سلطنت عثمانيہ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
سلطنت عثمانيه
Ottoman Empire
دولت عليهٔ عثمانيه
Devlet-i Âliyye-i Osmâniyye
سلطنت
1299–1923
جهنڊو قومي نشان
شعار
Devlet-i Ebed-müddet
دولت ابد مدت
"ابدي رياست"
ترانو
عثماني شاهي ترانو
عظيم ترين حد (سرخ) مع تابع رياستون (هلڪو سرخ) 1590 جي ڏهائي
گادي جو هنڌ سوگوت
(1299–1335)
بورصه[1]
(1335–1413)
ادرنه[2][dn 1]
(1413–1453)
قسطنطنيه[dn 2]
(1458–1922)
ٻوليون عثماني ترڪي (سرڪاري), ٻيون ڪيئي
مذهب اسلام
حڪومت مطلق بادشاهت
(1299–1876)
(1878–1908)
(1918–1922)
آئيني بادشاهت
(1876–1878)
(1908–1918)
سلطان
 - 1299–1326 عثمان پهريون (پهريون)
 - 1918–1922 محمد ڇهون (آخر)
وزير اعلي
 - 1320–1331 علا الدين پاشا (پهريون)
 - 1920–1922 احمد توفيق پاشا (آخر)
مقننه جنرل اسيمبلي
 - ايوان بالا سينيٽ
 - ايوان زيرين ايوان نائبين
تاريخ
 - قيام 27 جولاء 1299
 - وقفو 1402–1414
 - 1. آئيئي 1876–1878
 - 2. آئيني 1908–1922
 - سلطنت جو خاتمو [dn 3] 1 نومبر 1922
 - جمهوريه ترڪي[dn 4] 29 آڪٽوبر 1923
رقبو
 - 1683 [3] 5,200,000 مربع ڪلوميٽر (2,007,731 مربع ميل)
 - 1914 1,800,000 مربع ڪلوميٽر (694,984 مربع ميل)
آدمشماري
 - 1856 تخمينو 35,350,000 
 - 1906 تخمينو 20,884,000 
 - 1912 تخمينو 24,000,000 
سڪو اڪي, پارا, سلطاني, قروش, ليرا
جانشين
پيشرو
بازنطيني سلطنت
سلاجقه روم
سلطنت طرابزون
بادشاهت موريا
بادشاهت اپيروس
بادشاهت دوبروجا
بيليڪ ڪارامان
مملڪت بوسنيا
بلغاري سلطنت
سربيائي سلطنت
لزهي ليگ
مملڪت مجارستان
مملڪت ڪروشيا
سلطنت مملوڪ (مصر)
طرابلس جا فلاحي
عبوري حڪومت ترڪي
جمهوريه يونان پهريون
خديويت مصر
بوسنيا ۽ هرزيگوينا اتحاد
امارت درعيه
عبوري حڪومت البانيا
مملڪت رومانيه
فرمانروائي بلغاريه
برطانوي قبرص
فرانسيسي الجزائر
فرانسيسي تونس
مشيخه ڪويت
مقبوضه دشمن علائقو انتظاميه
اطالوي شمالي افريقا
يمن
موجوده ملڪ
Warning: Value specified for "continent" does not comply
Osmanli-nisani.svg   سلطنت عثمانيه جي تاريخ
عروج ([[1299ء|]] – [[1453ء|]])
توسيع ([[1453ء|]] – [[1683ء|]])
بيهجي وڃڻ ([[1683ء|]] – [[1827ء|]])
زوال ([[1828ء|]] – [[1908ء|]])
خاتمو ([[1908ء|]] – [[1922ء|]])
وڌيڪ ڏسو:
فتح قسطنطنيه
دور لاله
دور تنظيمات
پهريون آئيني دور
ٻيون آئيني دور
يورپ ۾ جنگيون
روس جي خلاف جنگيون
مشرق وسطي ۾ جنگيون

سلطنت عثمانيه يا خلافت عثمانيه (عثماني ترڪ ٻولي: "دولت عليه عثمانيه"، ترڪ ٻولي:Osmanlı Devleti) سن 1299ء کان 1922ء تائين قائم رهڻ واري هڪ مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران ترڪ هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾ (16 هين – 17 هين صدي) هي سلطنت ٽن کنڊن تي ڦهليل هئي ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا  جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن، سلوواڪيه ۽ ڪريميا (هاڻوڪو يوڪرين) سان ڏکڻ ۾ سوڊان، صوماليه ۽ يمن تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا۔

تاريخ[سنواريو]

  اسرڻ کان عروج تائين (1299ء-1453ء)[سنواريو]

سلطنت عثمانيه پنهنجي عروج تي

سلاجقه روم جي سلطنت جي خاتمي کان بعد اناطوليه ۾ طوائف الملوڪي ڦهلجي وئي ۽ مختلف سردار پنهنجون پنهنجون خود مختيار رياستون ٺاهي ڪري ويهي رهيا جن کي غازي امارتون چيو ويندو هو۔

1300ء تائين زوال جي طرف وڌندڙ بازنطيني سلطنت اناطوليه ۾ واقع پنهنجا گهڻا صوبا انهن غازي امارتن جي هٿان وڃائي ويٺي۔ انهن امارتن مان هڪ اولهه اناطوليه ۾ اسڪي شهر جي علائقي ۾ واقع هئي جنهن جو سردار عثمان پهريون هيو۔ چيو ويندو آهي ته جڏهن ارطغرل هجرت ڪري اناطوليه پهتو ته ان ٻن لشڪرن کي هڪ ٻئي سان وڙهيل ڏٺو جن مان هڪ تعداد ۾ گھڻو ۽ ٻيو گھٽ هيو پنهنجي فطري همدردانه طبيعت جي ڪري ارطغرل ننڍي  لشڪر جو ساٿ ڏنو ۽ 400 شهسوارن سان گڏ ميدان جنگ ۾ لهي پيو۔ ۽ ناڪامي جي ويجهو پهچڻ وارو لشڪر هن اچانڪ امداد سان جنگ جو پاسو پلٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ ارطغرل  جنهن فوج جي مدد ڪئي اها دراصل سلاجقه روم جو لشڪر هيو جيڪو عيسائين سان وڙهيل هيو ۽ هن فتح جي لاء ارطغرل جي خدمتن جي پيش نظر انهن کي اسڪي شهر جي ويجھو هڪ جاگير عطا ڪئي۔ 1281ء ۾ ارطغرل جي وفات کان بعد هن جاگير جي سربراهي عثمان پهريون جي هٿ ۾ آئي جنهن 1299ء ۾ سلجوقي سلطنت کان خودمختياري جو اعلان ڪري عثماني سلطنت جو بنياد وڌو۔ عثمان پهرين هن ننڍڙي سلطنت جون سرحدون بازنطيني سلطنت جي سرحدن تائين ڦهلائي ڇڏيون ۽ فتح کان بعد گادي جو هنڌ بروصه منتقل ڪري ڇڏيو۔ عثمان پهرين ترڪن ۾ انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي۔ درحقيقت هو تمام  اعلٰي وصفن جو مالڪ هيو۔ ڏينهن جو مجاهد ۽ رات جو عابد سان گڏوگڏ انتهائي شريف النفس، سادگي پسند، مهمان نواز، فياض ۽ رحم دل انسان به هيو۔ ان جو دور حڪومت سلطنت عثمانيه جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻيو۔ هي عثمان پهرين جون وڌل مضبوط بنيادون ئي هيون جو انهن جي وفات کان بعد هڪ صدي جي اندر عثماني سلطنت اوڀر روم سمنڊ ۽ بلقان تائين پکڙجي وئي۔ سلطنت جي فتحن جو هي عظيم سلسلو عثمان جي جانشينن جاري رکيو پر 1402ء ۾ تيمور لنگ  اناطوليه تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ عثماني سلطان بايزید يلدرم شڪست کائڻ کان پوء گرفتار ٿي ويو پر هي عثمانين جي بهادري هئي جو انهن پنهنجي ختم ٿيندڙ سلطنت کي نه صرف بحال ڪيو بلڪه چند ئي عشرن ۾ فتح قسطنطنيه جهڙي تاريخ جي عظيم ترين فتح حاصل ڪئي۔ ان سان عثمانين جو وقار دنيا ڀر ۾ بلند ٿيو۔ سلطنت عثمانيه جي ٻيهر بحالي جو سهرو بايزید يلدرم جي پٽ محمد پهرين جي سر وڃي ٿو جيڪو پنهنجي اعلٰي اخلاق ۽ وصفن جي ڪري ترڪن ۾ "محمد چلبي" جي نالي سان سڃاتو ويندو هو۔ فتح قسطنطنيه ترڪن خصوصاً عثمانين جي تاريخ جو سنهرو ترين باب آهي۔ 29 مئي 1453ء ۾ 21 سالن جي نوجوان سلطان محمد ثاني جي قيادت هيٺ هن لشڪر ناقابل يقين ڪارناما سرانجام ڏيندي هن عظيم شهر کي فتح ڪيو ۽ انکي پنهنجي گادي جو هنڌ بڻايو. اهڙي طرح محمد قيصرِ روم ٿي ويو ۽ هي لقب ان جي انهن ارادن کي ظاهر ڪندو هيو ته عثماني جلد روم تي به قبضو ڪري وٺندا ۽ انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاء 1480ء ۾ عثماني فوجون ٻيٽ نما اطاليه تي لٿيون ۽ اوٽرانٽو ۽ اپوليا جي شهرن تي قبضو ڪري ڇڏيو پر 1481ء ۾ محمد فاتح جي وفات سان گڏ ئي فتح اطاليه جي مهم جو خاتمو ٿي ويو۔

  واڌارو (1453ء-1683ء)[سنواريو]

عثماني تاريخ جو هي دور ٻن مختلف دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: هڪ 1566ء تائين علائقائي، اقتصادي ۽ ثقافتي واڌ جو دور جنهن بعد عسڪري ۽ سياسي بيهجي وڃڻ جو دور۔

  واڌارو ۽ عروج جو نقطو (1453ء-1566ء)[سنواريو]

thumb|محمد ثانی فتح قسطنطنیہ کے بعد شہر میں داخل ہوتے ہوئے (1453ء) [[ملف:Battle of Mohacs 1526.png|thumb|جنگ موہاکز (1526ء) اور عثمانیوں کی جانب سے فتح ہنگری]]

