زینب
زینب | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 626 مدينو |
موت | سال 682 (55–56 سال) |
پيءُ | علي |
ماءُ | فاطمه زهرا |
ڀاءُ ڀيڻ | |
ترميم ![]() |
حضرت زينب جو پورو نالو زينب ڪبري آهي[1].عڪس بيبي خديجته الڪبري[2] ء عڪس علي[3] آهن. جيڪا با برڪت گھراڻي جي نياڻي آهي ان ڪري جو سندن امير المؤمنين علي (عليه السلام)۽ سائڻ زهرا (سلام الله عليها)جي ڌي ۽ رسول خدا حضرت محمد(صلي الله عليه و آله وسلم) جي ڏُوهِٽي آهي.[4]
بيبي زينب جي ولادت مبارڪ[سنواريو]
حضرت زينب (سلام الله عليها) جي ولادت جي باري ۾ مختلف روايتون ملن ٿيون پر معتبر روايت جي مطابق توهان جي ولادت 5 جمادي الاول سن 6 هجري ۾ جزرت العرب جي شهر مديني ۾ ٿي[5]
سائڻ جي نالي جو انتخاب[سنواريو]
جڏهن سائڻ زينب (سلام الله عليها)جي ولادت ٿي ته پاڪ نبي حضرت محمد مصطفى (صلي الله عليه وآله وسلم)مديني ۾ نه هئا تنهنڪري حضرت فاطمه زهرا (سلام الله عليها) حضرت علي (عليه السلام)جي خدمت ۾ اچن ٿيون ۽ فرمائن ٿيون: اي علي (عليه السلام) توهان هن ننڍڙي جو ڪو نالو رکو، اتي مولاءِ ڪائينات حضرت امام علي(عليه السلام)پنهنجي گھرواري کي جواب ۾ فرمائين ٿا: اسان ان ننڍڙي جو نالو نٿا رکون بلڪه رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم) جو انتظار ڪريون ٿا.
جڏهن پاڪ پيغمبر (صلي الله عليه وآله و سلم) سفر تان واپس آيا ته حضرت علي (عليه السلام)ان بابرڪت ولادت جي خوشخبري ڏيندي فرمايو ته اي الله سائين جا رسول(صلي الله عليه و آله وسلم) هن ننڍڙي جو نالو توهان رکو ته ان وقت پاڻ (صلي الله عليه و آله وسلم)فرمائڻ لڳا: هن نياڻي جو نالو ائون نه بلڪه الله سائين رکندو، پيغمبر جا جملا ختم ٿيندي ئي حضرت جبرائيل نازل ٿيو ۽ الله سائين جي طرفان هي پيغام پاڪ نبي(صلي الله عليه و آله وسلم) کي ٻڌائيندي فرمائين ٿا: ان ننڍڙي جو نالو الله سائين زينب رکيو آهي.[6]
رسول خدا جو روئڻ[سنواريو]
جڏهن نبي ڪريم حضرت محمد (صلي الله عليه و آله وسلم) ان ولادت جي موقع تي حضرت علي (عليه السلام) جي گهر تشريف کڻي آيا ته پاڻ سڳورن (صلي الله عليه و آله وسلم) ان ننڍڙي کي پنهنجي هَنجَ ۾ کڻي پيار ڪرڻ لڳا ته ان وقت حضرت علي (عليه السلام) ۽ بيبي فاطمه زهرا( سلام الله عليها) ڏٺو ته رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم) زارون زار روئي رهيا آهن.
سائڻ زهرا (سلام الله عليها) روئڻ جو سبب پڇن ٿيون ته رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم) پنهنجي ڌي کي فرمائين ٿا: اي ڌي، منهنجي ۽ توهان جي هن دنيا کان وچڻ بعد(ميدان ڪربلا ڏانهن اشارو آهي) هن معصوم تي وڏيون مصيبتون اينديون[1].[5]
بيبي زينب جا لقب[سنواريو]
تاريخي ڪتابن ۾ توهان جا لقب 61 جي لڳ ڀڳ ٻڌايا وڃن ٿا[7] جن مان ڪجه مشهور هيٺ ڏنا وڃن ٿا.
- عالمه غير معلمه
- نائبُ الزهرا
- عقيله بني هاشم
- نائب الحسين
- صديقه صغرى
- محدثه
- زاهده
- فاضله
- شريڪة الحسين
- راضيه بالقدر و القضا
حضرت زينب جو ننڍپڻ ۽ سندن تربيت[سنواريو]
سائڻ زينب جي تربيت جنت جي عورتن جي سردار،اميرالمومنين ء الله جي آخري نبي حضرت محمد صه جي سائي مبارڪ ۾ ٿي.[8]
حضرت زينب جي شادي[سنواريو]
سائڻ جي شادي 17 هجري ۾ پنهنجي چاچي جي پٽ عبد الله بن جعفر بن ابي طالب سان ٿي جنهن شادي ۾ هڪ شرط به لڳائي وئي اها شرط هي هئي ته جڏهن به امام حسين (عليه سلام) سفر ۾ پنهنجي ڀيڻ کي وٺي وڃن ته ان سفر کان عبدالله نه روڪيندا.[9]
حضرت زينب جو اولاد[سنواريو]
هڪ روايت مطابق ڪل چار فرزند ٻڌايا ويا آهن جن جا نالا مبارڪ: محمّد، عون، جعفر، ام ڪلثوم آهي.
ڪربلا ۾ بيبي زينب جو ڪردار[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 دویست داستان از فضایل، مصایب و کرامات حضرت زینب(س)
- ↑ http://shiastudies.com/library/Subpage/Book_Matn.php?syslang=3&id=1148&id_matn=46953
- ↑ شباهت زينب به پدر بزرگوار خود
- ↑ تولد زينب و گريه پيامبر بر مصايب آن حضرت
- ↑ 5.0 5.1 http://shiastudies.com/library/Subpage/Book_Matn.php?syslang=3&id=1148&id_matn=46931
- ↑ http://www.shiafiker.com/islame-tarekh/44-massomin/225-hazarite-zinab-sl.html
- ↑ http://shiastudies.com/library/Subpage/Book_Matn.php?syslang=3&id=1148&id_matn=46981
- ↑ http://shiastudies.com/library/Subpage/Book_Matn.php?syslang=3&id=1148&id_matn=46932
- ↑ http://shiastudies.com/library/Subpage/Book_Matn.php?syslang=3&id=1148&id_matn=46974