ارطغرل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏسو ڊرامي لاءِ، ارطغرل غازي (سيزن).
هي مضمون ، عثماني ترڪي متن، کٻي کان سڄي تحرير ۾ عربي حروف ۽ اضافي علامتون رکندو آھي۔ موزوں مدد جي بغير توھان، سواليو نشان، خانا يا ٻيا نشان نظر اچي سگھن ٿا۔
ارطغرل
Ertuğrul
قايي قبيلي جا سردار (قبل-سلطنت عثمانيہ)
1281
جانشين عثمان اول
پورو نالو
ارطغرل غازي
پيءُ سليمان شاھ
ماءُ خيما خاتون
جنم 1191
اخلاط، صوبو بتليس، ترڪي
لاڏاڻو 1281 (عمر 90)
سوغوت، صوبو بيليجڪ، ترڪي
مذھب اسلام

ارطغرل (Ertuğrul) (عثماني ترڪي ٻولي: ارطغرل) سلطنت عثمانيہ جي باني عثمان اول جا والد ھئا۔ هو ترڪ غز جي شاخ قايي جا سردار ھئا۔ انھن کي عام طور تي غازي جي لقب سان ڄاڻيو ويندو ھيو۔ [1]

سوانح حيات[سنواريو]

غازي ارطغرل جو تعلق خانه بدوش قبيليقايي سان هو. جيڪي اوغوز ترڪن جي شاخ مان هئا. هو خراسان کان منگولن کان بچندا رومي سلجوڪ سلطنت ته ڪڏهن وري ايوبي سلطنت جي سرحدن ۾ ايندا هئا ۽ انهن حڪومتن کي فوجي خدمتون ڏيندا هئا. غازي ارطغرل جي والد جو نالو سليمان شاھ ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو قايي قبيلي جو سردار هو. سليمان شاھ جا ٻيا پٽ گندوگلو، سنگر تڪين ۽ دوندار هئا. جن مان دولدان ارطغرل کان ننڍو هو.

ڀائرن کان جدا ٿيڻ[سنواريو]

عثماني روايتن مطابق غازي ارطغرل جو مقصد هو، ته اسلامي دنيا کي ٻيهر متحد ڪيو وڃي ۽ هنن کي منگولن ۽ صليبين جي قهرن کان نجات ڏياري وڃي. انهي دور ۾ اسلامي دنيا نازڪ حالتن مان گذري رهي هئي. اولہ طرف کان منگولن جون پشقدميون جاري هيون. جن ايران، عراق ۽ خراسان کي تاراج ڪري ڇڏيو هو. ٻئي پاسي اولھ طرف صليبي عيسائي ۽ بازنطيني سلطنت هئي، جيڪي مسلمانن مان بيت المقدس ۽ شام جا علائقا کسڻ گهرن پيا. مسلمان حڪمران انهن معاملن کان لاپرواھ هڪ ٻئي جي خلاف وڙهڻ ۾ پورا هئا. غازي ارطغرل جي خواهش هئي ته هو اهڙي رياست قائم ڪري، جيڪا اسلامي جهنڊي کي ٻيهر دنيا ۾ لهرائي ۽ مسلمانن جي شان و شوڪت کي ٻيهر بحال ڪري. انهي مقصد لاءِ هن پنهنجي قبيلي کي اناطوليه وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو بازنطيني سلطنت جي ماتحت هو. غازي ارطغرل اتي فتوحات حاصل ڪري انهي عظيم رياست جو بنياد رکڻ پيو گهري. پر سندس ڀائرن گندوگلو ۽ سنگرتڪين سندس انهي تجويز جي مخالفت ڪئي. ڇاڪاڻ ته هو قبيلي کي ايڏي وڏي آزمائش ۾ مبتلا ڪرڻ نه پيا گهرن. انهي ڪري غازي ارطغرل پنهنجن ڀائرن کان جدا ٿيندي پنهنجن ڪجهه وفادار ساٿين سان گڏ اناطوليه ڏانهن روانو ٿي ويو. ساڻس سندس ننڍو ڀاءُ دوندار به ساڻ ويو.

عثمانيه سلطنت جو پايو وجهندڙ[سنواريو]

غازي ارطغرل بازنطيني سلطنتن جي حدن تي پهچڻ کان پوءِ اتي رومي سلجوڪ سلطنت جي ماتحت ٿي بازنطينين سان ويڙه ڪئي ۽ هنن کان مختلف علائقا ۽ شهر فتح ڪري اتي اسلامي نظام قائم ڪيو ۽ عدل و انصاف جي حاڪميت قائم ڪئي. سلجوڪ سلطان علاء الدين ڪيڪوباد کيس سوغوت ۽ ڪي ٻيا شهر به جاگير طور عطا ڪيا. جن کي ارطغرل پنهنجي جاگير سان ملائي ان جو نالو سلطانوني رکيو ۽ ٻين ترڪ قبيلن کي اتي گڏ ڪري انهن علائقن کي پنهنجو دائمي وطن بڻائي ورتو.غازي ارطغرل جي وفات کان پوءِ سندس ننڍو پٽ غازي عثمان سردار مقرر ٿيو. جنهن رومي سلجوڪ سلطنت جي زوال کان پوءِ اناطوليه ۾ هڪ نئين اسلامي رياست قائم ڪئي، جنهن کي تاريخ ۾ عثمانيه سلطنت سڏيو وڃي ٿو. اڳتي هلي انهي سلطنت سموري مسلم امت جي تقريبًا پنج سو سالن تائين اڳواڻي ڪئي هئي.

اهل و عيال[سنواريو]

غازي ارطغرل سلجوڪ سلطان علاء الدين ڪيڪوباد جي ڀائٽي حليمه خاتون سان شادي ڪئي هئي. جنهن مان هن کي ٽي پٽ گندوز،ساوچي ۽عثمان ڄاوا. جن ۾ سڀني کان وڌيڪ شهرت سندس ننڍي پٽ غازي عثمان کي ملي.

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Southeastern Europe under Ottoman rule, 1354-1804, By Peter F. Sugar, pg.14
Regnal titles
پيشرو
سليمان شاھ
قبل-عثماني حڪمران
1230–1281
جانشين
عثمان اول