1453ء ۾ فتح قسطنطنيه  ڏکڻ اوڀر يورپ ۽ روم سمنڊ جي اوڀر وارن علائقن ۾ سلطنت عثمانيه جي هڪ عظيم قوت جي طور تي اڀرڻ جو بنياد وڌو ۽ پوء 1566ء تائين يورپ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ فتحن جي هڪ طويل دور جو آغاز ٿيو۔ انهن فتحن جو سبب فوج جو معياري نظم و ضبط ۽ جديد عسڪري قوت هئي جنهن ۾ بارود جو استعمال ۽ مضبوط بحريه جو ڪردار تمام اهم هيو۔ رياست جي معيشت ۾ اهم ترين ڪردار تجارت جو هيو ڇو ته يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ تجارت جا تمام زميني ۽ سامونڊي رستا عثماني سلطنت مان ٿي گذرندا هيا۔ هڪ کان بعد ٻين عظيم سلطانن سلطنت جي سرحدن وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ۾ سليم پهريون جو نالو نمايابن آهي جنهن اوڀر ۽ ڏکڻ طرف توجهه ڏني ۽ صفوي سلطنت جي شاهه اسماعيل صفوي کي جنگ چالدران ۾ شڪست ڏني ۽ مصر ۾ عثماني حڪومت قائم ڪئي۔ سليم جي جانشين سليمان عاليشان (1520ء کان 1566ء) اولهه ۾ سلطنت کي وڌاء ڏنو ۽ 1521ء ۾ بلغراد جي فتح کان بعد 1526ء ۾ جنگ موهاڪر جي ذريعي هنگري ۽ ٻين وچ يورپي علائقن ۾ عثمانين جو دٻدٻو ويهاري ڇڏيو۔ ان کان بعد ان 1529ء ۾ ويانا جو گھيراء ڪيو پر ٿڌي موسم ۽ شهر جي واسين جي زبردست مزاحمت جي ڪري هي گھراء ناڪام ٿي ويو اهڙي طرح عثماني طوفان جون موجون ويانا جي ديوارن سان ٽڪرائي واپس اچي ويون ۽ عثماني سلطنت جون سرحدون وچ يورپ جي هن شهر کان اڳتي ڪڏهن به نه وڌي سگھيون۔ سليمان جي دورن ۾ ٽرانسلوانيا، ولاچيا ۽ مالدووا سلطنت عثمانيه جو حصو بڻيا۔ اوڀر ۾ عثمانين ايران کان بغداد ٻيهر حاصل ڪري ورتو ۽ بين النهرين تي قبضو ڪر خليج فارس تائين سامونڊي رسائي حاصل ڪري ورتي۔

سليم ۽ سليمان جي دورن ۾ عثماني بحريه دنيا جي عظيم ترين بحري قوت ٿي جنهن روم سمنڊ جا ڪافي علائقا فتح ڪيا۔ انهن فتحن ۾ اهم ترين ڪردار عثماني امير البحر خير الدين پاشا باربروسا جو رهيو جنهن سليمان جي دور ۾ ڪافي شاندار عسڪری فتحون حاصل ڪيون۔ جنهن ۾ اسپين جي خلاف تيونس ۽ الجزائر جون فتحون ۽ سقوط غرناطه کان بعد اتي جي مسلمانن ۽ يهودين جي بحفاظت عثماني سرزمين تائين منتقلی ۽ 1543ء ۾ مقدس رومي سلطنت جي خلاف نيس جي فتح قابل ذڪر آهن۔ 16 هين صدي ۾ اولهه يورپي قوتن خصوصاً پرتگيزن جي خليج فارس ۽ بحر هند ۾ وڌندڙ قوت عثماني بحريه جي لاء شديد مشڪلاتون پيدا ڪيون۔ عثمانين جي طرفان  اڀر ۽ ڏکڻ جا رستا بند ڪري ڇڏڻ جي ڪري یورپي قوتون ايشيا جي لاء نئين رستن جي تلاش ۾ نڪري پيون۔ ۽ هند ۽ چين جي لاء نوان رستا دريافت ڪيا۔

بغاوتون ۽ اڀرڻ (1566ع-1683ع)[سنواريو]

خير الدين پاشا باربروسا 1538ع ۾ جنگ پريويزا ۾ يورپ جي گڏيل بحري ٻيڙي کي بدترين شڪست ڏني

1566ء ۾ سليمان جي وفات علائقائي فتحن جي خاتمي جو شروعاتي نقتو ثابت ٿي۔ اولهہ يورپ جي سلطنتن جو بطور بحري قوت اڀرڻ ۽ يورپ کان ايشيا جي لاء متبادل رستن ۽ "نئين دنيا" (آمريڪا) جي دريافت عثماني معيشت کي زبردست نقصان پهچايو۔ اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن سلطنت عثمانيه کي بيدار مغز حڪمرانن جي ضرورت هئي بدقسمتي سان ان کي نالائق حڪمرانن جي طويل دور کي سهڻو پيو جنهن اندروني ۽ عسڪري محاذ تي مملڪت کي شديد نقصان پهچايو۔ انهن تمام مشڪلاتن جي باوجود 1683ع ۾ جنگ ويانا تائين سلطنت جي فتحن جو سلسلو جاري رهيو پر هن جنگ کان بعد يورپ ۾ سلطنت جي واڌاري جو مڪمل خاتمو ٿي ويو۔ اولهہ يورپ جي طرفان  نون تجارتي رستن جي تلاش ۽ دريافت کان علاوہ "نئين دنيا" کان اسپين ۾ وڏي مقدار ۾ چاندي جي آمد عثماني سڪي جي قدر ۾ تيزي سان بي قدري جو سبب بڻي۔ سليم ثاني جي دور ۾ صدر اعظم محمد پاشا صوقوللي معيشت کي استحڪام بخشڻ جي لاء سوئز نهر ۽ ڊون-وولگا نهر جي اڏاوت جا منصوبا پيش ڪيا پر انهن تي عملدرآمد نہ ٿي سگھيو۔

جنگ ليپانٽو 1571ء، عثماني سلطنت جي زوال جي علامت

هن ئي دور ۾ ڏکڻ يورپ ۾ اسپين جي فلپ ثاني جي زير قيادت ڪيٿولڪ قوتن روم سمنڊ ۾ عثماني بحريه جي قوت کي نقصان پهچائڻ جي لاء ڳٺ جوڙ ڪري ورتو۔ 1571ء ۾ جنگ ليپانٽو ۾ شڪست روم سمنڊ ۾ سلطنت جي برتري جي فوري خاتمي جو سبب بڻي۔ ان لاء ڪافي تاريخدانن جنگ ليپانٽو ۾ شڪست کي عثماني سلطنت جي زوال جو اشارو قرار ڏنو آهي۔ اهڙي طرح 16 هين صدي جي اختتام تائين فتحن ۽ ڪامیابین جي سنهري دور جو خاتمو ٿي ويو۔

عثمانين جي هڪ مخصوص مقام تي وڃي ڪري فتحن جي بيهجي وڃڻ جون ڪافي وجهون آهن هڪ تہ قديم دور ۾ جاگرافيائي خصوصيتن جي ڪري محدوديت جن جي ڪري بهار جي ابتدائي دور کان خزان جي آخري ڏينهن تائين جي جنگي موسم ۾ عثماني فوج ويانا  کان اڳتي نہ پئي وڃي سگھي۔ ٻين وجهن ۾ سرحدن ٻنهي طرف ٻن مختلف حريفن (يورپ ۾ آسٽريا ۽ ايشيا ۾ ايران جا صفوي حڪمران) جي خلاف هڪ ئي وقت جنگ ڪرڻ شامل آهن۔ انکان علاوه فڪري، ذهني ۽ عسڪري بيهڪ عثمانين جي زوال تي مهر لڳي وئي ڇو تہ عسڪري طور تي جديد هٿيارن جو استعمال ئي وسيع پيماني ۽ تيزی سان فتحن جو سبب هيو ۽ مذهبي ۽ دانشور طبقي جي وڌندڙ دقيانوسي خيالن يورپين جي جديد عسڪري طرزن جي مقابلي ۾ عثمانين کي ڪافي پوئتي ڪري ڇڏيو۔ يني چري، جن کان يورپ جون تمام فوجون ڏڪنديون هيون، آرام پسند ٿي وئي ۽ ملڪ جي ساسي معاملن ۾ مداخلت جي ڪري رياست جي تباهي جو سبب ٿي۔ صفوين کان يريوان (1635ء) ۽ بغداد (1639ء) کسڻ واري مراد چوٿين (1612ء کان 1640ء) هن دور جو واحد حڪمران جنهن سياسي ۽ عسڪري طور تي سلطنت کي مضبوط بڻايو۔ مراد چوٿون ئي اهو آخري سلطان هيو جنهن بذات خود فوجن جي قيادت ڪئي۔ 16 هين صدي جي آخر ۽ 17 هين صدي جي شروع ۾ جلالي بغاوت (1519ء-1610ء) ۽ يني چري بغاوت (1622ء) اناطوليہ ۾ وڏي پيماني تي لاقانونيت ۽ فسادن کي هٿي ڏني ۽ متعدد حڪومتن جي خاتمي جو سبب بڻيو۔ اهڙي طرح 17 هين صدي عثمانين جي لاء بيهجي وڃڻ ۽ زوال جي صدي رهي۔ 1530ء کان 1660ء تائين جي دور ۾ حرم جي ملڪي معاملن ۾ مداخلت ۽ اثرن کان بہ قطع نظر نٿو ڪري سگهجي جنهن ۾ سڀ کان اهم ڪردار نوجوان سلطان جي مائرن جو رهيو۔ هن دور جي نمايان عورتن ۾ خرم سلطان، قصم سلطان ۽ تورخان خادج ۽ ٻيون شامل آهن۔

  بيهجي وڃڻ ۽ اصلاحتون (1699ء-1827ء)[سنواريو]

