ڪارٿيج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪارٿيج رياست 840 قبل مسيح ۾ آفريڪا جي علائقي ۾ قائم هئي. هن رياست هيٺ الجزائر، مراڪش، تيونس، طرابلس، مالٽا جا سامونڊي ٻيٽ هيا. ڪارٿيج رياست جي پاڙي ۾ روم جي سپر طاقت هئي سا هن مٿان حملا ڪندي رهندي هئي. جن جا جواب کيس ڏنا ويندا هئا، رومين هن شهر جو ٻن سالن تائين گهيرو جاري رکيو ويو، ٽئين سال ۾ قرطاجنا (عربي نالو) ڪمزور ٿي ويو. رومين کين هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو چيو. هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ۽ هڪ نعرو طئي ڪيو ”النار ولا العار“ باهه ۾ سڙي مرڻ قبول آھي، پر قومي ذلت قبول ناهي. هنن جي ڪمانڊرن چيو رومين کي پنهنجي شهر ۽ هٿيارن تي قبضي ڏيڻ جي بدرآن شهر کي پاڻ باهه ڏيئي پاڻ ان ۾ سڙي مرڻو آھي. پريان رومي فوج کين وارننگ ڏيئي رهي هئي ته هٿيار ڦٽا ڪيو .قومن ۾ غدار به پيدا ٿيندا آھن،تورات ۾ لکيل آهي ته باغ عدن ۾ آدم سان گڏ نانگ به هيو. سو اهڙو ئي منجهن هڪ غدار هسڊرو بال نالي هيو، جيڪو پنهنجي سهڻي زال کي رات جو چئي رهيو هيو ته هل ته ٻارٻچا ساڻ ڪري رومين وٽ هلي آڻ مڇوڻ ۽ کانئن سر جيئدان گهرون. مائيءَ کيس ملامت ڪئي ته بزدل ٿو بڻجين، وڙھي مرنداسين، جهڪڻو هرگز ناهي. نيٺ سردار هسڊرو بال اڪيلو اوندهه ۾ نڪري رومي ڪئمپ ۾ پهتو. [1]