آيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آيت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي نشاني. اهڙي نشاني، جيڪا تفسير ۽ تشريح کان سواءِ ئي سمجهه ۾ اچي. قرآن پاڪ جو هڪ جملو يا فقرو آيت سڏبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ آيت لفظ قرآني حوالي سان استعمال ۾ اچي ٿو. قرآن پاڪ ۾ 6666 آيتون آيل آهن.[1]آيتون يا “آيت” قران شريف جي هڪ جملي يا فقري کي چئبو آهي. آيت لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ’نشاني‘. ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن قران شريف جون آيتون تضمين طور شاعريءَ ۾ ڪم آنديون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف پنهنجن بيتن کي آيتون سڏيو آهي. ”جي تون بيت ڀانئيين، سي آيتون آهين! شيخ اياز، شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف کي مخاطب ٿي چيو آهي: مون وٽ آهن بيت، تو وٽ مڙئي آيتون![2] تفھيم القرآن مطابق آيت جي معني آهي نشاني يا علامت جيڪا ڪنھن شئي جي طرف رھنمائي ڪري.قرآن ۾ ان لفظ جو استعمال چار مختلف معنائن سان ٿيو آھي: علامت يا نشاني؛ آثار ڪائنات؛ معجزات؛ ۽ قرآن جا فقرا.[3].



  1. آيت : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 69 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}