مواد ڏانھن هلو

خارجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خارجي (عربي: الخوارج، واحد خارجي) هڪ اسلامي فرقو هو جيڪو اسلام جي پهرين صدي ۾ پهرين مسلمانن جي گهرو جنگ دوران ظاهر ٿيو، جيڪا ٽئين خليفي عثمان جي قتل کانپوءِ پيدا ٿيل قيادت جي بحران جي نتيجي ۾ لڳي هئي. جولاءِ 657ع ۾ صفين جي جنگ دوران چوٿين خليفي عليءَ جي فوج جي ڪجهه سپاهين عليءَ طرفان پنهنجي حریف معاويه اول سان خلافت جي جانشينيءَ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ثالثي تي راضي ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ کانئس علحدگي اختيار ڪئي. سندن چوڻ هيو ته اهو معاملو انسانن جي ثالثي تي ڇڏي ڏيڻ قرآن جي حڪمن جي خلاف ورزي آهي ڇو ته قرآن جو حڪم واظح هيو ته باغين خلاف جنگ ڪري سندن مٿان قابو پائڻ گهرجي. علي سندن وفاداري واپس حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن جي باغي سرگرمين کانپوءِ جولاءِ 658 ۾ نهروان جي جنگ ۾ انهن کي شڪست ڏنائين. ان جي باوجود، خارجي ختم نه ٿيا ۽ خلافت خلاف انهن جي بغاوت جاري هئي. علي پاڻ جنوري 661ع ۾ ھڪ خارجي قاتل هٿان نماز پڙهندي مارجي ويو.

معاويه اول پاران 661ع ۾ اموي خلافت جي قيام کان پوءِ هن جي گورنرن خارجين کي قابو ۾ رکيو، پر 683ع ۾ ٻئي اموي خليفي يزيد جي موت ۽ نتيجي ۾ شروع ٿيل گهرو ويڙهه کان پوءِ حڪومتي انتظام ڪمزور ٿي پيو. نتيجي ۾ خارجين جون حڪومت مخالف سرگرميون وري شروع ٿي ويون، جيڪي شهرن ۽ ٻين آباديءَ وارن علائقن جي خلاف مسلسل حملن تي مشتمل هيون. بهرحال اندروني تڪرار ۽ ڀڃ ڊاھ انهن کي ڪافي حد تائين ڪمزور ڪري ڇڏيو. اموين گھرو ويڙھ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 696-699ع ۾ اموي گورنر حجاج بن يوسف هٿان شڪست کائڻ کان پوءِ خارجي بغاوتون وڏي حد تائين ختم ٿي ويون. 740ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اموي خلافت پهنجي آخري زماني ۾ هئي ۽ وڏي حد تائين ڪمزور ٿي چڪي هئي، خلافت جي مختلف علائقن ۾ وڏي پئماني تي خارجي بغاوتون شروع ڀي ويون، پر انهن سڀني کي آخرڪار شڪست ڏني وئي. جيتوڻيڪ ڪجهه خارجي بغاوتون عباسي دور ۾ به جاري رهيون، تقريبن سڀئي جنگجو خارجي گروپ آهستي آهستي ختم ٿي ويا ۽ انهن جي جڳهه غير متحرڪ اباضيا فرقي والاري. اباضيا خارجي اڄ ڏينهن تائين اومان ۽ آفريڪا جي ڪجهه حصن ۾ موجود رهندا اچن.

خارجين جو نظريو هيو ته ڪوئي به مسلمان، قطع نظر ان جي ته هو ڪهڙي خاندان يا نسل مان آهي، خليفو ٿي سگهي ٿو، بشرط هي ته هو غيرمعمولي اخلاقيات جو حامل هجي. جيڪڏهن خليفو گناهه جو مرتڪب ڀئي ٿو ته پو۽ ان تي فرض آهي ته هو توبھه ڪري ۽ آئنده لاءِ پنهنجو طرز عمل درست ڪرڻ جو عهد ڪري. جيڪڏهن هو ائين نه ٿو ڪري ته پوءِ مسلمانن جو فرض آهي ته سندس خلاف بغاوت ڪري کيس معزول ڪن. خارجي ڪبيره گناه ڪندڙ مسلمان کي مرتد شمار ڪندا هيا ۽ ڪجھه خارجي گروهن جو اهو عقيدو هيو ته جيڪڏهن اهڙا مرتد توبه تائب ٿي مذهب ۾ نئين سر داخل نه ٿا ٿين ته پوءِ سندن قتل جائز آهي. موجوده زماني جي ڪيترن ئي مسلمان انتهاپسند گروپن کي سندن رجعت پسندي ۽ جنگي جنونيت جي ڪري خارجين سان تشبيهه ڏني وئي آهي. ٻئي طرف، ڪجهه جديد عرب مورخن خارجين جي نسلي تعصب کان خالي ۽ جمهوري رجحانن جي تعريف ڪئي آهي.