مواد ڏانھن هلو

سيما عباسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيما عباسي
Seema Abbasi
ڄمڻسيما پروين عباسي
18 اپريل 1973ع
ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ، پاڪستان
قلمی نالوسيما عباسي
پيشوپروفيسر،شاعر، ڪهاڻيڪار ڪالم نگار
ٻوليسنڌي ٻولي
قوميتپاڪستانپاڪستان
تعليمايم اي 1995ع
مادرِ علمشاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
صنفشاعري، ڪھاڻي،ڪالم
نمايان ڪملفظن بوڳيو آ بنواس
ڪُلهي ڪانڌي ڪير
نمايان انعاماڪيڊمي آف ادبيات اسلام آباد اوارڊ 2016ع

سيما عباسي(انگريزي:Seema Abbasi) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ ۽ اردو جي شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1][2]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

سيما عباسي جو پورو نالو سيما پروين عباسي آهي. سندس جنم 18 اپريل 1973ع تي لاڙڪاڻي شهر جي گجڻ پور محلي ۾ لعل محمد عباسي جي گهر ۾ ٿيو. هوءَ ڪلهوڙا عباسي خاندان سان تعلق رکي ٿي. سندد گهر وارو فدا حسين عباسي انصاف قانون جي عھدي تي فائض جج آهي.[3]

تعليم

[سنواريو]

سيما شروعاتي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان 1982ع ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان پرائيويٽ طور گورنمينٽ گرلس اسڪول لاڙڪاڻي مان 1987ع ۾ پاس ڪيائين. هن بي.اي جي ڊگري پڻ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1992ع ۾ پاس ڪئي. سيما ايم اي جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان 1995ع ۾ پاس ڪئي.[3]

علمي ۽ ادبي خدمتون

[سنواريو]

سيما پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان 2005ع ۾ پاس ڪري لاڙڪاڻي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ علمي طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون. هن.نورالهديٰ شاهه کان متاثر ٿي لکڻ جي شروعات 1985ع کان ڪئي۔ هن اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. سيما جي پهرين لکڻي اردو ڊائجسٽ 'سچي ڪهانيان' ۾ ڇپي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون ڪاوش، ھزار داستان ڊائجسٽ، آداب عرض، سورمي، سنڌ  راڻي، نئين آس، سچي ڪهانيان رسالن ۽ نواءِ وقت ۽ عوامي آواز اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. لکڻين تي مشتمل سندس پهريون ڪتاب'لفظن ڀوڳيو آ بنواس' سال 2016ع ۾ ڇپيو. سيما مختلف ادبي تنظيمن جهڙوڪسنڌي ادبي سنگتڪراچي، آرٽس ڪائونسل ڪراچي، ينگ رائيٽرس فورم حيدرآباد، ادبيات اڪيڊمي ڪراچي جي عهديدار ۽ ميمبر پڻ رهي آهي.  سيما عباسي کي مڃتا طور ينگ رائيٽرس فورم  ڪراچي سپر ايڪسيلينس ايوارڊ بہ مليل آهي. سندس ادبي مڃتا طور مختلف رسالن طرفان سندس مڃتا نمبر پڻ شايع ٿيل آهن.[3] سيما عباسي اردو ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي.[4]

تصنيف

[سنواريو]

هن سنڌي ادب کي هڪڙو ڪتاب نالي لفظن ڀوڳيو آ بنواس ڏئي چُڪي آهي،[5] جڏهن ته سنديس ٻيا ٻه ڪتاب زير تڪميل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ سندس ذات جي حساسيت مان ڀوڳيل ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو کليل اظهار آهي. هوءَ سنڌي اخبارن ۾ ڪالن به لکندي آهي جيڪي سنڌ ۾ عورتن جي جاڳرتا ۽ ادبي لاڙن تي لکيل هوندا آهن.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون“ - ساجد چانڊيو (Sajid Chandio)
  2. "سنڌي ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2022-01-16.
  3. 1 2 3 "سيما عباسي". Aziz Kingrani (in انگريزي). 2022-01-16. Retrieved 2022-01-16.
  4. کنگرانی, عزیز (2022-04-22). "وہ جو لکھتی ہے شعروں میں ردھم آ جاتا ہے". ہم سب (in اردو). Retrieved 2022-06-03.
  5. Seema Abbasi's book " Jazban Bhogio Aa Banwas" inaugurated - The Sindh Times[مئل ڳنڍڻو]
  6. http://awamiawaz.com/45914/