جعفر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


جعفر يا جائفل جو ٻج

جعفر،(انگريزي: Nutmeg)، (ھندي:جائفل)،(عربي: جوزةالطيب)، (فارسي: جوزبوا) علم نباتات مطابق اھي مائريسٽيڪا(انگريزي: Myristica) نسل جي کوڙ جنسن جي ٻوٽن جا ٻج ھوندا آھن جيڪا مصالحي طور کائڻ جي شين ۾ خوشبو ۽ ذائقي لاءِ استعمال ٿيندا آهن.[1] ان جو مصالحي طور جھجھو استعمال خارش پيدا ڪندو آھي ۽ ان سان ذھن پڻ متاثر ٿيندو آهي.[2] روايتي طبي علاج طور استعمال ٿيڻ باوجود ان جو شمار طبي خصوصيتن وارين دوائن ۾ نہ ٿيندو آهي. [2]

عام جعفر يا جائفل[سنواريو]

جعفر يا جائفل جو شمار مصالحن ۾ ٿيندڙ آھي. انھن ٻجن کي پيھي يا پيسي پائوڊر ڪري مصالحو ٺاھيو ويندو آهي. ان جي تاثير گرم ۽ ذائقو ھلڪو مٺو ھوندو آھي ۽ ان کي مختلف کاڌن ۽ شربتن ۾ ذائقي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.[3] ھنن ٻجن کي ڇھ کان اٺ ھفتا اس ۾ سڪايو ويندو آهي. ان عرصي دوران ٻج جي کوپي اندر جائفل يا جعفر سسي ننڍو ٿي کوپي کان الڳ ٿي ويندو آھي ۽ ٻج جي کوپي کي لوڏائڻ سان اندران کڙڪندو آھي . ڪاٺي وغيره سان ڌڪ ھڻي کوپي کي ڀڃي جائفل يا جعفر ٻاھر ڪڍبو آهي.اھي ڀوري ناسي رنگ نما بيضوي شڪل جا ھوندا آھن

جائفل جي ٻوٽن جي پوکي[سنواريو]

جائفل جو ٻوٽو جنھن کي علم نباتات ۾ مائريسٽيڪا فريگرينس چوندا آهن

ھن ٻوٽن جو سڀ کان عام قسم جنھن جو تعلق جائفل جي واپار سان ھوندو آھي ان جو نالو مائريسٽيڪا فريگرينس آھي جيڪو انڊونيشيا جي بانڊا ٻيٽن، ملوڪو ٻيٽن يا انڊونيشيا جي مصالحي وارن جزيرن تي ڪثرت سان پوکيو ويندو آهي. فرھنگ جعفري ۾ ان جي سڃاڻپ جي ذڪر مطابق:ميرانجهڙي رنگ تي عناب جي داڻن جيڏا، داڻا ٿين ٿا، ذائقي ۾ تيز ۽ خوشبودار ٿيندا آهن.

طبي خاصيت[سنواريو]

يوناني طب مطابق: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا، معدي ۽ جگر کي تقويت ڏين ٿا طعام کي هضم ڪن ٿا، بک کي وڌائين ٿا، قوت باهه کي زياده ڪن ٿا، فالـج، لقوي، الٽين، وات جي خوشبودار ڪرڻ لاءِ، سيني، آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لا”، کنگهه، ڦڦڙن، ڪن ۽ اکين جي بيمارين ۾ مفيد آهي.[4]،

حوالا[سنواريو]

  1. "Nutmeg and derivatives (Review)". Food and Agriculture Organization (FAO) of the United Nations. حاصل ڪيل 29 October 2018. 
  2. 2.0 2.1 "Nutmeg". Drugs.com. حاصل ڪيل 2017-05-04. 
  3. "Nutmeg spice". Encyclopædia Britannica Online. 
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو