اسڪاٽلينڊ

اسڪاٽلينڊ (scotland) يونائٽيڊ ڪنگڊم جو هڪ رُڪن ملڪ آهي.هي مُلڪ عظيم برطانيا ٻيٽَ جي اُتر ۾ ٽئين ڀاڱي تي موجود آهي. ان جي سرحد ڏکڻ طرف انگلستان جڏهن ته اوڀر ۾ اتر سمنڊ، اولهه ۽ اتر ۾ نارٿ چينل ۽ آئرش سمنڊ سان ملي ٿي. اصل ۾ لينڊ کانسواءِ 790 ننڍا ٻيٽَ پڻ اسڪاٽلينڊ جو حصو آهن.
ايڊنبرا اسڪاٽلينڊ جو راڄڌاني ۽ ٻيو وڏو شهر آهي. هي شهر يورپ جي وڏن واپاري(تجارتي) مرڪزن منجهان هڪو آهي. ايڊنبرا کي اتيت (ماضيءَ) ۾ اسڪاٽلينڊ جي مرڪزي حيثيت حاصل هُئي پر هاڻي گلاسگو جيڪو اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، اهو ايڊنبرا کان ترقيءَ ۾ اڳتي نڪري چُڪو آهي. اسڪاٽلينڊ جي آبي حدن ۾ اُتر ڄميل سنمڊ جو هڪ وڏو حصو پڻ اچي ٿو. تيل جي ذخيرن جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ يورپي يونين ۾ سڀني کان اڳتي آهي. اسڪاٽلينڊ جو ٽيون وڏو شهر ايبرڊين آهي جيڪو يورپ ۾ تيل جو راڄڌاني سڏبو آهي.
اسڪاٽلينڊ جي رياست 1707 تائين هڪ خودمختيار رياست هئي جنهن کي پوءِ ذاتي پسند جي بنياد تي انگلينڊ ۽ آئرلينڊ سان ملايو ويو هيو. ان جو سبب هي هيو تہ اسڪاٽلينڊ جو جيمز ڇهون ساڳئي وقت ٻن رياستن جو بادشاهہ پڻ هو. 17 مئي 1707 تي اسڪاٽلينڊ پڻ الحاق ۾ شامل ٿي وئي ۽ اُهي سڀئي رياستون ملي هڪ ملڪ بڻجي ويون. ان سلسلي ۾ سال 1706 ۾ ٻنهين رياستن جي پارليامينٽ گڏجي هڪ قانون منظور ڪيو، تنهن هوندي ان الحاق جي خلاف اسڪاٽلينڊ ۾ عام مظاهرا ۽ احتجاج ٿيندا رهيا. اڄ پڻ اسڪاٽلينڊ جو عدالتي، قانوني ۽ ڏوهہ ۽ سزا جو سرشتو (نظام) انگلينڊ ۽ ويلز ۽ اُتر آئرلينڊ کان الڳ آهي.
نالوجي معنيٰ
[سنواريو]اسڪاٽ لينڊ جو لفظ لاطيني لفظ سڪاٽي کان نڪتل آهي، جيڪو اسڪاٽلينڊ ۽ آئر لينڊ جي رهواسي ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
اتهاس
[سنواريو]مُنڍائتي تاريخ
[سنواريو]موجوده دور جي اسڪاٽلينڊ جي مقام تي لاڳاتار گليشئر ٺهندا ۽ پگهرڻ لڳا جنهنڪري ابتدائي انساني آباديءَ جا آثار مِٽجي ويا. اندازي مطابق آخري ڀير گليشئرن جي هٽڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو 12,800 سال اڳ هتي شڪاري آيا ۽ رهڻ لڳا. 9,500 سال اَڳُ هتي انسانن مستقل رهائش گاهون اڏڻ شروع ڪيون هيو ۽ 6,000 سال اڳ هتي ڳوٺ ٺهڻ لڳا. وڻ جي غيرموجودگي سبب هتي گهڻي ريت اڏاوت مقامي پٿرن سان ڪئي وئي.
اڪساٽلينڊ 4,000 سال اڳ هڪ پراڻو مقبرو مليو آهي جتي پُوريل نوادرات پڻ موجود هيا انهن ۾ ٽامو واري زماني جي شروعاتي حڪمران جي باقيات اڇي ٺڪرين ۽ وڻ جي ٽاري تي رکيل هئي. جنهن مان پروڙَ پئي ٿي ته هي ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن ۽ پيارن جي قبرن تي گُلَ رکندا هيا.
رومن اثرَ
[سنواريو]شروعاتي لکيل تاريخ رومن سلطنت جي آمد سان شروع ٿئي ٿي جڏهن رومين انگلينڊ ۽ ويلز تي قبضو ڪيو هيو ان زماني ۾ رومين ان کي برطانيا جو صوبو نالو ڏنو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedethnicity - ↑ ٻيا مذهب"Analysis of Religion in the 2001 Census - gov.scot", www.gov.scot, حاصل ڪيل 08 آڪٽوبر 2019۔
- ↑ Scotland's Census (27 مارچ 2011), "Scotland's Census 2011 – National Records of Scotland", Scotland's Census, حاصل ڪيل 08 آڪٽوبر 2019۔
- ↑ Region and Country Profiles, Key Statistics and Profiles, October 2013, ONS. Retrieved 9 August 2015.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedONS-pop-ests-June2018 - ↑ "Population estimates by sex, age and administrative area, Scotland, 2011 and 2012", National Records of Scotland, 8 August 2013, حاصل ڪيل 8 August 2013۔
- 1 2 Office for National Statistics, "Regional gross value added (income approach), UK: 1997 to 2017, December 2015", حاصل ڪيل 24 April 2017۔