مواد ڏانھن هلو

عرب جزيري نما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عرب جزيري نما
Arabian Peninsula
ايراضي 32 لک چورس ڪلوميٽر
12.5 لک چورس میل
آبادي 77 لک
Demonym عرب
ديس سعودي عرب

يمن

اومان

گڏيل عرب امارات

بحرين

قطر

ڪويت
عربي اپٻيٽ جو خلائي منظر

عربي جزيره نما يا عربستان جنهن جي ٽن پاسن سمنڊ ۽ هڪ طرف زمين آهي.ڏکڻ اولهه ايشيا م آفريڪا ۽ ايشيا جي سنگم تي واقع هڪ جزيري نما آهي، جنهن جو گهڻو حصو ريگستان آهي. عرب جزيري نما وچ اوڀر جو سڀ کان اهم حصو آهي ۽ تيل ۽ گئس جي وسيع ذخيرن جي ڪري خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

عرب جزيري نما جو سامونڊي ڪنارو اولهه ۾ ڳاڙهي سمنڊ ۽ نار عقبه، ڏکڻ اوڀر ۾ عربي سمنڊ ۽ اتر اوڀر ۾ اومان جي نار، آبنائے هرمز ۽ خليج فارس سان لڳل آهي.

اتر ۾، عرب جزیري نما جي حد زگروس جبل (عربي: زاغروس، روسی: Загрос) سان ختم ٿئي ٿي. جاگرافيائي لحاظ کان هي بغير ڪنهن واضح نشاني جي شام جي ريگستان سان ملي ٿو.

سياسي طور تي، عرب جزیري نما سعودي عرب ۽ ڪويت جي اترين سرحدن سان ختم ٿئي ٿو.

هيٺين ملڪن کي عربستان جو حصو سمجهيو ويندو آهي:

سعودي عرب

يمن

اومان

گڏيل عرب امارات

بحرين

قطر

ڪويت

عربستان جو اڪثر حصو سعودي عرب ۾ شامل آهي ۽ آبادي جي اڪثريت پڻ سعودي عرب ۽ يمن ۾ رهي ٿي. جزيري نما عرب ۾ دنيا جا تيل جا سڀ کان وڏا ذخيرا مليا آهن. مسلمانن جي مقدس ترين جايون مڪي ۽ مديني به هتي ئي آهن. اقتصادي طور تي، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب خطي ۾ امير ترين قومون آهن. عرب دنيا جو مشهور ٽيليويزن چينل، الجزيره، پڻ قطر کان هلندو آهي، جيڪو ساڳئي جزيري ۾ هڪ ملڪ آهي.

حوالا[سنواريو]