ابو طالب
ابو طالب | |
---|---|
(عربي ۾: أبو طالب بن عبد المطلب) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 539 مڪو |
موت | سال 619 (79–80 سال)[1][2] مڪو |
ٻار | علي [3] |
پيءُ | عبدالمطلب |
ڀاءُ ڀيڻ | |
عملي زندگي | |
پيشو | واپاري ،شاعر |
مادري ٻولي | عربي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
ترميم |
عام الفيل (هاٿين واري سال) کان پنجٽيهه(35) سال پهريان ابو طالب محسن اسلام رئيس البطحاء مڪي جي سرزمين ۾ اک کولي. تاريخ لکڻ وارن سندن اصلي نالي بابت اختلاف ڪيو آهي ڪجهه جو چوڻ آهي ته سندن اسم گرامي پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي مطابق عبدالمناف هو، ڪجهه سندن نالو عمران ۽ ڪجهه وري شيبه بيان ڪيو آهي ليڪن وڌيڪ مشهور عمران آهي.
ڪنيت
[سنواريو]سندن ڪنيت ابو طالب آهي جيڪا سندن وڏي پٽ طالب جي نالي سان منسوب آهي ۽ انهي ڪنيت سان پوري انسانيت کين ياد ڪندي آهي
القاب
[سنواريو]حضرت ابوطالب جي لقبن مان شيخ البطحا، سيد البطحا ۽ رئيس البطحا سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن.
پرورش
[سنواريو]حضرت ابو طالب عليه السلام جي 43 سال عمر مبارڪ پنهنجي والد بزرگوار جناب عبد المطلب جهڙي عظيم هستيءَ جي سائي هيٺ گذري ۽ پاڻ انهن جي نگراني هيٺ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندا رهيا.
زندگي
[سنواريو]حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي دور ۾ هڪ بلند پايه اديب، بهترين انداز ۾ گفتگو ڪندڙ، عظيم فڪر ۽ سوچ رکندڙ وڏا دانشور ۽ بهترين قائد سمجهيا ويندا هئا. اعتدال پسند، انصاف پسند، حلم ۽ بردباري جي زيور سان آراسته هئا. علامه ديار بڪري لکن ٿا ته جناب هاشم کان بعد حاجين جي کاڌي پيتي جو شرف جناب عبدالمطلب کي حاصل ٿيو ۽ عبدالمطلب جي وفات کان پوءِ ظهور اسلام تائين هن عظيم خدمت کي حضرت ابوطالب انجام ڏيندا رهيا[4]
حضرت ابوطالب جي اولاد
[سنواريو]ابن قتيبه جو چوڻ آهي ته حضرت ابوطالب جا چار فرزند هئا طالب، عقيل ،جعفر، حضرت علي عليه السلام[5]
۽ ديار بڪري جو چوڻ آهي ته انهن پٽن کان علاوه حضرت ابوطالب م جون ٽي ڌيئر به هيون ربطه، جمانه، فاخته (امِّ هاني)[6]
حضرت محمد صه جي پرورش
[سنواريو]حضرت محمد مصطفي صه ننڍ پڻ جي عمر مبارڪ حضرت ابوطالب جي زيرِ نگراني بسر ڪئي ۽ پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه و آله وسلم جي عمر مبارڪ جو گهڻو حصو حضرت ابو طالب جي زير سايه ئي گذريو آهي، پالڻهار جيڪي احسانات اسان جي پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم تي ڪيا آهن اُنهن احسانن منجهان خاص ڪري هن احسان (پرورش حضرت ابو طالب ) جو تذڪرو ڪندي فرمائي ٿو {اَلَمۡ يَجِدۡکَ يتيماً فَاٰوٰي} ڇا اُن (ابو طالب عليه السلام) توکي يتيم سمجهي ڪري پناهه نه ڏني؟( سوره ضحيٰ، آيت 6) قرآنجي شیعہ سني مفسرن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته مٿئين آيت ۾ پناهه مان مراد حضرت ابوطالب عليه السلام جو پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم سان لطف ۽ شفقت ڀريو ورتاءُ آهي.
حضرت ابوطالب جو ايمان
[سنواريو]شیعہ مذهب جي عالمن جو عقيدو آهي ته حضرت ابوطالب پيدائش کان وٺي آخر زندگي تائين حضرت ابراهيم عليه السلام جي مذهب تي قائم رهيو ء ڪڏهن بت پرستي نه ڪيائي. ان جي برعڪس سني مذهب جي عالمن امام بخاري پنهجي ڪتاب صحيح بخاري ۾ حضرت ابو طالب کي ڪافر لکيو آهيامام مسلم سندس صحيح مسلم ۾ لکي ٿو ته حضرت ابوطالب جهنم جي سڀ کان گهٽ درجي ۾ رهندو[7]..
حوالا
[سنواريو]- ↑ GND ID: https://d-nb.info/gnd/123907519 — اخذ شدہ بتاریخ: 15 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0000398.xml — subject named as: Abū Ṭālib — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
- ↑ عنوان : Али ибн Абу Талиб — شائع شدہ از: Islamskiy enciklopedicheskiy slovar
- ↑ (تاريخ خميس، ج 1، ص 157)
- ↑ http://books.rafed.net/view.php?type=c_fbook&b_id=128
- ↑ 14 Sitaray Book In Urdu by YaImamAli - Islamic Books
- ↑ فصل: 92 - باب شَفَاعَةِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم لأَبِي طَالِبٍ وَالتَّخْفِيفِ عَنْهُ بِسَبَبِهِ|نداء الإيمان