مواد ڏانھن هلو

احسان علي شاھ (شاعر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احسان علي شاھ اول سنڌي مرثيہ جي باني سيد ثابت علي شاھ جي گهر سيوهڻ شريف ۾ 1775ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سيوهڻ جي مدرسن ۽ ديني تعليم پنھنجي ڏاڏي سيد مدار علي شاھ کان حاصل ڪئي ۽ علم عروض جي سکيا پنھنجي والد سيد ثابت علي شاھ کان ورتائين . مرزا مراد علي بيگ ’سائل ‘ ۽ احسان علي شاھ ٻنهي گڏجي سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي کان شاعريءَ جي سکيا ورتي . شاھ صاحب کي شاعريءَ سان شوق ننڍي هوندي کان ئي هو . 1244ھ/1828ع ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان ٽالپر ، سيد احسان علي شاھ ۽ سندس وڏي ڀاءُ سيد امداد علي شاھ کي سيد ثابت علي شاھ جي وصيت مطابق سڄي ڪٽنب سميت سيوهڻ مان گهرائي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن وٽ زمين ۽ جايون ڏئي رهايو.

هن علمي گهراڻي تي مغلن جي حڪومت کان وٺي وقت جي حاڪمن ۽ بادشاهن جي خاص نظر عنايت رهي. اهڙي طرح سيد احسان علي شاھ بہ سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپر جو خاص مقرب هو . سيد ” مرتضائي “ ٺٽوي سنہ 1890ع ۾ پھنجي تصنيف ڪيل منظوم مثنوي ” يوسف زليخا “ ۾ سيد احسان علي شاھ بابت لکي ٿو تہ: ”سيد ثابت علي شاھ جو فرزند سيد احسان علي شاھ تمام قابل ۽ لائق، جو سڀ ڪنھن ڳالھ جي مثال تي قرآن شريف جي آيت ۽ حديث نبوي، مولانا رومي جي مثنوي جو بيت، پنھنجي پيءُ ثابت علي شاھ ۽ ڀٽائي صاحب جو بيت چوندو هو.“ سيد احسان علي شاھ جو چيل ”مياڻي جو مرثيو“ عرف جنگ نامو سندس مقبول صنيف آهي . جيئن تہ سيد احسان علي شاھ مياڻي جي جنگ جي وقت حيات هو، سو سمورو اکين ڏٺو احوال ڏاڍي سھڻي رزميہ انداز ۾ پيش ڪيو اٿس . سندس هي مرثيو سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو . سيد احسان علي شاھ 1845 ع ڌاري حيدرآباد جي علائقي ” ميرن جي قبا “ تي وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي. سيد احسان علي شاھ کي چار فرزند هئا پر چار ئي لا اولاد ٿي انتقال ڪري ويا. پر سندس وڏي ڀاءُ سيد امداد علي شاھ اول جو اولاد هلندو اچي ۽ حيدرآباد جي ميرن جي قبن وٽ سندن رهائش آهي[1].

احسان علي شاھ جو گهڻو ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي پر ويجهڙائي ۾ سندس ڪجهہ سنڌيءَ ۾ چيل سلام پراڻن بياضن ۾ مليا آهن . سندس هڪ شاهڪار سلام جو مطلع ۽ مقطع پيش آهي[1]:

سڀ مرتضيٰ جا سهڻا رڻ ڪربلا سڌاريا
زهرا جا ماھ پارا رڻ ڪربلا سڌاريا
” احسان علي “ چؤ مرثيا شهدائي ڪربلا جا
مطلـوب سـي خـدا جـا رڻ ڪربلا سڌاريا

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 "احسان علي شاهه 1 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-05.