مواد ڏانھن هلو

احسان دانش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر احسان دانش
Dr. Ahsan Danish
ڄمڻآغا احسان الحق
(1974-02-15) February 15, 1974 (age 52)
لاڙڪاڻو، ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ، پاڪستان
قلمی نالواحسان دانش
پيشومحقق، شاعر،ڪھاڻيڪار ،پروفیسر
ٻوليسنڌي
شهريتپاڪستاني
تعليمایم اياردو، ایم اي سنڌي ادب، پي ايڇ ڊي سنڌي ادب
مادرِ علمسنڌ يونيورسٽي،ڄامشورو
موضوعتحقيق، تنقيد افسانہ، غزل، نظم
نمايان ڪمبي سڪون خوابَ جو سَچُ
لفظن جي خوشبوءِ
نمايان انعامشاھ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ

ڊاڪٽر احسان دانش (انگريزي:Dr. Ahsan Danish) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نثر نويس آهي جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.[1]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

احسان دانش جو پورو نالو آغا احسان الحق آهي. احسان دانش 15 فيبروري 1974ع تي ضلعو لاڙڪاڻو جي شھر لاڙڪاڻو ۾ پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر ۾ جنم ورتو.[2][3]

تعليم

[سنواريو]

احسان دانش پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي گوهر آباد لاڙڪاڻو، مئٽرڪ جو امتحان پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي منجهان پاس ڪرڻ بعد گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ڪيائين. دانش ايم اي اردو ادب 1996ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب 1998ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي. دانش 2014ع ۾ ”شاھ لطيف جي شاعري جو سماجي ڪارج“ جي عنوان سان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.[3] [4] دانش شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي سنڌي ادب لاءِ پروفيسر ملڪ نديم جي رهنمائي ۾ ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ عنوان سان مونو گراف لکيو.[5][6]

علمي ادبي خدمتون

[سنواريو]

هن لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ شاعريءَ سان ڪئي. هن ڪهاڻيون لکيون ۽ پوءِ تحقيق ۽ تنقيد جي شعبن ۾ مڃتا ماڻيائين. هن مختلف علمي ادبي موضوعن تي هن وقت تائين لڳ ڀڳ 200 مضمون لکيا آهن، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيا آهن. ڊاڪٽر احسان دانش[7] جي تحقيقي مقالن جو انگ اٽڪل 66 آهي. [حوالو گهربل] جن مان 22 تحقيقي مقالا ايڇ اي سي ريڪگنائيزڊ جرنلن ”ڪلاچي“، ”ڪينجھر“، ڪارونجھر“ ۽ ”سنڌي ٻولي“ ۾ شايع ٿيل آهن.[حوالو گهربل] دانش 1997ع ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اردو ادب جو ليڪچرر مقرر ٿيو،[حوالو گهربل] جتي هن 6 سال تدريسي خدمتون انجام ڏيڻ بعد 2002ع ۾ سنڌي جي ليڪچرار لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پهرين پوزيشن ماڻي ۽ ساڳي سال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هن ترتيب وار اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسرطور ترقي ماڻي. هن وقت هو سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد ۾ سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.[8] ان کان اڳ هن لاڙڪاڻي ۾ اعزازي طور سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به مختلف نجي تعليمي ادارن ۾ سالن جا سال پڙهايو آهي. شاعري ۾ غزل وڌيڪ لکيا اٿائين پاڻ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر به آهي.[2][3][9] احسان دانش جا ڪيترائي تحقيقي مقالا سنڌي ٻولي جي بااختيار ادارو جي جنرل 'سنڌي ٻولي' ۾ پڻ ڇپيل آهن.[10][11]

ڪتاب

[سنواريو]
  • بي سڪون خوابَ جو سَچُ (ڪهاڻيون) 2005ع[2][4]
  • لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو (تحقيق) 2005ع
  • ويلَ نه وسريام (ادبي شخصيتن تي مضمون ۽ مقالا) (ترتيبَ) 2007ع
  • لفظن جي خوشبو (شاعري) 2010ع
  • سنڌو ماٿر جي عظيم سڀيتا ـــ موهن جو دڙو (تاريخ) (ترتيب ۽ تلخيص) 2012ع[12]
  • شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (پي ايڇ. ڊي ٿيسز) 2016ع
  • پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس) 2017ع
  • شاھ لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو 2021ع[13]

اوارڊ

[سنواريو]

احسان دانش کي 2019ع تائين سندس علمي، ادبي خدمتن جي اعتراف طور سنڌ گورنمينٽ جي ثقافت کاتي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي ڄامشورو،سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد،[14] انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان ۽ ٻين اهم ادارن طرفان لڳ بڳ 28 اوارڊ ملي چڪا آهن.[حوالو گهربل] هن کي 2016ع ۾ ’شاهه لطيف‘ جي عرس جي موقعي تي سنڌ صوبي جي سڀ کان وڏي سرڪاري ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويو آهي.[14][15]

حوالا

[سنواريو]
  1. "ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ سان عشق ڪري ڌرتي ۾ سمائجي ويو: مقرر". Awami Awaz (اردو ۾). 2019-11-04. 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 3 احسان دانش : (Sindhianaسنڌيانا)
  3. 1 2 3 "ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش جو انٽرويو". SindhSalamat. 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  4. 1 2 ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا. اصل نسخو مان 2020-06-03 تي محفوظ ڪيل. 2020-06-03 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2020-06-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  5. Pathan, Dr. "احسان دانش جي مونوگراف - ڊاڪٽر بشير احمد شاد جون علمي ۽ ادبي خدمتون - جو تعارف". www.drpathan.com (برطانوي انگريزي ۾). 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  6. "BR-ePaper | Two final PhD seminars held at Sindh University". Business Recorder e-Paper (آمريڪي انگريزي ۾). 2014-02-04. 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  7. Correspondent, The Newspaper's (2016-01-25). "'Facebook is an effective platform for emerging poets'". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2020-06-10 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: |last= has generic name (مدد)
  8. "Dr. Ehsan Assumes Charge As Secretary Sindh Language Authority". UrduPoint (انگريزي ۾). 2024-03-12 تي حاصل ڪيل.
  9. Sindhipeoples (2019-08-14). "سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر احسان دانش". سنڌي شخصيتون. 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  10. "ڊاڪٽر احسان دانش | Dr Ahsan Danish". journal.sindhila.org. 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  11. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  12. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  13. "ڪتاب "شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو" جو جائزو". SindhSalamat. 2024-03-12 تي حاصل ڪيل.
  14. 1 2 "SLA Distributes Best Author Awards". UrduPoint (انگريزي ۾). 2020-06-03 تي حاصل ڪيل.
  15. Correspondent, The Newspaper's Staff (2016-11-19). "German philologist gets Latif Award 150 years after compiling Shah jo Risalo". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2020-06-03 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: |last= has generic name (مدد)