بيهجي وڃڻ جي دور ۾ بلقان جا ڪافي علائقا آسٽريا جي قبضي ۾ اچي ويا۔ رياست جا متعدد علائقا، جيئن مصر ۽ الجزائر، مڪمل طور تي خود مختيار ٿي ويا ۽ بالآخر سلطنت برطانيا ۽ فرانس جي قبضي ۾ هليا ويا۔ 17 هين صدي کان 19 هين صدي جي دوران روس ۽ سلطنت عثمانيه جي وچ ۾ ڪيتريون ئي جنگيون به وڙهيون ويون جن کي ترڪ روس جنگيون چيو ويندو آهي۔ عثمانين جي بيهجي وڃڻ جي هن طويل دور کي مورخن ناڪام اصلاحتن جو دور به قرار ڏنو آهي ۔ هن دور جي آخر ۾ رياست ۾ تعليمي ۽ طرزياتي اصلاحتون به ڪيون ويون ۽ استنبول تڪنيڪي جامعه جهڙا اعلٰي تعليم جا ادارا قائم ٿيا۔ پر قديم سوچ جي حامل مذهبي ۽ عسڪري طبقي سان اصلاحن جي شديد ترين مخالفت ڪئي ايتري قدر جو ڇاپ خانن کي به "شيطاني ايجاد" قرار ڏنو ويو جنهن جي ڪري 1450ء ۾ يورپ ۾ ڇاپ خاني جي ايجاد کان بعد 43 سالن تائين سلطنت عثمانيه ڇاپ خانن کان محروم رهي پر 1493ء ۾ اسپين کان بي دخل ڪيل یهودين استنبول ۾ پهريون ڇاپ خانو قائم ڪيو۔ دور لاله سلطان احمد ٽين جي پرامن دور ۽ گل لاله سان محبت جي ڪري دورِ لاله چورائيندو آهي۔ 1712ء ۾ روس جي خلاف پرٿ مهم ۾ ڪاميابي ۽ ان کان بعد پاسارووچ معاهدي جي ڪري 1718ء کان 1730ء تائين جو دور پرامن رهيو۔ هن دور ۾ سلطنت يورپ جي اڳڀرائي جي خلاف مضبوط دفاع جي پيش نظر بلقان جي مختلف شهرن ۾ قلعه بنديون ڪيون۔ ٻين اصلاحن ۾ محصولات ۾ گھٽتائي؛ عثماني سلطنت جي ٻاهرين ملڪن ۾ تصور کي بهتر بڻايو ۽ نجي ملڪيت ۽ سرمائي ڪاري جي اجازت شامل آهن۔ عثمانين ۾ عسڪري اصلاحن جي شروعات سليم ٽين (1789ء-1807ء) جي دور ۾ ٿي جنهن يورپي خطن تي فوجن کي جديد تر بڻائڻ لاء اهم قدم کنيا۔ حالانڪه انهن قدمن جي مذهبي قيادت ۽ يني چري دستن کلي ڪري مخالفت ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ يني چري بغاوت به ڪئي۔ ۽ سليم کي پنهنجي اصلاحن جو خميازو حڪومت ۽ جان ٻنهي کان هٿ ڌوئڻ جي صورت ۾ کڻڻو پيو پر ان جي جانشين محمود ٻين انهن تمام اصلاحن کي نافذ ڪري دم کنيو ۽ 1826ء ۾ يني چري جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو۔

زوال ۽ جدت سازي (1828ء-1908ء)[سنواريو]

هڪ جريدي ۾ شائع  وارو خاڪو جنهن ۾ بلقان رياستن کي روس جي شهه پر سلطنت عثمانيه تي حملو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته برطانيا روس کي خبردار ڪري رهيو آهي۔ هن جي ٻن هفتن بعد بلقان رياستن سلطنت عثمانيه جي خلاف بغاوت ڪري ڏني هئي

عثمانين جي زوال جي دور کي مورخ جديد دور به قرار ڏيندا آهن۔ هن دور ۾ سلطنت هر محاذ تي شڪست کاڌي ۽ ان جون سرحدون گھٽجنديون ويون تنظيمات (اصلاحن) جي باوجود مرکزي حڪومت جي ناڪامي جي ڪري انتظامي عدم استحڪام پيدا ٿيو۔ 19 هين صدي جي دوران سلطنت عثمانيه سميت ڪافي ملڪن ۾ قوم پرستي کي عروج نصيب ٿيو۔ نسلي قوم پرستي جي لعنت انهن اولهه جي نظرين ۾ سڀ کان اهم هئي جيڪي ان دوران سلطنت عثمانيه ۾ وارد ٿيا۔ ان دوران ڪيئي انقلابي سياسي جماعتون به وجود ۾ آيون۔ مملڪت ۾ آئي ڏينهن وڌندڙ بگاڙ جا جتي ٻيا ڪيترائي سبب هيا اتي زوال جي اهم ترين وجهن ۾ قوم پرستي جو ڦهلاء به شامل آهي۔ هن عرصي ۾ 1892ء ۾ يونان  آزادي حاصل ڪئي ۽ اصلاح به ڊينيوب جي امارتن ۾ قوم پرستي کي نه روڪي سگھيا ۽ 6 ڏهاڪن کان نيم خود مختيار انهن علائقن سربيا، مونٽي نيگرو، بوسنيا، ولاچيا ۽ مالدووا به 1875ء ۾ سلطنت کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ 1877ء جي روس ترڪ جنگ کان بعد سربيا، رومانيا ۽ مونٽي نيگرو کي باقاعده آزادي ملي وئي ۽ بلغاريه کي خود مختياري عطا ڪئي وئي البته بلقان جون ٻيون رياستون بدستور عثماني قبضي ۾ رهيون۔ زوال جي انهي دور ۾ سربيا جي هڪ يهودي يهودا سولمن الڪلائي  صيهون جي طرف واپسي ۽ اسرائيل جي آزادي جو نظريو پيش ڪيو۔

محمود ثاني (ٻيون) 1839ء ۾ تنظيمات جي ذريعي ترڪي ۾ جديد دور جو بنياد رکيو

دور تنظيمات (1839ء تائين 1876ء) ۾ آئيني اصلاحن جو هڪ سلسلو متعارف ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نسبتاً جديد فوج، بينڪاري نظام جا اصلاح نافذ ٿيا ۽ جديد ڪارخانا قائم ٿيا۔ 1856ء ۾ خط همايون جي ذريعي نسل ۽ مذهب کان بالاتر ٿي ڪري تمام عثماني شهرين کي برابري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو۔ عيسائي اقليتن کي به خصوصي حق عطا ڪيا ويا جيئن 1863ء ۾ آرمينيائي دانشورن جي مرتب ڪيل 150 شقن کي ضابطه قانون جي تحت منظور شدہ ديوان نظام نامئه ملت آرمينيان (Armenian National Constitution) ۔ اصلاحن جي هن دور جي سڀ کان اهم ڳالهه اهو دستور هيو جيڪو قانون اساسي چورائيندو هيو جنهن کي نوجوانان عثمان  تحرير ڪيو ۽ 23 نومبر 1876ء تي نافذ ڪيو ويو۔ هن جي ذريعي تمام شهرين جي لاء اظهار راء جي آزادي ۽ قانون جي نظر ۾ برابري عطا ڪئي وئي۔ سلطنت جو پهريون آئيني دور (عثماني ترڪ ٻولي: برنجي مشروطيت دوري) مختصر رهيو پر ان جي نتيجي ۾ جنهن نظریي فروغ پاتو اهو اولهه جي جامعات ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري نوجوانان عثمان نالي اصلاح پسند گروهه جي مطابق هي هيو ته هڪ آئيني بادشاهت مملڪت جي مسئلن جو خاتمو ڪري سگھي ٿي۔ 1876ء ۾ فوجي طاقت جي ذريعي سلطان عبدالعزيز (1861ء تائين 1876ء) مراد پنجون جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو۔ مراد پنجون ذهني معذور هيو ۽ چند مهينن ۾ ئي عهدي تان هٽايو ويو۔ ان جي ممڪنه جانشين عبد الحميد ٻيون (1876ء تائين 1909ء) کي ان شرط تي بادشاهت سنڀالڻ جي دعوت ڏني وئي ته هو آئيني بادشاهت کي تسليم ڪندو جنهن تي هن 23 نومبر 1876ء تي عمل به ڪيو۔ پر پارليمان صرف ٻه سال قائم رهيو ۽ سلطان انکي معطل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پارليمان کي طلب ڪرڻ جي لاء هن تي دٻاء وڌو ويو۔ پر قانون اساسي جا اثر ڪافي حد تائين گھٽجي ويا۔ هن عرصي ۾ سلطنت کي ٻاهرين جارحيت ۽ قبضه گيري جي خلاف پنهنجي دفاع جي حوالي کان شديد خطرن  کي منهن ڏيڻو پيو۔ 1798ء ۾ فرانس مصر تي قبضو ڪري ورتو۔ 1877ء جي روس ترڪ جنگ ۾ شڪست کان بعد برلن ڪانگريس ۾ حمايت جي صلي ۾ 1878ء میں ايالت قبرص پٽي تي برطانيا جي حوالي ڪرڻو پيو۔ سلطنت پنهنجي مسئلن کي خود حل ڪرڻ جي قابل نه رهي ۽ مختلف يورپي ملڪن جي مداخلت ۽ اتحاد جي ذريعي ان جا مسئلا حل ٿيڻا پيا مثال طور جنگ ڪريميا جنهن ۾ عثمانين روس جي خلاف برطانيه ۽ فرانس سان اتحاد ڪيو۔ حالانڪه ان عرصي ۾ انکي "يورپ جو مرد بيمار" چيو ويو پر معاشي طور تي سلطنت جي بد حالي جو سبب ان جي ترقي پذير معيشت ۾ نه هيو بلڪه اهو ثقافتي خال هيو جيڪو انکي يورپي قوتن کان الڳ ڪري ڇڏيندو هو۔ اقتصادي مسئلا دراصل ٻاهرين سامراجيت ۽ اڀرندڙ داخلي قوم پرستي جهڙن مسئلن سان نه نمٽي سگھڻ جي وجهه جي ڪري هيا۔

تحليل (1908ء-1922ء)[سنواريو]

استنبول جي ضلعي سلطان احمد ۾ هڪ عوامي مظاهرو، 1908ء

ٻيون آئيني دور (عثماني ترڪ ٻولي: اڪنجي مشروطيت دوري) سلطنت عثمانيه جي حتمي تحليل جو نتيجو ٿيو۔ ان دور ۾ اتحاد ۽ ترقي جمعيتي جي سياست ۽ نوجوانان ترڪ (ترڪ ٻولي: جون ترڪلر) جو سبب بڻجڻ واري تحريڪ نمايان ترين آهن۔ نوجوانان ترڪ جي انقلاب جي شروعات 3 جولاء 1908ء تي ٿي ۽ جلد ئي تحريڪ سلطنت ڀر ۾ پکڙجي وئي ۽ نتيجتاً سلطان کي 1876ء جي آئين جي بحالي جو اعلان ۽ پارليمان کي طلب ڪرڻو پيو۔ آئيني دور ۾ 1909ء جي جوابي تاخت ۽ واقعو 31 مارچ جي جوابي انقلاب جي دوران رخنو آيو جنهن سان گڏ ئي سلطان عبد الحميد ٻيون جي دور جو خاتمو ڪيو ويو ۽ ان کي جلاوطن ڪيو ويو ۽ ان جي جڳهه ان جي ڀاء  محمد پنجون کي تخت تي ويهاريو ويو۔ نوجوانان ترڪ جي انقلاب جي دوران سلطنت عثمانيه جي داخلي صورتحال جو فائدو کڻندي 1908ء ۾ آسٽريا-هنگري  مقبوضه بوسنيا و ہرزيگووينا جو باضابطه الحاق ڪري ڇڏيو۔ آسٽريا-هنگري 1877ء جي روس ترڪ جنگ ۽ برلن ڪانگريس (1878ء) کان بعد ان تي قبضو ڪيو هيو۔ اطاليه ترڪ جنگن جي دوران سربيا، مونٽي نيگرو، يونان ۽ بلغاريه تي مشتمل بلقان ليگ سلطنت عثمانيه جي خلاف اعلان جنگ ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه کي بلقان جنگ (1912ء-1913ء) کي منهن ڏيڻو پيو ۽ انکي ٻيٽ نما بلقان جي ڪيترن ئي علائقن تان هٿ کڻڻو پيو۔ ليبيا ۽ ٻيٽ نما بلقان ۾ جنگون اتحاد ۽ ترقي جمعيتي جو پهريون وڏو امتحان هيو۔ اطاليه ترڪ جنگن ۾ سلطنت کي ليبيا تان به هٿ کڻڻو پيو۔ هي پهرين جنگ هئي جنهن ۾ دنيا ۾ پهريون دفعو ميدان جنگ ۾ هوائي جهازن جو استعمال به ڪيو ويو۔ 19 هين صدي جي آخر ۾ قائم ٿيڻ واريون بلقان رياستون نسلي ۽ قومي بنيادن تي البانيه، مقدونيه ۽ ٿريس (تراقيا) جي عثماني صوبن کان به اضافي علائقن جي حاصلات جون خواهشمند هيون۔ ابتدائي طور تي مارچ 1912ء ۾ سربيا ۽ بلغاريه ۽ مئي 1912ء ۾ يونان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ معاهدا طي ٿيا جن ۾ روس ثالث جو ڪردار ادا ڪيو۔ سرب-بلغاري معاهدي ۾ مقدونيه جي ورهاست جو مطالبو ڪيو ويو هيو جيڪو پهرين بلقان جنگ جو سڀ کان اهم سبب بڻيو۔ ٻين بلقان جنگ جي شروعات جو اهم سبب اڳوڻن بلقان اتحادين ۾  نئي حاصل ڪيل علائقن جي ورهاست تي پيدا ٿيڻ وارا تنازعا هيا جن سان سلطنت عثمانيه ڀرپور فائدو کنيو ۽ ٿريس ۾ ڪافي علائقا ٻيهر فتح ڪيا ويا۔ بلقان جنگ جي سياسي نتيجن 1913ء جي تاخت ۽ ٽن پاشائن جي حڪومت جو سبب بڻي۔

