مواد ڏانھن هلو

خليل عارف سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خليل عارف سومرو
Khalil Arif Soomro
ڄمڻخليل احمد سومرو
18 نومبر 1965 (عمر 60 سال)
جوهي، دادو ضلعو، پاڪستان
قلمی نالوخليل عارف سومرو
پيشوشاعر، ڪهاڻيڪار
ٻوليسنڌي
شهريتپاڪستاني
تعليمایم اي سنڌي ادب
مادرِ علمسنڌ يونيورسٽي
موضوعغزل، وائي، بیت، آزاد نظم
نمايان ڪممهڪار
موٽيون ۽ مکڙيون
نمايان انعامسنڌي لينگويج اٿارٽي اوارڊ 2011ع

خليل عارف سومرو (انگريزي: Khalil Arif Soomro) سنڌ، پاڪستان جو سنڌي ٻوليءَ جو جديد شاعر ۽ اديب آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس سنڌي ادب لاءِ ڳڻپ لائق خدمتون آهن.[1][2][3]

زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

عارف جو اصل نالو خليل احمد ۽ قلمي نالو خليل عارف سومرو آهي. هيءُ 18 نومبر 1965ع تي دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي جي جوهي شهر ۾ نامياري شاعر احمد خان مدهوش جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم جوهيءَ جي مين پرائيمري اسڪول مان پرائي. هن بي اي ۽ ايم اي جا امتحان سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان پاس ڪيا. هي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو.[1]

ادبي خدمتون

[سنواريو]

خليل عرف سومرو شاعري جي شروعات 1978ع ۾ ڪئي. سندس پهريون شعر سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي گل ڦُل ۾ 1980ع ۾ پڌرو ٿيو. هيل تائين سندس ڪافي شاعري شايع ٿي آهي ۽ ڪتاب پڻ ڇپيا آهن. احمد خان مدهوش اڪيڊمي جو روح روان آهي ۽ ڪيترائي پروگرام ڪرائي چُڪو آهي.[1]

اوارڊ

[سنواريو]

خليل عارف سومرو کي ادبي خدمتن عيوض بهترين شاعر طور به ته سندس ڪتابن تي به اوارڊ مليا آهن:[1]

  • گاج ادب ۽ آرٽ ڪلب پاران بهترين شاعر اوارڊ 1986ع
  • جنگ پبلشرز پاران بهترين مصنف اوارڊ 1992ع
  • آندل شاھ آرٽ سرڪل طرفان بهترين شاعر اوارڊ 2001ع
  • سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران ڪتاب “موتيون ۽ مکڙيون” تي اوارڊ 2011ع

ڪتاب

[سنواريو]
  • مهڪار، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1984ع
  • موتيون ۽ مکڙيون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2010ع[1][4]
  • روشني آهيون اسين، سڀيتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2018ع[5]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 "خليل عارف سومرو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2019-06-02.
  2. "Bio-bibliography.com - Authors". www.bio-bibliography.com. Retrieved 2019-06-02.
  3. "Poets and writers". Aziz Kingrani (in انگريزي). 2014-12-17. Retrieved 2019-12-26.
  4. "موتي مکڙيون : خليل عارف سومرو". SindhSalamat. Retrieved 2019-06-02.
  5. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. Retrieved 2019-06-02.