اقليت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

بين- الاقوامي قانون جي اصطلاح ۾ اهڙو فرقو، جيڪو خاص -ثقافت- ۽ انفرادي مسلڪ سان واسطو رکندڙ هجي، ۽ اهڙيءَ رياست ۾ هجي، -جتي- مختلف ثقافتي جماعتن جي اڪثريت هجي. مذهبي اقليتن جو وجود ابتدا کان هليو اچي، ليڪن 19 صديءَ ۾ قومپرستيءَ جي زور سبب يورپ ۾ نسلي امتياز جو مسئلو هنگامه خيز صورت اختيار ڪري ويو. قومپرستيءَ جي جذبي هيٺ بعضي اقليتن کي سخت تڪليفون ڏنيون وينديون آهن. پاڪستان جيئن ته هڪ اسلامي ملڪ آهي، تنهنڪري هتي ٻين مذهبن جهڙوڪ هندو، پارسي، سک، عيسائي ۽ احمدي وغيره کي -اقليت- سڏيو ويندو آهي. -اسلام- ۾ اقليتن سان فياضيءَ، رواداريءَ ۽ عدل واري سلوڪ جو حڪم ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري، قائداعظم به پنهنجن خطابن ۾ اقليتن جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ڪرڻ جو بار بار ذڪر ڪيو آهي. 1973ع جي -آئين- ۾ به اقليتن متعلق هڪ پئرا موجود آهي. حڪومت -پاڪستان- اقليتن لاءِ هڪ فلاحي فنڊ قائم ڪري رکيو آهي، جنهن مان غريب ۽ مستحق اقليتن جي مالي امداد ڪئي ويندي آهي. مرڪزي سطح تي اقليتن لاءِ باقاعدي وزارت آهي، جيڪا اقليتن جي حقن ۽ ضرورتن لاءِ جامع منصوبا جوڙيندي آهي.

سنڌ ۾ رهندڙ اقليتن ۾ هندو، عيسائي، احمدي، پارسي، سک ۽ ٻين مذهبن جا اندازاً 20 لک ماڻهو -آباد- آهن. سنڌ ته جيئن صوفين جي اثر هيٺ رهي آهي -ان- ڪري هتي مذهبي رواداري مثالي آهي ۽ اقليتن سان تعلقات سماجي توڙي ٻين حوالن سان تمام بهتر آهن.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%82%D9%84%D9%8A%D8%AA