شبنم گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شبنم گل

شبنم گل(انگريزي ٻولي:Shabnum Gul) سنڌ پاڪستان جي سنڌي ٻولي ءَ جي نامياري اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار، ناٽڪ نويس ۽ انگريزي ادب جي پروفيسر آهي.[1] سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.

زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

شبنم گل جو جو اصل نالو رضيه سلطانه آهي. هيءُ 5 جولاءِ 1963ع تي ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي گهر ۾ دادو شهر ۾ پيدا ٿي. هن شروعاتي تعليم سيوهڻ، جوهي،دادو, حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ حاصل ڪئي. 1988ع ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين. ان کان علاوه هن ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي پڻ پاس ڪئي آهي. 1990ع ۾ انگريزي ادب ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ ترقي ڪندي ايسوسيئيٽ پروفيسر بڻي آهي[1] هن وقت سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي فائز آهي. سندس جيون ساٿي اشتياق انصاري به ناميارو محقق ۽ اديب آهي.[2]

ادبي خدمتون[سنواريو]

شبنم گل جڏهن پڙهندي هئي تڏهن هن لکڻ جي شروعات ڪئي. هن بي اي ڪرڻ کان پوءِ اردو توڙي سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن 1986ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ ڪراچي سينٽر جي پروگرامن جي ميزباني يا ڪمپيئرنگ به ڪئي ته سندس ڊراما به نشر ٿيڻ لڳا. ريڊيو حيدرآباد جي ڪيترن ئي مقبول پروگرامن جي ميزباني يا ڪمپيئرنگ ڪيائين. هن عبرت اخبار طرفان نڪرندڙ رسالن بختاور ۽ عبرت مئگزين جي ادارت پڻ ڪئي. روزاني جاڳو اخبار پاران نڪرندڙ عورتن لاءِ صفحي جي انچارج پڻ رهي آهي. هن سنڌي ۽ اردو ۾ ڊرامه لکيا آهن. سندس پهريون ڊرامو ريڊيو حيدرآباد تان “اجهاميل ڏيئو” نشر ٿيو. سندس سنڌي ۽ اردو ڊرامه پي ٽي وي ۽ هم ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. اول سنڌي لينگويج اٿارٽي جي گورننگ باڊي جي ميمبر پڻ رهي. هن سنڌي توڙي اردو اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا آهن. شبنم گل 1989ع کان ڪهاڻي ۽ شاعري جي شروعات باقاعدي ڪئي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون ڪيترن ئي رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ناول ۽ سفر ناما به لکيا آهن.[1] هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري آهي.[3]

ڪتاب[سنواريو]

  • منهنجو سورج مُکي 1988ع
  • آخري لفظ شاعري 1993ع
  • مَکِي کان موڪلاڻي ناول، 2015ع
  • خالي هنج جو ڏک ڪهاڻيون 2017ع [4]

اوارڊ[سنواريو]

شبنم گل کي 2015ع ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد پاران بهترين ناول نگار جو ايوارڊ مليو.

حوالا[سنواريو]