 پهرين مهاڀاري جنگ[سنواريو]

مصطفٰي ڪمال اتاترڪ 1915ء ۾ جنگ گيلي پولي جي دوران هڪ خندق ۾

پهرين مهاڀاري جنگ ۾ بغداد ريلوي تي جرمن اختيار بين الاقوامي طور تي ڪشيدگي جو هڪ اهم مسئلو هيو۔ سلطنت عثمانيه پهرين مهاڀاري جنگ جي وچ اوڀر ميدان ۾ حصو ورتو جنهن جو سبب ترڪ جرمن اتحاد هيو۔ عثمانين جنگ جي ابتدائي دور ۾ ٻه اهم فتحون، جنگ گيلي پولي ۽ ڪوت جو گھيراء، حاصل ڪيون پر ان سان ڪيترائي لوڏا به پهتا جيئن روس جي خلاف تباهه حال قفقاز مهم۔ 1917ء جي روسي انقلاب  عثمانين کي شڪست جا داغ ڌوئن ۽ وڃايل علائقا حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ عثماني فوجون جنگ جي اختتامي مرحلن ۾ آذربائيجان جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون پر مهاڀاري جنگ جي اختتام تي انهن فتحن تان هٿ کڻڻا پيا۔هن تنازعي ۾ پیش اچڻ وارو هڪ متنازع ۽ اهم واقعو صوبي وان ۾ ترڪ اڳواڻن، عثماني فوجن ۽ ڪرد جنگجوئن جي هٿان لکين آرمينيائي باشندن جو مبينه قتل عام ۽ ملڪ بدري ۽ ان جي خلاف آرمينيائي باشندن جي مزاحمت هئي۔ هڪ مرڪزي آرمينيائي مزاحمتي گروهه مئي 1915ء ۾ آزاد عبوري حڪومت جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو، ۽ عثمانين انکي اوڀر اناطوليه تي جارحيت ڪرڻ واري روسي فوجن جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش سمجھيو۔ 1917ء جي اختتام تائين آرمينيائي انقلابي وفاق جمهوريه آرمينيا قائم ڪري ڇڏي جيڪا آرمينيائي قتل عام کان بچڻ واري باشندن تي مشتمل هئي۔ واضع رهي ته ترڪ حڪومت آرمينيائي باشندن جي قتل عام تي يقين نه رکندي آهي۔ وڌيڪ تفصيل لاء ڏسو آرمينيائي قتل عام پهرين مهاڀاري جنگ ۾ عثمانين جي شڪست جا ٻه اهم سبب ایڊمنڊ ايلنبائي جي زير ڪمان برطانوي فوجن جي اهم هدفن تي حملا ۽ عرب بغاوت هيا ۔ ان ۾ عرب بغاوت سلطنت عثمانيه جي شڪست جو سڀ کان وڏو سبب سمجھي ويندي آهي۔ عرب بغاوت جي ان مهمن جي شروعات شريف مڪه حسين جي طرف کان برطانيه جي مدد سان جون 1916ء ۾ جنگ مڪه کان ۽ ان جو اختتام دمشق ۾ عثمانين جي اسلحي اڇلائڻ سان گڏ ٿئي ٿو . مديني جي عثماني ڪماندار فخري پاشا مديني جي گھيراء ۾ اڍائي سال کان وڌيڪ عرصي تائين زبردست مزاحمت ڪئي۔

ورهاست[سنواريو]

عثماني سلطنت جي آخري سلطان محمد ڇهون  جي آمد، 1922ء

مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه ۾ ورهاست جو عمل قسطنطنيه تي قبضي جي 13 ڏينهن بعد 30 آڪٽوبر 1918ء تي مدروس معاهدي جي ذريعي شروع ٿيو۔ ۽ بعد ۾ سيوري معاهدو جي ذريعي وچ اوڀر ۾ عثماني قبضن کي برطانيا ۽ فرانس جي حوالي ڪيو ويو جڏهن ته روم سمنڊ جي ساحلي علائقن کي اٽلي، ترڪ ايجيئن ساحلن کي يونان، ۽ آبنائي باسفورس ۽ مرمره سمنڊ کي بين الاقوامي علائقي جي طور تي اتحادي قوتن جي حوالي ڪيو ويو۔ ان سان گڏوگڏ اوڀر اناطوليه ۾ جمهوريه آرمينيا کي وسعت ڏيندي ولسونين آرمينيا جي تشڪيل ڏني وئي جيڪو آرمينيائي باشندن جو قديم وطن هيو پر بعد ۾ انهن علائقن ۾ ترڪ ۽ ڪرد به آباد ٿيا۔ برطانيه وچ اوڀر جي ورهاست جي لاء انتهائي چالاڪي ۽ عياري سان فرانس سان سائيڪوس-پيڪوٽ نالي خفيه معاهدو ڪيو۔ استنبول ۽ ازمير تي قبضو ترڪ قومي تحريڪ جي قيام جو سبب بڻيو ۽ مصطفٰي ڪمال پاشا جي زير قيادت جنگ آزادي جي شروعات ۽ جمهوريه ترڪي جي قيام جو اعلان ڪيو ويو۔ مصطفٰي ڪمال جي زير قیادت ترڪ قومي تحريڪ 23 اپريل 1920ء تي انقره ۾ "قومي مجلس اعلٰي" (ترڪ ٻولي: بیوڪ ملت مجلسي) جي قيام جو اعلان ڪيو، جنهن استنبول ۾ عثماني حڪومت ۽ ترڪي ۾ ٻاهرين قبضي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔ ترڪ انقلابين عوامي فوج جي ذريعي يونان، اٽلي ۽ فرانس جي فوجن کي اناطوليه مان ڪڍي ٻاهر ڪيو۔  سيوري معاهدي جي نتيجي ۾ جيڪي علائقا جمهوريه آرمينيا کي مليا هيا انهن کي به ٻيهر حاصل ڪيو ۽ آبنائي تي قابض برطانوي فوجن جي لاء خطرو بڻجي وئي۔ بالآخر ترڪ انقلابین آبنائي ۽ استنبول تي قبضو ڪري ورتو ۽ پهرين نومبر 1922ء تي سلطنت عثمانيه جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو۔ آخري سلطان محمد ڇهون وحيد الدين (1861ء تائين 1926ء) 17 نومبر 1922ء تي ملڪ ڇڏي ويو ۽ لوزان معاهدي جي تحت 24 جولاء 1923ء تي باضابطه طور تي ترڪ جمهوريه کي تسليم ڪيو ويو۔ ڪجھ مهينن بعد 3 مارچ 1924ء تي خلافت جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو ۽ سلطان ا۽ ان جي اهل خانه کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏئي ڪري جلاوطن ڪيو ويو۔ 50 سال بعد 1974ء ۾ ترڪ قومی مجلس اعلٰي اڳوڻي شاهي خاندان کي ترڪ شهريت عطا  ڪندي وطن واپسي جي اجازت ڏئي ڇڏي۔ سلطنت عثمانيه جي خاتمي جي نتيجي ۾ جيڪي نوان ملڪ قائم ٿيا انهن جي تعداد هن وقت (متنازع شمالي ترڪ جمهوريه قبرص سان گڏ) 40 ٿئي ٿي۔

حڪومتي نظام[سنواريو]

سلطان[سنواريو]

عثماني ترڪن ايشيائي ڪوچڪ ۾ داخل ٿيڻ کان بعد هڪ اهڙي سلطنت جو بنياد رکيو جنهن ٽي سو سالن ۾ دنيا جي وسيع ترين ۽ سب کان وڌيڪ طاقتور سلطنت جو روپ اختيار ڪري ورتو ۽ ان ۾ بنيادي ڪردار ترڪ قوم جي شجاعت ۽ تنظيمي صلاحيت هئي جنهن جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه جهڙي وسيع ۽ پائيدار سلطنت قائم ٿي۔ جيئن ته عثماني سلطانن سلجوقين جي نظام کي اپنايو هيو ان لاء فرمانروا جي انتخاب اهل خاندان ڪندا هيا ۽ خاندان جو سربراهه ئي بادشاهه هوندو هيو۔ عملي سياست جي تعلق تائين بادشاهه مرضي جو مالڪ ۽ تمام قوتن جو سرچشمو هيو پران جا تمام اقدام ۽ فعل ان جي خواهش جي مطابق نه هوندا هيا۔ هو قانون، نظام ۽ رسم ۽ رواج جو پابند هيو ۽ شريعت جي سامهون سر جھڪائي ڇڏيندو هو۔ اسلامي قانون کي تقريباً تمام معاملن ۾ برتري حاصل هئي ۽ بادشاهه شريعت جي حدن ۾ رهي ڪري پنهنجي حق ۽ طاقت جو استعمال ڪري سگھندو هيو۔ جيئن ته بادشاهه جي حيثيت مرضي جي مالڪ فرمانروا جي هئي ان ڪري جڏهن ڪمزور سلطان آيا ته سلطنت جا امور وزير انجام ڏيڻ لڳا پر پوء به حڪم سلطان جي طرفان صادر ٿيندا هيا۔ ابتداء ۾ عثماني حڪمران پاڻ کي بيگ ۽ غازي چورائيندا هيا۔ بايزيد پهريون پهريون عثماني حڪمران هيو جنهن سلطان جو لقب اختيار ڪيو ۽ سليم پهريون فتح مصر کان بعد پهريون عثماني خليفو بڻيو۔ سلطان سليمان قانوني جي زماني تائين فوج جي اعلٰي ڪمان سلطان جي هٿ ۾ هوندي هئي ۽ خود جنگ ۾ شرڪت ڪندو هيو پر بعد جي حڪمرانن ۾ هي طريقو نه رهيو جنهن سان سلطان جي وقار کي نقصان پهتو۔

ديوان[سنواريو]

سلطان جي اعلٰي مجلس شوريٰ جو نالو ديوان هيو ۽ مرڪزي نظام ۾ انکي ڏاڍي اهميت حاصل هئي۔ ابتدا ۾ سلطان ديوان جي صدارت خود ڪندو هيو پر بعد جي سلطانن ديوان ۾  اچڻ ڇڏي ڏنو سلطان جي اهل راء سان تعلق نه هجڻ سان نظام ۾ ڪمزوري پيدا ٿي وئي۔ ديوان جا مستقل رڪن هي هيا:

  1. صدر اعظم
  2. قاضي عسڪر
  3. دفتر دار
  4. نشانچي
باب عالي

مرڪزی نظام جا هي چار اعلٰي عهديدار سلطنت جا بنيادي ٿنڀا هيا۔ محمد فاتح پنهنجي آئين ۾ ان ٿنڀن کي واضع ڪيو ۽ سلطنت کي هڪ خيمي سان تشبيهه ڏني جنهن جو صدر دروازو باب عالي چورائيندو هيو ديوان ڄڻ ان جي آخري عدالت هئي۔ صدر دروازي جو هي نالو ايترو معروف ٿيو جو دنيا ڀر ۾ عثماني درٻار "باب عالي" جي نالي سان ئي معروف ٿي وئي۔

صدر اعظم[سنواريو]

مرڪزي نظامِ حڪومت ۾ سلطان کان بعد ٻي اهم حيثيت صدر اعظم کي حاصل هئي جيڪو ديوان جو هڪ اهم رڪن چورائيندو هيو۔ ابتدائي دور ۾ صرف وزير هوندو هيو پر ان جي وڌندڙ تعداد کان بعد انهن مان هڪ وزير اعظم چورائڻ لڳو جيڪو صدر اعظم بڻجي ويو۔ طاقتور سلطانن جي عهد ۾ صدر اعظم سلطان جي مشير جي حيثيت سان ڪم ڪندو هيو۔ صدر اعظم جي ماتحت وزيرن ۾ وزير جنگ ۽ داخله، صدر اعظم جي غير موجودگي ۾ انجو قائم مقام هوندو هيو، وزير خارجه، جيڪو رئيس آفندي چورائيندو هيو ۽ مير درٻار شامل ٿيندا هيا۔ صدر اعظم جي عهدي تي ڪافي نالا اهڙا شامل آهن جن جون خدمتون عثماني نظام جي لاء ناقابل فراموش آهن جن ۾ ڪوپريلي خاندان قابل ذڪر آهي۔ هي عهدو 1368ء کان 1922ء تائين يعني 554 سالن تائين هي عهدو سلطنت عثمانيه ۾ موجود رهيو جنهن ۾ 211 (يا 215) صدر اعظم ٿيا جن جي اڪثريت غير ترڪن جي هئي ۽ ان ۾ عرب، البانوي، روسي، چرڪسي، يوناني، ارمني ۽ سلافي قومن جا فرد شامل هيا پر ڪڏهن ڪنهن غير مسلم کي صدر اعظم نه بڻايو ويو۔ صدر اعظم جي تقرري خود سلطان ڪندو هيو۔

قاضي عسڪر[سنواريو]

ان جي اصل حيثيت فوجي منصف جي هئي ۽ شيخ الاسلام کان بعد ان جو درجو ايندو هيو۔ قاضي عسڪر کي سلطان خود مقرر ڪندو هيو۔ قاضي عسڪر ٻه هيا هڪ يورپي ۽ ٻيو ايشيائي قبضن جي لاء جيڪي بالترتيب قاضي عسڪر روميليا ۽ قاضي عسڪر اناطوليه چورائيندا هيا۔

دفتر دار[سنواريو]

دفتر دار دراصل وزير ماليات هيو جيڪو تمام مالي ڪمن جو جوابدهه هيو۔

نشانچي[سنواريو]

نشانچي به ماليات جو ذميدار هيو پر ان جي ذمي ٻيا ڪافي سارا ڪم هيا جن ۾ شاهي مهر هڻڻ، زمين جي معاملن جو اندراج، غلطين جي تصحيح ۽ ان جي ترتيب، اڳواڻن ۽ نيم خود مختيار حاڪمن کي فرمان موڪلڻ وغيرہ۔ نشانچي تمام سرڪاری ڪاغذن جي تياري جو ڪم به ڪندو هيو ۽ ان کان بعد ڪاغذن تي سلطان جي علامت لڳائيندو هيو۔ سلطنت عثمانيه جي قوت ئي هن جي ادارۂ حڪومت جي زبردست نظام تي قائم هئي ۽ ان جي خاص اصولن ۾ اميدوارن جي سٺي انتخاب، تعليم ۽ تربيت جي سخت نگراني، مڪمل نظم ۽ ضبط ۽ پرجوش مقابلو اهم ترين هيا ۽ ان جي بنياد تي ڪو به امیدوار پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ترقي ڪري اعلٰي ترين عهدن تي پهچي سگھندو هيو۔ اهڙي طرح شاهي خاندان ئي اهڙو هيو جنهن ۾ نسلي امتياز تسليم ڪيو ويندو هو تمام عهدن جي لاء صلاحيت کي بنياد بڻايو ويندو هيو.

صوبائي نظام[سنواريو]

سلطنت عثمانيه ٽن کنڊن تي پکڙيل هئي ۽ انتظامي ڪمن جي لاء سلطنت کي وڏن وڏن حصن ۾ ورهايو ويو هيو جيڪي "ايالت" چورائينا هيا۔ ايالتون سنجق ۾، سنجق قضا ۾ ۽ قضا کي ڪوئي ۾ ورهايو ويو هيو۔ صوبا پهريون ايالت چورائيندا هيا جنکي بعد ۾ ولايت ڪيو ويو جڏهن ته سنجق جي حيثيت ضلعن جي هئي۔ ولايتن جا حاڪم بيلربي يا پاشا ۽ ضلعن جا حاڪم سنجق به چورائيندا هيا۔ سنجق جي حاڪم جا ٻه قسم هوندا هيا هڪ شهزادو ۽ غير شهزادو۔ سليمان اعظم جي عهد ۾ سلطنت 21 ولایتن ۽ 250 سنجقن ۾ ورهايل هئي۔ هر صوبي جي هڪ مجلس شوريٰ هوندي هئي جنهن جو صدر اتان جو والي هوندو هيو۔ قضا ڪنهن وڏي شهر يا ان سان ملحق چند قصبن تي مشتمل هوندي هئي ۽ ان جو حاڪم اعلٰي سوباشي يعني فوج جو افسر هوندو هيو۔ ڪوئي ۾ ڳوٺ ۽ قصبا سڀ شامل ڪيا ويا هئا۔ غير فوجي معاملا خصوصاً شرعي ۽ قانوني ڪمن جي ڏيک واٺ قاضي جي ئي سپرد هئي۔

اقتصادي نظام[سنواريو]

سلطنت جو اقتصادي نظام ان جي جاگرافي تي قائم هيو ڇو ته اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ تمام تجارتي شاهراهون ٽن کنڊن تي پکڙيل هن سلطنت مان گذرنديون هيون۔ انهن تجارتي شاهراهن جي ذريعي ئي انکي محصولن جي ذريعي ايتري ادائگي ٿيندي هئي  جو هو پنهنجي وقت دنيا جي وڏي اقتصادي قوتن مان هڪ بڻجي وئي۔ سلطنت عثمانيه جو مقابلو ڪرڻ جي لاء ئي يورپي قوتن متبادل راهه ڳولهڻ جي لاء بحري مهمون شروع ڪيون ۽ جڏهن 1492ء ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس آمريڪا دريافت ڪئي ته ان وقت سلطنت عثمانيه پنهنجي عروج تي هئي۔ وچ يورپ ۽ عثمانين جي وچ ۾ تعلقن ۾ تبديلي جو بنياد به نون بحري راستن جي دريافت هيو ۽ ممڪنه طور تي سلطنت عثمانيه جي زوال جي وجهه به ڇو ته يورپي قوتن وچ اوڀر ۽ روم سمنڊ جي بجاء ٻيا رستا اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا جيڪي سلطنت جي مالي حالت جي خرابي جو سبب بڻيا۔ سلطنت هيٺ ڏنل قسمن جي ملڪن ۾ ورهايل هئي:

  1. ايراضي جو اهو وڏو حصو جنهن جو انتظام سڌوسئون حڪومت عثمانيه جي طرف کان هوندو هيو
  2. اهي علائقا جن جو انتظام خاص ضابطن جي ماتحت هوندو هيو۔
  3. متعدد باجگذار صوبا
  4.   ڪجھ لاڳاپيل رياستون

جيڪي علائقا سڌوسئون زير حڪومت هيا اهي سنجقن ۾ ورهايل هئا انهن ۾ هر ضلعي جي محصولن جو هڪ عليحده قانون هيو جنهن جو بنياد انهن معاهدن تي هيو جيڪي فتح جي وقت ڪيا ويا هيا۔ محصولن جي لاء سلطنت عثمانيه ۾ زمين کي هن طرح ورهايو ويو هو:

  1. جيڪي تلوار جي زور تي فتح ڪيون ويون هون ان جي لاء ڏهون حصو محصول مقرر هيو۔
  2. ٻيون اهي زمينون جيڪي فاتحن ۽ رعايا جي قبضي ۾ هيا، ان جي لاء به ڏهون حصو محصول مقرر هيو
  3. ٽين اها زمين جن کي بادشاهه جنگي خدمتن جي صلي ۾ عطا ڪيو هو۔ اهي به ٻن حصن ۾ ورهايل هيون ۔ هڪ جنهن تي شرعي اصولن جي مطابق عملدرآمد هوندو هيو ۽ ٻيا جنهن جو نفاذ قانوندانن جي راء جي مطابق هوندو هيو۔

تمام محصولات جو عام نالو خراج هيو ان ۾ جزيو، مال گزاري ۽ محصول پيداوار وغيره شامل هيا۔ رعايا جي فلاح ۽ بهبود ۽ خوشحالي سلطان جو نصب العين هيو ۽ غير مسلم رعايا کان جزيي کان علاوہ ڪوئي ناجائز محصول نه ورتو ويندو هيو۔

فوجي نظام[سنواريو]

عثماني فوج پنهنجي زماني جي دنيا جي جديد ترين فوج هئي ۽ هو پهرين فوج هئي جنهن بارودي اسلحي جو استعمال شروع ڪيو۔ ان کان علاوہ هو تلوارون، نيزا، تير ۽ ٻيا روايتي اسلحا به استعمال ڪندا هيا۔ 1389ء ۾ جنگ ڪوسوو ۽ 1396ء ۾ جنگ نڪوپولس ۾ فتحن کان بعد عثماني فوجن تيزي سان وچ يورپ کي پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽيندا هليا ويا ۽ 1526ء ۾ جنگ موهاڪس ۾ فتح جي ذريعي هنگري تي به قابض ٿي ويون ۽  ٻه دفعا 1529ء ۽ 1683ء ۾ ويانا جو گھيراء به ڪيو۔ انکان علاوه هي پهرين فوج هئي جيڪا غير ملڪي ماهرن جي خدمتن حاصل ڪندڙ ۽ انجي افسرن کي تربيت جي لاء اولهه يورپ جي ملڪن ۾ موڪليو ويندو هيو۔

يني چري[سنواريو]

اصل مضمون: يني چري

سلطنت جي طاقت جو دارومدار ان جي فوجي نظام تي هيو۔ عثمانين جي ٻين سلطان اورخان پهريون جي دور ۾ پهريون دفعو فوج کي منظم شڪل ڏني وئي جيڪا يني چري چورائيندي هئي۔ يني چري مستقل پيادي فوج هئي جنهن جي حيرت انگيز شجاعت، نظم ۽ ضبط ۽ وفاداري ٽن صدين تائين يورپي قوتن تي پنهنجو داٻو برقرار رکيو سلطنت عثمانيه جون ابتدائي تمام فتحون بلاشبه هن جي زور جو نتيجو هيون۔

يني چري جوهڪ سپاهي، معروف مصورجينٽائل بيلني جي نظر ۾
سلطنت عثمانيه جو گھوڙي سوار دستو "سپاهي"

يني چري جا ٽي مختلف دستا هيا جن ۾ يايا، سڪبان ۽ آغا بولڪ لري شامل هيا۔ يني چري جو سڀ کان وڏو عهديدار يني چري آغاسي چورائيندو هو۔ هڪ عهدو يني چري آفندي سي هوندو هيو جيڪو دراصل ڪاتب هيو ۽ پگھار ڏيڻ ان جي ذمي هئي۔ امن جي زماني ۾ ديوان جي اجلاس ۾ پهرو ڏيڻ، باهه وسائڻ، اعلٰي عهديدارن جي حفاظت، امن ۽ امان قائم ڪرڻ ۾ مدد ۽ ٻيون ذميداريون يني چري جي حوالي هونديون هيون۔ يني چري جي لاء پنهنجن افسرن جي اطاعت پهرين شرط ۽ اتحاد ۽ مساوات، ظاهري ڏيکاء ۽ نمائش کان پرهيز ۽ دين داري به ضروري هيون۔ جنگ جي دوران يني چري سلطان جي ٻنهي طرف هوندا هيا۔ ابتدا ۾ صرف نو مسلم عيسائي ئي هن ۾ ڀرتي ڪيا ويندا هيا بعد ۾ مسلمان به ڀرتي ڪيا وڃڻ لڳا۔ جنهن وقت تائين سلطان مضبوط هيا يني چري قابو ۾ رهيا پر حڪومت جي واڳ ڪمزور هٿن ۾ ايندي ئي يني چري سرڪش ٿي ويا ۽ بدعنواني حد کان وڌي وئي هي فوج سلطنت جي لاء مستقل خطرو بڻجي وئي 1826ء ۾ محمود ثاني بالآخر هن کي ختم ڪري ڇڏيو۔ يني چري جي خاتمي کي واقعئه خيريه چيو ويندو آهي۔

سپاهي[سنواريو]

مستقل پيادي فوج کان علاوه هڪ مستقل سوار فوج به هئي جيڪا سپاهي چورائيندي هئي۔ ان جي تربيت به اعلٰي انداز ۾ ڪئي ويندي هئي ذهني قابليت جي لحاظ کان بهتر سپاهين کي حڪومت جي انتظامي شعبي جي لاء منتخب ڪيو ويندو هو۔ سليمان اعظم کان بعد یني چري جي طرح ان ۾ به بدعنوانيون ٿيڻ لڳيون۔

مهتران[سنواريو]

اصل مضمون: مهتران

عثماني آرمي جو بينڊ جيڪو فوجي مهمن جي دوران ڌنون وڄائي جوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندو هيو۔ مهتران عام طور تي يني چري جو حصو هوندو هيا۔

نظام جديد[سنواريو]

اصل مضمون: نظام جديد

19 هين صدي جي اوائل ۾ فوجن جي جديد خطن تي تربيت جون ڪوششون شروع ڪيون ويون ۽ 1826ء ۾ سلطان محمود ثاني يني چري جو خاتمو ڪري هڪ جديد عثماني فوج جو بنياد رکيو جنهن کي نظام جديد جو نالو ڏنو ويو۔ نظام جديد فوجون مصروف ۽ رديف ۾ ورهايون هيون ۽ انهن جون خصوصيتون هي هيون:

  1. فوج جي ملازمت جي مدت ويهه سال هئي۔
  2. سالانه ڀرتي جي تعداد 50 هزار هئي۔
  3. پهرين غير مسلمن کي فوجي خدمت کان مستثنٰي سمجھيو ويندو هيو پر بعد ۾ انهن کي به فوج ۾ شامل ڪيو ويو۔
  4. فوج جو امير سپهه سالار اعظم هوندو هيو۔

عثماني بحريه[سنواريو]

استنبول ۾ آبناء باسفورس سان گڏ واقع ترڪ بحري عجائب گھر جي سامهون باربروسه جو مجسمو

1308ء ۾ مرمره سمنڊ ۾ امرالي ٻيٽ جي فتح عثمانين جي پهرين بحري فتح هئي ۽ 1321ء ۾ ان جا جهاز پهريون دفعو ڏکڻ اوڀر يورپ جي علائقي ٿريس ۾ لنگر انداز ٿيا ۽ بعد ۾ يورپ کنڊ ۾ فتحن ۾ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو۔ عثماني بحريه دنيا جي پهرين بحريه هئي جنهن بحري جهازن تي توپون نصب ڪيون ۽ 1499ء ۾ وڙهيل جنگ زونڪيو تاريخ جي پهرين بحري جنگ هئي جنهن جي دوران بحري جهازن تي لڳل توپون استعمال ڪيون ويون۔ عثماني بحريه ئي اتر آفريڪا ۾ فتحن جي شروعات ڪئي ۽ 1517ء ۾ الجزائر ۽ مصر کي سلطنت ۾ شامل ڪيو۔ 1538ء ۾ جنگ پریويزا ۽ 1560ء ۾ جنگ جربا روم سمنڊ ۾ عثماني بحريه جي عروج جو ثبوت آهن۔  انکان علاوه عثماني بحري جهازن 1538ء کان 1566ء جي وچ ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ گوا جي ويجھو پرتگيزي جهازن جو مقابلو به ڪيو۔ 1553ء ۾ عثماني امير البحر صالح رئيس مراڪش ۽ آبنائي جبل الطارق کان اڳتي جا اتر آفريڪي علائقا فتح ڪيا ۽ عثماني سلطنت جون سرحدون اوقيانوس وڏي سمنڊ تائين پهچائي ڇڏيون۔ 1566ء ۾ آچي (هاڻوڪي انڊونيشيا جو هڪ صوبو) جي سلطان پرتگيزين جي خلاف عثمانين جي مدد طلب ڪئي ۽ خضر رئيس جي قيادت ۾ هڪ بحري ٻيرو سماترا موڪليو ويو هو۔ هي ٻيڙو 1569ء ۾ آچي ۾ لنگر انداز ٿيو ۽ اهڙي طرح هي سلطنت جو اوڀاريون ترين علائقو قرار ٿيو جيڪو عثمانين جي زير قيادت هيو۔ 1585ء ۾ عثماني امير البحر مراد رئيس ڪناري جزيرن ۾ لانزاروت کي فتح ڪيو۔ 1617ء ۾ عثماني فوجن مديره تي به قبضو ڪيو ا۽ بعد ا۾ آگسٽ 1625ء ۾ مغربي انگلستان جي علائقن سسيڪس، پلائي مائوٿ، ڊيوون، هارٽ لينڊ پوائنٽ ۽ ڪورن وال تي ڇاپا هنيا۔ 1627ء ۾ عثماني بحريه جي جهازن ٻيٽ شيٽ لينڊ، ٻيٽ فارو، ڊينمارڪ، ناروي ۽ آئس لينڊ تائين ۽ 1627ء کان 1631ء جي دوران آئرستان ۽ سويڊن تائين به ڇاپا هڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا۔ 1827ء ۾ جنگ ناوارينو ۾ برطانيا، فرانس ۽ روس جي گڏيل بحري ٻيڙي جي هٿان شڪست ۽ الجزائر ۽ يونان جي وڃائڻ بعد عثماني بحريه جي زوال شروع ٿي ويو  اهڙي طرح سلطنت جي سمنڊ پار قبضن تي پڪڙ ڪمزور ٿيندي وئي۔ سلطان عبد العزيز پهريون (دور حڪومت: 1861ء تائين 1876ء) مضبوط بحريه جي ٺاهڻ جي لاء نئين سري سان ڪوششون ڪيون ۽ وڏي سرمائي خرچ ڪرڻ بعد برطانيه ۽ فرانس کان دنيا جو ٽيون سڀ کان وڏو بحري ٻيڙو ٺاهيو جيڪو 194 بحري جهازن تي مشتمل هيو پر زوال پذير معيشت انهن بحري جهازن جي ٻيڙي کي گھڻو عرصو برقرار نه رکي سگھي۔ اصلاح پسند مدحت پاشا ۽ 1876ء ۾ پهرين عثماني پارليمان جي حمايت بعد سلطان عبد الحميد ثاني (دور حڪومت: 1876ء تائين 1908ء) جو اعتبار بحريه تان کڄي ويو. ۽ روس خلاف جنگن ۾ ڪو استعمال نه هجڻ جو بهانو بنا ڪري اڪثر بحري جهاز شاخ زرين ۾ بند ڪيا ويا جتي اهي اڳلي 30 سالن تائين سڙندا رهيا۔ 1908ء م نوجوانان ترڪ انقلاب بعد اتحاد ۽ ترقی جمعيتي ملڪ جو نظم ۽ ضبط سنڀالڻ بعد بحريه کي ٻيهر منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عوامي چندي سان عثماني بحريه فائونڊيشن بڻائي وئي ۽ عوامي رقم سان ئي وڏن بحري جهازن جي خريداري شروع ڪئي وئي۔

