امام بخاري
امام | |
---|---|
امام بخاري | |
(عربي ۾: محمد بن إسماعيل البخاري) | |
![]() | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 20 جُولاءِ 810[1] بخارا |
موت | 1 سيپٽمبر 870 (60 سال) |
شھريت | ![]() |
عملي زندگي | |
استاد | امام احمد بن حنبل |
نمايان شاگرد | امام مسلم،امام ترمذي |
پيشو | شاعر،مؤرخ |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي[2] |
دلچسپي | حديثي ادب |
نمایان ڪم | صحيح بخاري |
ترميم ![]() |
تعارف[سنواريو]
امام بخاري جو پورو نالو محمد بن اسماعيل ابو عبدالله الجوفي هو.اوهان13 شوال 194 هجري ۾ بخارا شهر ۾ پيدا ٿيا[3].پاڻ پنهنجي شهرت يافته ڪتاب صحيح بخاري جي لکڻ جي وجه سان سني عوام ۾ ڏاڍا مشهور آهن اوهان جي هن ڪتاب کي قرآن مجيد کان پوءِ صحيح ترين ڪتاب مڃيو ويندو آهي.[4] اوهان جي پيءَ جو نالو اسماعيل هو جيڪو پڻ وڏو مشهور محدث هو جيڪو امام مالڪ،حماد بن زيد ء عبدالله بن مبارڪ جي دوستي ۾ رهيو.
علمي سفر[سنواريو]
17 سالن جي عمر هئي جو ماءُ سا گڏ سعودي عرب ۾ حج ڪرڻ آيا.جتي علم پرائڻ لاءِ رهي پيا.اوهان اسحاق بن روي،علي بن مديني استادن جي زير نگراني ۾ علم حاصل ڪيو[5] اوهان کي تاريخ ء حديث سان ڏاڍو چاهه هو.
اکين جو نور واپس اچڻ[سنواريو]
سندن جو ننڍ پڻ هو جو اکين جو نور وڃائي ويٺا،اوهان جي ماءُ ڏاڍي پرهيزگار ء عبادت گذار عورت هئي جيڪا هر وقت پنهجي پٽ جي اکين جي بينائي موٽڻ جي لاءِ الله کي ياد ڪنڊي رهندي هئي هڪ رات خواب ۾ حضرت ابراهيم آيس ء فرمايائين ته تهنجي پٽ جي اکين جو نور اچي چڪو آهي جڏهن صبح ٿي تڏهن امام بخاري جي بينائي واپس اچي چڪي هئي.[5][6]
شاگرد[سنواريو]
اوهان جي شاگردن جي تعداد ڪافي زيادو وسيع آهي هڪ اندازي جي مطابق هنن شاگردن جي تعداد 9000 هئي جيڪي اوهان جي مجلس ۾ ويهي درس ٻڌندا هئا.[7]
ڪتاب[سنواريو]
اوهان پنهجي زندگي ۾ هي ڪتاب لکيا جن ۾ الجامع الصحيح ڪتاب مشهور آهي جنهن کي صحيح بخاري به چيو ويندو آهي.[8]
- الجامع الصحيح
- التاريخ الڪبير
- التاريخ الوسط
- ڪتاب الضحفاءَ
- جز رفيع الدين
- ڪتاب الحبه
- ڪتاب الفوائد
- الجامع الڪبير
- ڪتاب المبسوط
حياتي جي پڃاڻي[سنواريو]
امام بخاري شوال جي مهيني سن 256 هجري ۾ وفات ڪئي[9] سندن مقبرو سمڪرنڊ،ازبڪستان ۾ موجود آهي.[10]
پڻ ڏسندا[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11894473t — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11894473t — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ kitaabun-Classical and Contemporary Muslim and Islamic Books
- ↑ Imam Bukhari (rahimahullah)
- ↑ 5.0 5.1 The Life and Works of Hadfhrat Imam Bukhari
- ↑ Was Imam Bukhari blind as a child? - Multaqa Ahl al-Hadeeth
- ↑ http://www.central-mosque.com/biographies/ImaamBukhari.htm
- ↑ Imam Bukhari - Life History Biography - Book Hut
- ↑ http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%85%D8%A7%D9%85%20%D8%A8%D8%AE%D8%A7%D8%B1%D9%8A
- ↑ Memorial to Imam Bukhari (Allah show mercy on him) | Islamic Landmarks