سروڻ ڪمار ڀيل
سروڻ | |
|---|---|
سروڻ ڪمار ڀيل | |
| مرڪزي نائب صدر انصاف لائيرز فورم پاڪستان. ڪوآرڊينيٽر پاڪستان شيڊول ڪاسٽ الائنس | |
| ذاتي تفصيل | |
| قوميت | پاڪستاني |
| سياسي پارٽي | |
| پيشو | سياستدان ، وڪيل ، سماجي ڪارڪن |
سروڻ ڪمار ڀيل ( پيدائش 1977) هڪ پاڪستاني هندو سياستدان، انساني حقن جو سرگرم ڪارڪن ۽ امن پسند ڪارڪن آهي. هو ملڪ جي ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جو ميمبر آهي جتي هو پاڪستاني اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو. [1] هو 2002ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو ميمبر پڻ آهي [2]
ابتدائي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]سروڻ ڪمار ڀيل ۱۹۷۷ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو جي هڪ گهٽ آمدني خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ، اوگا رام، ڀاڄيون ۽ ميوا وڪڻي پنهنجي خاندان جو گذر سفر ڪندو هو. سروڻ ابتدائي تعليم مورڪوٽ، تعلقي کپرو، ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول غلام نبي شاهه، عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي. هن پنهنجي انٽرميڊيئيٽ جي تعليم ڊگري ڪاليج کپرو ۾ حاصل ڪئي، پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ هڪ ڪلينڪ ۾ ڪمپائونڊر طور ڪم به ڪيو. يو ڊي سي انڊر ڊسپينسر ڪورس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇرو ۾ ڊسپينسر طور ڪم ڪيو ۽ پوء سنڌ يونيورسٽي جامشورو ۾ بي اي، ايم اي سوشيالاجي، ۽ ايل ايل بي جي ڊڳري پڻ حاصل ڪئي آهي.
پروفيشنل زندگي
[سنواريو]سروڻ ڪمار شروع ۾ ڪجھ سال دسپينري ھلائي ۽ ڳڏو ڳڏ سماجي ڪمن ۾ به سرگرم رهيو. ۽ پوء سنڌ يونيورسٽي جامشورو ۾ بي اي، ايم اي سوشيالاجي، ۽ ايل ايل بي جي ڊڳري حاصل ڪرڻ کان پوء وڪالت ڪرڻ لڳو، ۽ هاڻي هائي ڪورٽ سنڌ جو وڪيل آهي. ۽ سنڌ بار ڪائونسل ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي، [3] ۽ سروڻ ڪمار هن وقت وڪالت سان گڏ سماجي ڪم، ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ اقيلتي بردارين جي نمائيندگي ۽ انن جي حققن لاء پڻ جھدوجھد ڪري رهيو آهي. .[4]
سماجي خدمتون ۽ جدوجهد
[سنواريو]سروڻ ڪمار انساني حقنن بابت هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين تنظيمن سان ڳڏ ڪم ڪندو آهي. [5] ۽ پاڪستان ۾ اقيلتي برادرين جي جبري مذهب تبديلي، شيڊول ڪاسٽ جي برادرين کي حڪومتي ادارن ۾ نمائيندگي نه ڏيڻ [6] ۽ هندن جي زمينن تي قبضن خلاف ۽ غيرمسلم پاڪستانين جي حققن لاء آواز بلند ڪندو رهيو آهي. [7] سروڻ ڪمار مختلف مئسلن بابت ۱۵۰۰ ڪلو ميٽر پيادل لانگ مارچ به ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قومپرست ليڊرن پڻ شرڪت ڪئي هئي. [8] [9]
سياسي شموليت
[سنواريو]سروڻ ڪمار ڀيل ۲۰۰۲ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي ۾ سموليت اخيتيار ڪئي، ۽ ۲۰۰۲ ۾ مکڻ سمو ميرپورخاص ۾ هڪ سياسي جلسو پڻ ڪرايو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پڻ شرڪت ڪري خطاب ڪيو. سروڻ ڪمار پارٽي جي مختلف عهدن تي پڻ رهيو، ۽ هن وقت انصاف لائرز فورم سينٽرل جو نائب صدر آهي. ۽ پاڪستان جي ساسي پارٽين ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي حمايت ڪندو آهي [10] ۽ چوندو آهي ته حڪومتي ادارن ۾ انهن برادرين کي نمائندگي نه ڏيڻ ڪري انهن جو آواز وڏن ايوانن تائين نه پهچي رهيو آهي ۽ انهن جا مسئلا وڌي رهيا آهن[11] [12]
حوالو
[سنواريو]- ↑ "All political parties must commit to protecting religious minorities". HRCP. 25 July 2023. 25 July 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ گرُڑو, امر (16 April 2020). "'سندھ میں دس لاکھ سے زائد افراد احساس پروگرام سے محروم'". Urdu.
- ↑ Rao, Shahid. "SC committed to safeguard constitutional rights of minority communities: CJP". The Nation (Pakistan). August 11, 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ کمال پاشا, فیصل (14 Jan 2024). "*پاکستانی ہندوؤں میں برہمن راج، شیڈول کاسٹ ہندو سیاسی نمائندگی سے محروم*". We News, World Echco.
- ↑ "Forced conversions must end, urge speakers". Voicepk.net. 6 November 2022. 6 Nov 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Junaidi, Ikram (July 26, 2023). "Political parties urged to protect religious minorities". Dawn. July 26, 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "SUICIDAL SINDH: Why are so many from Scheduled Castes killing themselves?". voicepk.net. 3 June 2022. 7 June 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Suicide in Sindh". Global Investigative Journalism Network. 23 December 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حنا جیلانی, Press Release (25 July 2023). "تمام سیاسی جماعتوں کو مذہبی اقلیتوں کے تحفظ کا عہد کرنا چاہیے". Human Rights Commission of Pakistan.
- ↑ "AS PAKISTAN VOTES, 'UNTOUCHABLES' FIGHT FOR REPRESENTATION". fair planet. 5 February 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Raza, Ahsan (October 24, 2022). "State criticised for promoting radicalisation, impacting minorities". Dawn News.
- ↑ HRCP, Human Rights Commission of Pakistan (2023). State of Human Rights in 2023 (PDF). Pakistan: Human Rights Commission of Pakistan.