مواد ڏانھن هلو

سروڻ ڪمار ڀيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سروڻ
سروڻ ڪمار ڀيل
مرڪزي نائب صدر انصاف لائيرز فورم پاڪستان. ڪوآرڊينيٽر پاڪستان شيڊول ڪاسٽ الائنس
ذاتي تفصيل
قوميت پاڪستاني
سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف (2002-present)
ڪرت سياستدان ، وڪيل ، سماجي ڪارڪن

سروڻ ڪمار ڀيل ( پيدائش 1977) هڪ پاڪستاني هندو سياستدان، انساني حقن جو سرگرم ڪارڪن ۽ امن پسند ڪارڪن آهي. هو ملڪ جي ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جو ميمبر آهي جتي هو پاڪستاني اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو. [1] هو 2002ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو ميمبر پڻ آهي [2]

ابتدائي زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

سروڻ ڪمار ڀيل ۱۹۷۷ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو جي هڪ گهٽ آمدني خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ، اوگا رام، ڀاڄيون ۽ ميوا وڪڻي پنهنجي خاندان جو گذر سفر ڪندو هو. سروڻ ابتدائي تعليم مورڪوٽ، تعلقي کپرو، ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول غلام نبي شاهه، عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي. هن پنهنجي انٽرميڊيئيٽ جي تعليم ڊگري ڪاليج کپرو ۾ حاصل ڪئي، پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ هڪ ڪلينڪ ۾ ڪمپائونڊر طور ڪم به ڪيو. يو ڊي سي انڊر ڊسپينسر ڪورس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇرو ۾ ڊسپينسر طور ڪم ڪيو ۽  پوء سنڌ يونيورسٽي جامشورو ۾ بي اي، ايم اي سوشيالاجي، ۽  ايل ايل بي جي ڊڳري پڻ حاصل ڪئي آهي.

پروفيشنل زندگي

[سنواريو]

سروڻ ڪمار شروع  ۾ ڪجھ سال دسپينري ھلائي ۽ ڳڏو ڳڏ سماجي ڪمن ۾ به سرگرم رهيو. ۽ پوء سنڌ يونيورسٽي جامشورو ۾ بي اي، ايم اي سوشيالاجي، ۽  ايل ايل بي جي ڊڳري حاصل ڪرڻ کان پوء وڪالت ڪرڻ لڳو، ۽ هاڻي هائي ڪورٽ سنڌ جو وڪيل آهي. ۽ سنڌ بار ڪائونسل ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي، [3] ۽ سروڻ ڪمار هن وقت وڪالت سان گڏ سماجي ڪم، ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ اقيلتي بردارين جي نمائيندگي ۽ انن جي حققن لاء پڻ جھدوجھد ڪري رهيو آهي. .[4]

سماجي خدمتون ۽ جدوجهد

[سنواريو]

سروڻ ڪمار انساني حقنن بابت هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين تنظيمن سان ڳڏ ڪم ڪندو آهي. [5] ۽ پاڪستان ۾ اقيلتي برادرين جي جبري مذهب تبديلي، شيڊول ڪاسٽ جي برادرين کي حڪومتي ادارن ۾ نمائيندگي نه ڏيڻ [6] ۽ هندن جي زمينن تي قبضن خلاف ۽ غيرمسلم پاڪستانين جي حققن لاء آواز بلند ڪندو رهيو آهي. [7] سروڻ ڪمار مختلف مئسلن بابت ۱۵۰۰ ڪلو ميٽر پيادل لانگ مارچ  به ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قومپرست ليڊرن پڻ شرڪت ڪئي هئي. [8] [9]

سياسي شموليت

[سنواريو]

سروڻ ڪمار ڀيل ۲۰۰۲ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي ۾ سموليت اخيتيار ڪئي، ۽ ۲۰۰۲ ۾ مکڻ سمو ميرپورخاص ۾ هڪ سياسي جلسو پڻ ڪرايو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پڻ شرڪت ڪري خطاب ڪيو. سروڻ ڪمار پارٽي جي مختلف عهدن تي پڻ رهيو، ۽ هن وقت انصاف لائرز فورم سينٽرل جو نائب صدر آهي. ۽ پاڪستان جي ساسي پارٽين ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي حمايت ڪندو آهي [10] ۽ چوندو آهي ته حڪومتي ادارن ۾ انهن برادرين کي نمائندگي نه ڏيڻ ڪري انهن جو آواز وڏن ايوانن تائين نه پهچي رهيو آهي ۽ انهن جا مسئلا وڌي رهيا آهن[11] [12]

حوالو

[سنواريو]
  1. "All political parties must commit to protecting religious minorities". HRCP. حاصل ڪيل 25 July 2023. 
  2. گرُڑو, امر (16 April 2020). "'سندھ میں دس لاکھ سے زائد افراد احساس پروگرام سے محروم'". Urdu. https://www.independenturdu.com/node/34136/%D9%BE%D8%A7%DA%A9%D8%B3%D8%AA%D8%A7%D9%86/spa/aggregate. 
  3. Rao, Shahid. "SC committed to safeguard constitutional rights of minority communities: CJP". The Nation (Pakistan). https://www.nation.com.pk/11-Aug-2022/sc-committed-to-safeguard-constitutional-rights-of-minority-communities-cjp. 
  4. کمال پاشا, فیصل (14 Jan 2024). "*پاکستانی ہندوؤں میں برہمن راج، شیڈول کاسٹ ہندو سیاسی نمائندگی سے محروم*". We News, World Echco. https://wenews.pk/news/120914/. 
  5. "Forced conversions must end, urge speakers". Voicepk.net. حاصل ڪيل 6 Nov 2022. 
  6. Junaidi, Ikram (July 26, 2023). "Political parties urged to protect religious minorities". Dawn. https://www.dawn.com/news/1766766. 
  7. "SUICIDAL SINDH: Why are so many from Scheduled Castes killing themselves?". voicepk.net. حاصل ڪيل 7 June 2022. 
  8. "Suicide in Sindh". Global Investigative Journalism Network. حاصل ڪيل 23 December 2022. 
  9. حنا جیلانی, Press Release (25 July 2023). "تمام سیاسی جماعتوں کو مذہبی اقلیتوں کے تحفظ کا عہد کرنا چاہیے". Human Rights Commission of Pakistan. https://hrcp-web.org/hrcpweb/%D8%AA%D9%85%D8%A7%D9%85-%D8%B3%DB%8C%D8%A7%D8%B3%DB%8C-%D8%AC%D9%85%D8%A7%D8%B9%D8%AA%D9%88%DA%BA-%DA%A9%D9%88-%D9%85%D8%B0%DB%81%D8%A8%DB%8C-%D8%A7%D9%82%D9%84%DB%8C%D8%AA%D9%88%DA%BA-%DA%A9%DB%92/. 
  10. "AS PAKISTAN VOTES, 'UNTOUCHABLES' FIGHT FOR REPRESENTATION". fair planet. حاصل ڪيل 5 February 2024. 
  11. Raza, Ahsan (October 24, 2022). "State criticised for promoting radicalisation, impacting minorities". Dawn News. https://www.dawn.com/news/1716552. 
  12. HRCP, Human Rights Commission of Pakistan (2023). State of Human Rights in 2023. Pakistan: Human Rights Commission of Pakistan. https://hrcp-web.org/hrcpweb/wp-content/uploads/2020/09/2024-State-of-human-rights-in-2023-EN.pdf.