امير البحر[سنواريو]

عثماني امير البحر ڪپتان پاشا (يا قپودان پاشا) چورائيندو هيو۔ سلطنت جي معروف امير البحرن ۾ خير الدين باربروسا، پيري رئيس، حسن پاشا، پيالي پاشا، طرغت پاشا ا۽ سيدي علي عثماني تاريخ سان گڏ يورپ جي بحري تاريخ ۾ به هميشہ ياد رکيو ويندو۔ بحري فتحن کان علاوه ان جا علمي ڪارناما به نماياں آهن۔ عثماني ترڪن جي بحری طاقت ۾ اضافي سان گڏ امير البحر جي اهميت به ٻه وڌي وئي ۽ باربروسا جي زماني ۾ ڪپتان پاشا ديوان جو باقاعده رڪن بڻجي ويو۔ عهدي جي اعتبار سان هو امير العساڪر جو مساوي ۽ شيخ الاسلام جي ماتحت سمجھيو ويندو هو۔

عثماني فضائيه[سنواريو]

ترڪ هوا باز 1912ء جي منڍ ۾

عثماني فضائيه جو بنياد جون 1909ء ۾ رکيو ويو اهڙي طرح هي دنيا جي قديم ترين جنگي هوا بازي جي ادارن مان هڪ آهي۔ هن جو قيام ان وقت عمل ۾ آيو جڏهن سلطنت عثمانيه پنهنجي ٻن ترڪ هوا بازن کي پيرس ۾ منعقد بين الاقوامي هوا بازي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاء موڪليو۔ فضائي جنگ جي وڌندڙ اهميت جي پيش نظر عثماني حڪومت پنهنجي عسڪري هوا بازي جي منصوبي کي منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔ ان مقصد جي لاء 1910ء جي آخر ۾ متعدد افسرن کي تربيت جي لاء يورپ موڪليو ويو جن اتي جنگي هوا بازي جي تربيت حاصل ڪئي۔ رهائش جي ناقص سهولتن جي ڪري تعليم جو هي منصوبو ختم ٿي ويو ۽ زير تربيت اهلڪار 1911ء جي اوائل ۾ ترڪي واپس اچي ويا۔ فضائيه جي قيام جي لاء حڪومتي رهنمائي جي خاتمي جي باوجود ان وقت جي عثماني وزير دفاع محمد شوڪت پاشا عسڪري فضائي منصوبي جي خيال کي عملي جامو پهرائڻ جون ڪوششون جاري رکيون ۽ ٻن افسرن کي فرانس تربيت جي لاء موڪليو۔ انهن هوابازن جي تربيت فيبروري 1921ء ۾ مڪمل ٿي ۽ ان ئي سال وڌيڪ ترڪ افسرن کي فرانس موڪليو ويو۔ سلطنت عثمانيه 3 جولاء 1912ءتي استنبول ۾ فضائي اڪيڊمي جي قيام جي ذريعي پنهنجي هوا بازن ۽ طيارن جي تياري ۽ پنهنجي افسرن جي تربيت جي شروعات ڪئي۔ ترڪ هوا بازن جي ناتجربيڪاري جي ڪري بلقان جنگن جي پهرين مرحلي (1912ء) ۾ متعدد جهازن جو نقصان کڻڻو پيو پر ٻين مرحلي (1913ء) ۾ انهن کي ڪافي ڪاميابيون مليون۔ بلقان جنگن جي خاتمي کان بعد فضائيه کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ جي عمل جي شروعات ڪئي وئي نوان طيارا خريد ڪيا ويا۔ جون 1914ء ۾ استنبول ۾ ئي نئين عسڪري اڪيڊمي "بحري هوا بازي اڪيڊمي" جو قيام عمل ۾ آيو۔ پر پهرين مهاڀاري جنگ جي شروعات سان گڏ ئي هي عمل رڪجي ويو البته 1915ء ۾ چند جرمن افسر سلطنت ۾ آيا ۽ چند ترڪ افسر تربيت جي لاء جرمني ويا هيا۔ پهرين مهاڀاري جنگ جي دوران عثماني فضائيه ڪافي محاذن تي وڙهي جن ۾ اولهه ۾ گليسيا، اوڀر ۾ قفقاز ۽ ڏکڻ ۾ يمن جي علائقن تائين شامل هيا۔ عثماني فضائيه کي نئين سري سان منظم ڪرڻ جو کوششون جاري هيون ته 1918ء ۾ پهرين مهاڀاري جنگ جي خاتمي ۽ استنبول تي اتحادين جي قبضي سان گڏ ئي انهن جو خاتمو ٿي ويو۔

عدالتي نظام[سنواريو]

شيخ الاسلام[سنواريو]

قسطنطنيه جي مفتي جو درجو تمام قاضين وڌيڪ هيو ۽ انکي مفتي اعظم چيو ويندو هو۔ محمد فاتح انکي شيخ الاسلام جو لقب به عطا ڪيو۔ تمام قانونن جو تعلق شيخ الاسلام سان هيو ۽ انجي حيثيت عباسي دور جي قاضي القضاۃ جهڙي هئي۔ ان جو فيصلو حتمي هوندو هيو۔ شيخ الاسلام جو عهدو وزارت عظمٰي کان بعد سڀ کان وڏو هيو۔ شيخ الاسلام جي تقرري عام طور تي تمام عمر ڀر جي لاء هوندي هئي۔ صوبائي افسر صدر اعظم ۽ صدر اعظم سلطان جي سامهون جوابده هيا پر شيخ الاسلام صرف خدا جو جوابده هيو ۽ هو هر ڪم شريعت جي مطابق ڪندو هيو۔ شيخ الاسلام جا اختيار انتهائي وسيع هيا ۽ ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته سلطان کي لاهڻ متعلق ان جي فتويٰ تمام ضروري هئي ا۽ ان جي بغير سلطان کي لاهڻ ممڪن نه هيو۔ سلطان جي نماز جنازه به هو ئي پڙهائيندو هيو۔ دور زوال ۾ هن منصب ۾ به ڪافي خاميون پيدا ٿي ويون هيون۔ عثمانين جي پوري دور ۾ 131 شيخ الاسلام ٿيا۔ 19 استعفٰي ڏني ۽ ٽن کي ڦاهي ڏني وئي۔ اڪثريت ترڪي نسل جي هئي۔ 1442ء ۾ هن منصب جي ابتدا ٿي ۽ مراد ٻيون جي عهد جو حضرت ملا شمس الدين فتاري پهريون شيخ الاسلام هيو۔ آخري شيخ الاسلام مدني محمد نوري آفندي هيو جنهن سلطنت جي خاتمے تي 1922ء ۾ استعفٰي ڏئي ڇڏيو۔ اهڙي طرح هي عهدو 498 سال برقرار رهيو۔

قاضي[سنواريو]

هڪ مقدمو، 1877ء

تمام قاضي شهر جا منصف هيا ۽ ان جي اختيار جو حلقو ويجھن علائقن تي به هيو۔ قاضين جي اختيار جو حلقو حڪومت جي ادري کان وڌيڪ وسيع هيو۔ مثلاً ڪريميا ۽ اتر آفريڪا جو رياستون پر انتظامي حيثيت سان مرڪزي حڪومت جي تابع نه هيون پر وابسته حڪومتون هيون پر هي به عثماني نظام عدالت جي ماتحت هيون۔ محمد فاتح قانون نامي ۾ قضا محڪمي کي هڪ ٿنڀ قرار ڏنو هيو مملڪت جي قانون جو بنياد شريعت اسلاميه تي رکييو هيو۔

ثقافت[سنواريو]

ڇو ته سلطنت عثمانيه ٽن کنڊن تي پکڙيل هڪ وسيع سلطنت هئي ان لاء ان کي واحد ثقافت جي طور تي بیان ڪرڻ مشڪل آهي البته مختلف مرڪزن ۾ ان جا مختلف روپ هيا۔ قسطنطنيه جي شهري نموني دمشق، بغداد، مڪي، مديني، قاهره ۽ تيونس ۽ الجزائر تي اثر انداز ۔ فنڪارن جو اجتماع قسطنطنيه ۾ هيو پر دستڪاري ۽ صنعت جي غير معمولي ترقي اناطوليه ۾ ٿي جنهن ۾ بروصا ۽ ازنڪ کي اهم مقام حاصل هيو۔ ڪافي اهم شهرن ۾ ڪارخاني پوري سلطنت کي ڪپڙو ۽ ٿانو فراهم ڪر کان علاوه غير ملڪن کي به شيون موڪليندو هيا۔ پارچه بافي کان علاوه قالين سازي به سلطنت جي اهم ترين صنعت هئي۔

عثماني فن تعمير[سنواريو]

سليميه مسجد، معمار سنان پاشا جو تيار ڪيل عظيم شاهڪار

سلطنت عثمانيه جو ابتدائي فن تعمير سلجوقي طرز تعمير کان متاثر هيو پر قسطنطنيه جي فتح بعد هي رومي طرز تعمير جي زير اثر اچي ويو پر بعد ۾ ان ۾ وڌيڪ بهتري آندص وئي ۽ بالآخر جديد عثماني طرز تعمير دنيا ڀر ۾ معروف ٿيو۔ عثماني سلطانن فن تعمیر تي خاص توجھ ڏني۔ يني شهر، بروصه، ادرنہ ۽ قسطنطنيه ۾ مسجدن، مدرسن ۽ محلن جي تعمير ۽ فتح قسطنطنيه کان بعد سلطنت ڀرن ۾ عثماني اڏاتون هن عظيم سلطنت جي شوڪت ۽ عظمت جو آئينو آهن ۽ اڄ به هن جي شاندار ماضي جي يادگار جي طور تي موجود آهن۔ چوڏهين صدي جي عثماني دور جي مسجدن ۾ سلجوقي طرز هر جڳهه نمايان آهي جنهن جا اهم ترين مثال بروصه جون شاندار مسجدون آهن جن ۾ بايزيد جامع ۽ اولو جامع نمايان آهن۔ پندرهين صدي ۾ استنبول جي مسجد ۾ بروصه جي طرز جو نقل ڪيو ويو پر وڏين مسجدن ۾ اياصوفيه جامع جي طرز تعمير جو نقل ڪيو ويو جيڪي بازنطيني گرجا هئي جنهن کي فتح قسطنطنيه کان بعد مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو هو۔ ترڪ معمارن جديد عثماني طرز تعمير جون ڪافي شاندار ۽ بلند عمارتون ٺاهيون جن ۾ فاتح جامع، سليميه جامع، سليمانيه جامع ۽ اورتاڪوئي جامع نمايان آهن۔ عثماني طرز تعمير انهن عمارتن جي ذريعي اڄ به پنهنجي پوري شان ۽ شوڪت سان موجود آهي ايتري تائين دنيا ڀر ۾ جتي به ترڪ مهاجرن مسجدون تعمير ڪيون هو اهڙي طرز تعمير جو شاهڪار آهن۔ پاڪستان جي گادي جي هنڌ اسلام آباد ۾ واقع فيصل مسجد جا مينار به ترڪ طرز تعمير جا حامل آهن۔

