عرب ليگ
عرب ليگ جامعة الدول العربية | |
---|---|
Arab League | |
![]() نشان | |
![]() ميمبر رياستون ڳاڙهي سائي رنگ ۾ ۽ مبصر رياستون پيلي رنگ ۾ ڏيکاريل آهن. | |
تشڪيل | * اسڪندريه پروٽوڪول| 22 مارچ 1945ع
|
باني | * ![]() |
نوعيت | جيو پوليٽيڪل تنظيم |
مرڪوز | عرب اتحاد ۽ سھڪار |
صدر دفتر | قاهره |
علاقو |
عرب ملڪ |
رڪنيت | 23 ميمبر
|
سرڪاري ٻوليون |
عربي |
سيڪريٽري جنرل |
احمد ابوالغيث |
اسپيڪر پارليامينٽ |
علي الدقباشي |
قانون ساز |
عرب پارليامينٽ |
ڪونسل جي صدارت |
![]() |
عرب ليگ (Arab League؛ عربي: الجامعة العربية)، سرڪاري طور تي عرب رياستن جي ليگ (عربي: جامعة الدول العربية)، عرب دنيا جي هڪ علائقائي تنظيم آهي. عرب ليگ قاهره ۾ 22 مارچ 1945ع ۾ شروعاتي طور تي ست ميمبرن؛ مصر، عراق، اردن، شام، سعودي عرب، لبنان ۽ اتر يمن سان قائم ڪئي وئي. هن وقت ليگ جا 22 ميمبر آهن. بعد ۾ شامل ٿيڻ واري ملڪن جا نالا، الجيريا، بحرين، ڪومورو آئلينڊز، جبوتي،ڪويت، لبيا، ماريطانيہ، مراڪش، اومان، فلسطين، قطر، تيونس، يونائيٽيڊ عرب امارات، صوماليا ۽ سوڊان آهن. ان جو مستبل صدر مقام مصر جي شھر قاھرہ ۾ آھي.[1]
اها عرب اتحاد ۽ سھڪار جي لاء ھڪ تنظيم آھي. اھو فورم عرب ملڪن جي پنھنجي سياسي، قانوني، سلامتي، آمدورفت، رابطن جي ذريعن، معاشي ترقي ، سماجي ۽ ثقافتي معاملن متعلق سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاء آھي. ان جو سڀ کان وڏو آفيسر آن جو سيڪريٽري جنرل ھوندو آھي ۽ سڀ کان وڏي اختياري ان تنظيم جي ڪائونسل آهي جيڪا رڪن ملڪن جي نمائندن تي مشتمل ھوندي آھي. عرب ليگ جو اجلاس سال ۾ ٻہ دفعا ٿيندو آهي جنھن ۾ ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيندا آهن.
ملڪن جي رڪنيت جون تاريخون
[سنواريو]
- مصر (باني):
22 مارچ 1945
(1979 کان 1989 تائين ان جي رڪنيت معطل رھي)
- عراق(باني):
22 مارچ 1945 - اردن(باني ۽ ان وقت ٽرانس جارڊن جي نالي سان شامل ٿيو):
22 مارچ 1945 - لبنان(باني):
22 مارچ 1945 - سعودي عرب(باني):
22 مارچ 1945 - شام (باني):
22 مارچ 1945 - يمن(باني):
22 مارچ 1945 - لبيا:
28 مارچ 1953 - سوڊان :
19 جنوري 1956 - مراڪش :
1 آڪٽوبر 1958 - تيونس:
1 آڪٽوبر 1958 - ڪويت:
20 جولاءِ 1961 - الجيريا:
16 آگسٽ 1962 - متحده عرب امارات:
12 جون 1971 - بحرين:
11 سيپٽمبر 1971 - قطر:
11 سيپٽمبر 1971 - اومان:
29 سيپٽمبر 1971 - ماريطانيہ:
26 نومبر 1973 - صوماليا:
14 فيبروري 1974 - فلسطين (فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي جاء تي):
9 سيپٽمبر 1976 - جبوتي:
9 اپريل 1977 - ڪومورو آئلينڊز:
20 نومبر 1993
عرب ليگ جا سيڪريٽري جنرل
[سنواريو]سيڪريٽري جنرل | جنم ڏينهن | آفيس سنڀاليائين | آفيس ڇڏيائين | قوميت | تصوير | |
---|---|---|---|---|---|---|
1 | عبدالرحمن حسن اعظم | 1893–1976 | 22 مارچ 1945 | سيپٽمبر 1952 | ![]() |
|
2 | عبدالخليل حسونة | 1898–1992 | سيپٽمبر 1952 | 1 جون 1972 | ![]() |
|
3 | محمود رياض | 1917–1992 | 1 جون 1972 | مارچ 1979 | ![]() |
![]() |
4 | شازلي قليبي | 1925 | مارچ 1979 | سيپٽمبر 1990 | ![]() |
|
5 | احمد عصمت عبدالمجيد | 1924–2013 | 15 مئي 1991 | 15 مئي 2001 | ![]() |
![]() |
6 | عمرو موسیٰ | 1936 | 15 مئي 2001 | 1 جولاءِ 2011 | ![]() |
![]() |
7 | نبيل العربي | 1935 | 1 جولاءِ 2011 | 3 جولاءِ 2016 | ![]() |
![]() |
8 | احمد ابوالغيط | 1942 | 3 جولاءِ 2016 | ' | ![]() |
![]() |
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedانسائيڪلوپيڊيا آف اسلام