فاطمه زهرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

فاطمه زهرا
(عربي ۾: فاطمة بنت محمد خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Fatimah Calligraphy.png 

معلومات شخصيت
ڄم صدي 7ء[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مڪو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 28 آگسٽ 632[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
مدينو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Black flag.svg خلافت راشده  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
مڙس علي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
ٻار ام ڪلثوم بنت علي،زینب،حسن ابن علي،امام حسين  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
پيءُ محمد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
ماءُ خديجه بنت خويلد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو mother (P25) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ
ام ڪلثوم بنت محمد،رقيه بنت محمد،زينب بنت محمد،ابراهيم بن محمد،قاسم بن محمد،عبد الله بن محمد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو sibling (P3373) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

بی بی فاطمۃ زھراؓ

بيبي فاطمه سلام الله عليها حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ء بيبي خديجه جي هڪ واحد نياڻي هئي جنت جي عورتن جي سردار مولا علي جي گهر واڻي ،اوهان جا پٽ امام حسن ،امام حسين جنت جي جوانن جا سردار ء محسن بن علي بيبي زينب ڪبري ء بيبي زينب صغري جي والده ماجده آهيو[4] بيبي فاطمہ رضه، جنهن جولقب ”زهرى“ يا ”بتول“ يا ”خير النساء“ هو، سا حضرت محمد ﷺ جي سڀ کان ننڍي نياڻي هئي، ۽ بيبي خديجہ سندن ماءُ هئي. هوءَ نبوت کان هڪ ورهيه پوءِ ڄائي هئي.[5]

بيبي فاطمه عهد رسالت ۾[سنواريو]

ولادت[سنواريو]

ويهين جمادالثاني جمعي جي ڏينهن بعثت جي پنجين سال وحي جي گهراڻي ۾ رسول الله جي عالي قدر نياڻي سائڻ فاطمہ زهراجن جنم ورتو. سندن ماءُ خديجه بنت خويلد هئي.[6]

الله جي رسول جي خدمت[سنواريو]

سن١٠ بعثت ۾ جناب ابو طالب ۽ بيبي خديجہ جي وفات پيغمبر جي روح تي بيحد اثر وڌو. پاڻ ان سال جو نالو ”عام الحزن“ رکيو. پيغمبر جي انهن ٻنهي عظيم مددگارن جي رضا ڪرڻ سان دشمنن جا آزار ۽ تڪليفون ويتر وڌي ويون. ڪڏهن ماڻهن پٿر پئي هنيا، ته ڪڏهن ماڻهن سندس چهري مبارڪ تي مٽي ٿي وڌي ۽ ڪي وري اڻ سهائيندڙ زبان استعمال ڪندا هئا. گهڻو ڪري پاڻ نهايت ئي جهريل حالت ۾ گهر موٽندا ها، پر اها سائڻ فاطمه ئي هئي جيڪا پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان بابي جي مٿي ۽ منهن تان مٽي صاف ڪنديون هيون. انتهائي اُڪير ۽ پاٻوهه سان پيش اينديون هيون ۽ پيغمبر جي لاءِ آرام ۽ حوصلي جو سبب بڻبيون هيون. سائڻ فاطمہ/ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ بي رحميءَ جي جاءِ تي پنهنجي پيءُ سان مهر ۽ محبت سان اهڙي طرح پيش اينديون هيون جو سندن والد محترم جن کين ”امِ ابيها“ جو لقب ڏنو. هجرت کان ڪي ڏينهن پوءِ اٺن سالن جي ڄمار ۾ علي سان مڪي کان مديني آيون اتي به پيءُ سان گڏ ئي رهيون. پيغمبر جي مشڪلات ۾ سائڻ فاطمہ/به ڀاڱي ڀائيواررهي. جنگ احد ۾ جنگ جي اختتام ٿيڻ کان پوءِ سائڻ فاطمہمديني کان پيغمبر جي خيمي گاهه جي طرف ڊوڙندي پهتيون ۽ ٿانو ۾ پاڻي ڀري پيءُ جو رت ڀريل منهن ڌوتائون ۽ آنحضرت جي زخمن تي مرهم رکيائون[7]

شادي[سنواريو]

هن بيبيءَ جي سڱ لاءِ خليفي ابوبڪر رضه توڙي خليفي عمر رضه حضرت محمد ﷺ جن کي عرض ڪيو هو، مگر پاڻ قبول نه ڪيائون، حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنہ، جو حضرت محمد ﷺ جن جو سئوٽ هو، ساڻن گڏ هڪ گهر ۾ پلجي وڏو ٿيو هو، ۽ بيبي خديجہ رضه کان پوءِ پهريون ئي مڙس هو، جنهن مٿن ايمان آندو هو، تنهن به اڃا شادي ڪانه ڪئي هئي. اهو انهيءَ وقت ايڪيهن ورهين جو هو. دوستن جي صلاح سان، هن بيبي فاطمہ الزهريٰ رضه جي ٻانهن لاءِ حضرت محمد ﷺ جن کي عرض ڪيو، ۽ پاڻ قبول ڪيائون. پڇيائون ته ”حق مهر لاءِ ڪي اٿئي؟“ چيائين ته ”هڪڙو گهوڙو ۽ هڪ زرهه اٿم، ٻيو ڪي به ڪين اٿم“. فرمايائون ته ”گهوڙي جي توکي ضروت ٿيندي. زرهه وڪڻي آءُ“. حضرت علي اها وڪڻي آيو، انهيءَ جي پئسن مان ٿوري خوشبوءِ وغيره بيبي فاطمہ رضه جي لاءِ گهرايائون. پوءِ، اصحابن کي گڏ ڪري، پاڻ نڪاح پڙهيائون. مهر ”چار سئو مثقال چانديءَ جا“ مقرر ٿيو(يعنيٰ ڏيڍ سئو رپيا ڪلدار)، ۽ کارڪن جو هڪڙو طباق ڀريل ماڻهن ۾ ورهائي ڏنائون. اها شادي، مديني ۾ اچڻ کانپوءِ ٻئي ورهيه، رمضان جي مهيني ۾ ٿي. ڏاج هو: هڪڙي چادر، هڪڙو وهاڻو کجيءَ جي نرم گلن سان ڀريل، ٻه سانداريون، ۽ هڪڙو جنڊ.[8] جيسين تائين بيبي دنيا ۾ سلامت رهي حضرت علي ٻيو نڪاح نه ڪيو.

اولاد[سنواريو]

بيبي فاطمہ رضه کي ٽي پٽ ٿيا: حَسن، حُسين ۽ مُحسن، ۽ ٽي نياڻيون، زينب، اُم ڪلثوم ۽ رقيه، جي بيبيءَ جي ٽن ڀيڻن جا نالا هئا. امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه ته مشهور شهيد آهن. هڪڙي کي ته معاويي جو چورت تي سندس زال زهر ڏيئي ماريو، ۽ ٻيو ڪربلا ۾ شهيد ٿيو، محسن ننڍي هوندي ئي وفات ڪئي. اڄ تائين رسول الله ﷺ جن جو اولاد، انهن ٻن امامن مان هليو اچي. [8]

بيبي فاطمه عهد رسالت کان پوءِ[سنواريو]