عڪس:Dolmabahce Palace.Turchia.JPG
دولما باغچه محل، استنبول

عثماني طرز تعمير جو تذڪرو سنان پاشا جي بغير اڌورو آهي جنهن پنهنجي طرز ۽ هنر سان ان عهد جي طرز تعمير کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔ سورهين صدي جي عثماني تعميرات ۾ سناني طرز هر جڳهه نمايان آهي ۽ اڄ به شاندار شڪل ۾ موجود آهي۔ شهزاده مسجد ۽ سليميه مسجد ان عظيم معمار جا فن پارا آهن۔ سنان قسطنطنيه، ادرنه ۽ ٻين شهرن ۾ ڪافي عظيم مسجدون تعمير ڪيون۔ عثمانين جي تيار ڪيل توپ قاپي ۽ دولما باغچه محلن پنهنجي وقت جي تعميرات جا عظيم ترين شاهڪار هيا جن ۾ پهريون ذڪر ڪيل عثماني ۽ بعد ۾ ذڪر ڪيل يورپي طرز تعمير جي زير اثر آهي۔

عثماني ترڪ ٻولي[سنواريو]

اصل مضمون: عثماني ترڪ ٻولي

عثماني ترڪ ٻولي مملڪت جي اهم ترين ٻولي هئي جيڪا عربي ۽ فارسي جي زير اثر هئي۔ عثمانين جي عدالتي ۽ دفتري معاملات ۾ هي ٻولي استعمال ڪئي ويندي هئي۔ پر هڪ وسيع سلطنت جي ڪري ان ۾ مختلف مقامن تي مختلف ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون ۽ آخري ڏينهن ۾ فرانسيسي ۽ انگريزي به غير مسلمن جي اعلٰي طبقي ۾ وڏي پيماني تي ڳالهايون وينديون هيون۔ هي به چئي سگھجي ٿو ته فارسي ادبي ۽ عربي مذهبي ٻولي جي طور تي استعمال ڪئي ويندي هئي۔

مذهب[سنواريو]

عثماني سلطنت جو سرڪاري مذهب اسلام هيو پر غير مسلمن خصوصاً اهل ڪتاب (عيسائين ۽ يهودين) سان ان جو اعلٰي رويو مسلمانن جي فراخ دلي جو واضع ثبوت آهي۔ محمد فاتح قسطنطنيه کي فتح ڪرڻ بعد مقامي عيسائين کي شهر ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ۽ انهن جي چند گرجا گھرن کي به بحال رکيو۔ 1492ء میں سقوط غرناطه کان بعد اسپين مان ڪڍيل مسلمانن کي بخيريت مسلم سرزمین تي پهنچائڻ جي عظيم مهم هلائي وئي ان ۾ ڪيترن ئي يهودين کي به عيسائين جي ظلمن کان بچائي ترڪ سرزمين تي آندو ويو ۽ انهن کي سلطنت عثمانيه ۾ آزادي سان رهڻ جي اجازت ڏني وئي۔ اسلامي شريعت مملڪت جو بنیادي قانون هئي ۽ ان جو ماخذ قرآن ۽ حديث هيا ۽ انهن ٻنهي کان رهنمائي نه ملڻ جي صورت ۾ اجماع يا قياس کان ڪم ورتو ويندو هو۔

علم ۽ ادب[سنواريو]

عثمان سلطان علم ۽ ادب سان گهرو لڳاء رکندا هيا عالمن ۽ فاضلن جي بيحد تعظيم ۽ تڪريم ڪئي ويندي هئي ۽ ان جي لاء باعزت روزگار فراهم ڪيو ويندو هو۔ محمد پهريون جي دور م علم ۽ ادب جي ڀرپور سرپرستي ڪئي وئي بلڪه هي چوڻ غلط نه ٿيندو ته دراصل ان جي دور ۾ سلطنت ۾ ادب خصوصاً شاعري کي ترقي ڏني وئي۔ سلطان محمد فاتح ترڪي ٻولي جو هڪ صاحب ديوان شاعر هيو۔ مطالعي جو بيحد شوق رکندو هيو ۽ هن پنهنجي دور حڪومت ۾ ٻين علمن و۽ فنن جي ترقي جو ڪم به ڪيو۔ بايزيد کي تصوف، مذهب ۽ شاعري سان دلچسپي هئي جڏهن ته سليم پهريون جي تاريخ ۽ فارسي شاعري کان علاوه مطالعي جو به شوق هيو۔ فارسي ٻولي ۾ سليم پهريون جا ڪجھ نظم به موجود آهن۔ مراد ثاني تصوف جي هڪ جتاب جي بڪري شهرت رکندو هو۔ عثماني حڪمرانن ۾ 21 جا بياض (ڪتاب) ملن ٿا۔ دراصل عثماني ادب ۽ فارسي ادب هڪ ٻي سان هڪجهڙائي رکن ٿا۔ سلطنت عثمانيه ۾ تعليم جا ٻه دور نمايان نظر اچن ٿا:

  1. ديني دور: شروعات کان دور تنظيمات يعني 1839ء تائين
  2. وچون دور: تنظيمات کان جمهوريه جي اعلان تائين
  3. اصلاحات جو دور: هي ٽيون دور ڇو ته سلطنت عثمانيه جي خاتمي کان بعد شروع ٿيو ان لاء اسان جو موضوع بحث نه آهي۔

محمد فاتح جي دور ۾ تعليم جي سلسلي جي باقاعده شروعات ٿي، هو خود به عالم جو وڏو قدردان هيو۔ محمد جي جانشينن تعليم کي خوب ڦهلايو ۽ هر سلطان هڪ مسجد ضرور تعمير ڪرائيندو هيو جنهن سان گڏ مدرسو قائم ڪرڻ به لازمي هيو۔ اهڙي طرح مسجدن سان گڏ مدرسن جي تعداد به وڌندي وئي۔ مصطفٰي ثالث جي عهد ۾ صرف قسطنطنيه ۾ تقريباً ٽي سو مدرسا هيا۔ دور تنظيمات ا۾ جامعه عثمانيه جو قيام عمل ۾ آيو۔ تعليم جي ترقي جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو 1892ء ۾ صرف قسطنطنيه ۾ هر قسم جي مدرسن جي تعداد 500 هئي جن ۾ 13 وڏيون ڪاليجون هيون۔

عثماني گادي جا هنڌ[سنواريو]

عثماني سلطان[سنواريو]

تصوير لقب نالو دور حڪومت
I Osman.jpg امير غازي عثمان بن ارطغرل 1281 - 1324
Orhan I.jpg غازي بيگ اورخان غازي 1324 -1362
Muradhudavendigar.jpg خداوندگار خان خداوندگار 1362 -1389
I Bayezit.jpg يلدرم بايزيد يلدرم 1389 -1402
Mehmed I.jpg سلطان محمد چلبي 1413 - 1421
Murat II.jpg سلطان مراد خوجه 1446 - 1451
Gentile Bellini 003.jpg فاتح محمد فاتح 1451 - 1481
II Bayezit.jpg ولي بايزيد ولي 1481 - 1512
Yavuz Sultan I. Selim Han.jpg ياووز سليم ياووز 1512 - 1520
Suleiman the Magnificent of the Ottoman Empire.jpg قانوني سليمان قانوني 1520 - 1566
II Selim.jpg ساري سليم ٻيون 1566 - 1574
Sultan Murad III.jpeg خليفو مراد ٽيون 1574 - 1595
Mehmed III.jpg عادل محمد عادلي 1595 - 1603
I Ahmet.jpg بخت احمد بخت 1603 - 1617
I Mustafa.jpg خليفو مصطفي پهريون 1617 -1618
Osman 2.jpg شهيد عثمان ٻيون 1618 - 1622
I Mustafa.jpg خليفو مصطفيٰ پهريون 1622 - 1623
مراد چہارم صاحبقران، غازي مراد چوٿون 1623 - 1640
Ibrahim Deli.jpg شهيد ابراهيم پهريون 1640 - 1648
IV Mehmet.jpg خليفو محمد چوٿون 1648 - 1687
II Suleyman.jpg غازي سليمان ٻيون 1687 - 1691
Ahmed II by John Young.jpg خان غازي احمد ٻيون 1691 - 1695
II Mustafa.jpg غازي مصطفيٰ ٻيون 1695 - 1703
Ahmed III by John Young.jpg غازي احمد ٽيون 1703 - 1730
Mahmud1.jpg غازي محمود پهريون 1730 - 1754
Osman III.jpg خليفو عثمان ٽيون 1754 - 1757
Mustafa3.jpg خليفو مصطفيٰ ٽيون 1757 - 1774
Abdulhamid I.jpg خليفو عبدالحميد پهريون 1774 - 1789
Konstantin Kapidagli 002.jpg خليفو سليم ٽيون 1789 - 1807
Mustafa IV.jpg خليفو مصطفيٰ چوٿون 1807 - 1808
MahmutII.jpg خليفو محمود ٻيون 1808 - 1839
Sultan Abdülmecid - Google Art Project.jpg خليفو عبد المجيد پهريون 1839 - 1861
Sultan Abdulaziz I.JPG خليفو عبد العزيز پهريون 1861 - 1876
1840 1904 5murat.jpg خليفو مراد پنجون 1876 - 1876
Ahamid.jpg خليفو عبدالحميد ٻيون 1876 - 1909
MehmedV.jpg خليفو محمد پنجون 1909 - 1918
VI Mehmet Vahidettin.jpg خليفو محمد وحيد الدين 1918 - 1922

  خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

انگريزي ٻولي ۾[سنواريو]

هڪ جامع سائيٽ جيڪا عثماني رياست ۽ حڪومت جي باري ۾ وسيع معلومات جو احاطو ڪري ٿي

ترڪي ٻولي ۾[سنواريو]

  1. Ottoman Capital Bursa. Official website of Ministry of Culture and Tourism of the Republic of Turkey. Retrieved 26 June 2013.
  2. "It served as the capital of the Ottoman Empire from 1413 until 1453 and flourished as an administrative, commercial, and cultural centre." "Edirne" انسائيڪلوپيڊيا بريطانيڪا. Retrieved 27 June 2013
  3. (PDF) East-West Orientation of Historical Empires. 12. 2006. pp. 219–229. http://jwsr.ucr.edu/archive/vol12/number2/pdf/jwsr-v12n2-tah.pdf. Retrieved 11 February 2013. 


حوالي جي چڪ: <ref> tags exist for a group named "dn", but no corresponding <references group="dn"/> tag was found, or a closing </ref> is missing