڪئي. ان کان علاوه هيءُ روزاني هلچل، سچ، سنڌو، عبرت مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، تعمير سنڌ، سوڀ  ۽ ڪاوش اخبار ۾ 2000 کان وڌيڪ مضمون۽ ڪالم  لکي چڪو آهي. روزاني شام ۽ هلچل ۾ سب ايڊيٽر، روزاني سچ، سنڌو ۽ تعمير سنڌ ۾ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج به رهيو. هن وقت ڪاوش اخبار ۾ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج پڻ آهي. هن سماج سڌارڪ طور سنڌ ۽ پنجاب ڪيترائي اسٽريٽ ٿيٽر ڪري ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. علي زاهد اسٽيج تي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ بہ ڪم ڪري چڪو آهي. هن ڪي. ٽي. اين تي هڪ ڊرامي ’هوءَ اڪيلي' ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.[1][2][3] علي زاهد اردو زبان ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي ۽ سندس ڪتاب سهيڙيل آهن.[4]

ڪتاب

[سنواريو]
  • ناچڻي، شاعري، 2011ع[5]
  • وٺي هرهر جنم وربو، جمن دربدر جي جيون ڪٿا، 2021ع

"عدم کان اڳتي، شاعري ، 2022ع

اوارڊ

[سنواريو]

علي زاهد کي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ مليل آهن جن ۾ ڪتاب ناچڻي تي زخمي چانڊيو ايوارڊ 2012ع ۽ لٽل بڪ ڪمپني پاران ڪتاب وٺي هر هر جنم وربو تي بهترين ادبي ڪم طور اوارڊ 2021ع شامل آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 "زاهد علي عباسي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2022-05-28 تي حاصل ڪيل.
  2. Buriro, Riazat (2014-04-11). "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: ملهار چانڊئي جي شاعري - علي زاهد (Ali Zahid)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. 2022-05-28 تي حاصل ڪيل.
  3. Unknown (2012-12-05). "Poetry and Articles of Ali Zahid: علي زاهد جا ڪجھ سنڌي نظم". Poetry and Articles of Ali Zahid. 2022-05-28 تي حاصل ڪيل.
  4. Src='https://Secure.gravatar.com/Avatar/E4684b760dfef905b81d3c8879166b83?s=250, <img Alt='' ;='' #038;d='mm;' Srcset='https://Secure.gravatar.com/Avatar/E4684b760dfef905b81d3c8879166b83?s=500, #038;r=g' ;='' #038;d='mm;' کنگرانی,='' #038;r='g' 2x'='' Class='avatar Avatar-250 Photo' Height='250' Width='250' /> عزیز (2022-05-30). "علی زاہد: معروف جدید اور روشن خیال شاعر". ہم سب (اردو ۾). 2022-05-30 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو) CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)
  5. Buriro, Riazat (2012-10-18). "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: علي زاهد جي ڪتاب "ناچڻي" جو مهاڳ - سرمد چانڊيو (Sarmad Chandio)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. 2022-05-28 تي حاصل ڪيل.