حضرت محمد ﷺ جو پنهنجي ڌيءُ فاطمه رضه سان تمام گهڻو پيار هو، جڏهن پاڻ سفر تي ويندا هئا، تڏهن سڀ کانپوءِ هن سان ملي ۽ هن کان موڪلائي ويندا هئا، ۽ جڏهن موٽندا هئا، تڏهن سڀني کان اڳي هن سان اچي ملندا هئا. هن کي ٿورو ڏک يا ايذاءُ ٿيندو هو، ته پاڻ بي آرام ٿيندا هئا، ۽ ظاهر ظهور چوندا هئا ته ”جيڪو هن کي ايذاءُ رسائيندو، تنهن ڄڻ ته مون کي ايذاءُ رسايو، جو هيءَ منهنجي جسم جو ٽُڪر آهي، ۽ منهنجي جگر جو پارو آهي.“ انهيءَ مدنظر تي، جيسين هيءَ بيبي جيئري هئي، تيسين حضرت علي رضه ٻي شادي نه ڪئي. جيتوڻيڪ انهيءَ وقت گهڻين شادين ڪرڻ جو عام رواج هو. حضرت رسول الله ﷺ جي جهڙي محبت نياڻيءَ سان هئي، تهڙي حضرت علي رضه ۽ سندس پٽن سان هئي. چوندا هئا ته ”جو منهنجو دوست آهي، سو علي رضه جو دوست آهي ۽ علي دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڀاءُ آهي.“ ڏهٽن سان ته ايتريقدر محبت هين، جو ڪلهي تي چاڙهي گهمائيندا هئن، ۽ کين جهوليءَ ۾ ويهاري ڏاڍو خوش ٿيندا هئا.. بيبيءَ جي پيءُ سان محبت به ايتريقدر هئي، جو سندن وفات کانپوءِ بيمار ٿي پيئي ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ پاڻ به، ٻارهين هجري سال (633ع) ۾، وفات ڪري ويئي. عمر فقط 28 يا 29 ٿيس. سندس وصيت موجب، حضرت علي رضه ۽ حضرت عباس رضه ۽ سندس ٻن پٽن، رات جو غسل ڏئي، کيس ”بقيعا“ ۾ دفن ڪيو. سندس وفات ڪري، حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه توڙي ٻنهي پٽن کي ڏاڍو صدمو پهتو.[8]روايتون آهن تہ بيبي فاطمه حضرت محمد جي دنيا مان پڙدو مٽائڻ کا بيبي صاحبہ مصيبتن مان گُذري جو ان جي ملڪيت ضبط ڪئي وئي اوهان کي وقت جي خليفي جي دربار وڃڻ پيو جتي جنت جي جوانن جو گواهيون مسترد ڪيون ويون.گهر کي باه ڏني وئي[9] جنهن جي سبب اوهان جو حمل ضائع ٿيو ء حضرت محسن شهيد ٿيو اوهان هن دنيا مان ان حالت ۾ رحلت ڪئي جه حضرت ابوبڪر سان ناراض رهي ء زندگي سڄي نه ڳالهايائين.

بيبي صاحبہ جو ڪردار ۽ درجو[سنواريو]

بيبي فاطمہ رضه ڏاڍي حيا ۽ قناعت ۽ صبر واري هئي. هميشه صبر ۽ شڪر ۾ رهندي هئي. سچائي منجهس ايتري هوندي هئي، جو بيبي عائشہ رضه جو چوڻ آهي ته ”رسول الله ﷺ جن کان سواءِ، فاطمه رضه کان وڌيڪ مون ڪنهن کي سچو نه ڏٺو. ۽ حضرت محمد ﷺ جن پاڻ فرمائيندا هئا ته ”خديجہ رضه“ فاطمہ رضه، مريم(حضرت عيسيٰ جي ماءُ) ۽ آسيه (فرعون جي زال) اهي دنيا ۾ سڀ کان بهتر زالون آهن، ۽ بيبي فاطمہ رضه جي نالي چيائون ته ”بهشت جي عورتن جي سردار آهي“. علم واري به گهڻي هئي شعر به چوندي هئي. ڀلا حضرت محمد ﷺ جن ”علم جا شهر“ هئا، ۽ حضرت علي رضه ان جو دروازو ڄاتل هو ۽ شعر به چوندو هو، تڏهن سندس بيبي علم کان ڪا خالي رهي ٿي سگهي؟ ننڍي هوندي ئي هن جي طبعيت شريفن جهڙي هئي. هن جون ٻيون ڀيڻون راند ڪنديون هيون، پر هن جي راند سان نه پوندي هئي. ٻيون قبيلي جي گهرن ۾ هليون وينديون هيون، هيءَ هميشه پنهنجي ماءُ وٽ رهندي هئي، ۽ ڪيڏانهن به نه ويندي هئي. هن جون اهي خصلتون ڏسي، رسول الله ﷺ جن هن کي ”بتول“ سڏيندو هو. يعنيٰ دنيا کان تارڪ، ۽ محبت ٻين ڀيڻن کان هن سان زياده، هيس، جيتوڻيڪ اهي هن کان زياده خوبصورت ۽ تيز فهم هيون. هوءَ کائڻ ، پيئڻ، اُ)ٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، لباس، ۽ ٻين ڳالهين ۾ بلڪل پيءُ جي پيروي ڪندي هئي. بيبي عائشہ رضه چوي ٿي ته ”سڀني ڳالهين ۾، حضرت رسول الله ﷺ جن سان سڀ کان زياده مشابهت فاطمہ رضه جي هئي.“ انهن ڳالهين ڪري، حضرت ﷺ جن هن کي ڏاڍي تعظيم ڏيندا هئا، ايتريقدر جو جڏهن هوءَ وٽن ايندي هئي، تڏهن پاڻ اُٿي بيهندا هئا، ۽ سندس مٿي ۽ اکين تي چميون ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ حضرت علي رضه جي بيبي فاطمہ رضه سان ڏاڍي محبت هئي ۽ سندس گهڻي خاطري ڪندو هو، ته به حضرت رسول الله ﷺ جن وقت بوقت تاڪيد پيا ڪندا هئس، ته هن سان چڱيءَ طرح هلجئين، ۽ هوڏي وري پاڻ ڌيءُ کي چوندا هئا، ته مڙس جو سڀ کان وڏو فرض آهي، تنهن ڪري انهيءَ جي فرمانبردار رهجئين. بيبي فاطمہ رضه شعر به چوندي هئي. حضرت علي رضه ته تمام گهڻو شعر چوندڙ هو. سندس ڪلام، نثر توڙي نظم ۾ گهڻو آهي. گهڻن شعرن ۾ بيبي فاطمہ رضه جي تعريف ڪئي اٿس ۽ نصيحتون ڏنيون اٿس، جن جي جواب ۾ بيبي فاطمہ رضه پاڻ به شعر چيا آهن. ٻه _ چار شعر بيبي فاطمہ رضه جا هتي ڏجن ٿا:

”اني اعطيه ولا ابالي، واوثر الله علي عيالي،

امسوا جياعا و هم اشبالي، اصغر هم يقتل باغتيالي،

للقاتل الويل مع الوبالي.“

(يعني، آءٌ يتيم کي طعام ڏيان ٿي ۽ فُقر جي پرواهه ڪانه ٿي ڪريان، ڇا لاءِ جو خدا منهنجي عيال تي گهڻي بخشش ڪئي آهي، هو منهنجا شينهن جا ٻچا شام جو بک ۾ رهن ٿا، انهن مان ننڍو اوچتو قتل ڪيو ويندو، انهيءَ جي قاتل لاءِ ويل ۽ وبال آهي.)

امرڪ سمع يا عم و طاعت: اطعمہ ولا ابالي الساعت،

ارجوُ اذاشبعت ذا المجاعت، ان ادخل الخلد ولي شفاعت، (يعنيٰ، اي منهنجا سئوٽ، تنهنجي حڪم جي آءٌ فرمانبردار آهيان، آءٌ هن (مسافر) کي کاڌو ڏينديس، ۽ ساعت جي تنگيءَ جي پرواهه نه ڪنديس، مون کي اميد آهي ته جڏهن آءٌ بکئي کي ڍئو ڪرائيندس، تڏهن آءٌ بهشت ۾ داخل ٿينديس ۽ منهنجي لاءِ ڇوٽڪارو ٿيندو.[8]

حوالا[سنواريو]

  1. Brève biographie de Fatima — اخذ شدہ بتاریخ: 22 مارچ 2017
  2. مصنف: Aydın Əlizadə — عنوان : Исламский энциклопедический словарь — ناشر: Ansar — ISBN 978-5-98443-025-8
  3. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb13622076r — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامہ: Open License
  4. Seerat -e- Ali -ul- Murtaza [r.a] By Shaykh Muhammad Nafay
  5. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 4.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 4.html Check |url= value (help).  Missing or empty |title= (help)}
  6. مناقب ابن شهر آشوب، جلد 3 ص 357/ بحارالانوار جلد 43 ص6 / دلائل الامامه ص 10/اصول ڪافي جلد پهريون
  7. حارالانوار، جلد 20 ص 88/الصحيح من سيرة النبي جلد 4 ص 324
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (help)}
  9. Al Farooq By Shaykh Allamah Shibli Nomani (r.a)