عباس بن عبد المطلب
ابوالفضل عباس بن عبدالمطلب الهاشمي القرشي (تقريباً 568ع – 653ع)، عام طور عباس بن عبدالمطلب جي نالي سان مشهور، رسول الله محمد ﷺ جو چاچو ۽ صحابي هو. سندس ڪنيت ابوالفضل هئي. هو عبدالمطلب بن هاشم جو پٽ ۽ بنو هاشم سان تعلق رکندڙ هو. سندس ماءُ نتيله بنت جناب النمريه هئي. هو مڪي ۾ ڄائو ۽ عمر ۾ رسول الله ﷺ کان لڳ ڀڳ ٻه يا ٽي سال وڏو هو.
عباس رسول الله ﷺ جي انهن چاچن مان هو، جن اسلام قبول ڪيو؛ حمزه بن عبدالمطلب پڻ اسلام قبول ڪندڙ سندس چاچن مان هو. هو رسول الله ﷺ جو عديل پڻ هو، ڇاڪاڻتہ رسول الله ﷺ جي گهرواري ميمونه بنت حارث، عباس جي گهرواري لبابه بنت حارث جي ڀيڻ هئي. عباس مڪي جي هڪ مالدار واپاري خاندان سان تعلق رکندو هو ۽ پاڻ پڻ واپار ڪندو هو. جاهليت واري دور ۾ بيت الحرام سان لاڳاپيل ذميوارين ۾ سندس اهم حيثيت هئي. ابو طالب کان پوءِ حاجين کي پاڻي مهيا ڪرڻ، يعني سقايت، جي ذميواري عباس جي حوالي ٿي. اسلام جي شروعاتي دور ۾ عباس مڪي ۾ رهيو. روايتن موجب هجرت کان اڳ هن ڪيترن موقعن تي رسول الله ﷺ جي حفاظت ۽ مدد ڪئي. اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ هن بيعت عقبه جي موقعي تي پڻ شرڪت ڪئي ۽ رسول الله ﷺ جي طرفان ٿيندڙ معاهدي بابت ڳالهه ٻولهه ۾ حصو ورتو. عباس غزوه بدر ۾ قريش سان گڏ شامل ٿيو، جنگ ۾ هو مسلمانن جي هٿان قيد ٿيو، جنهن کان پوءِ فديو ڏئي آزاد ٿيو ۽ مڪي موٽي ويو. سندس اسلام قبول ڪرڻ جي صحيح وقت بابت روايتن ۾ اختلاف ملي ٿو. ڪجهه روايتن موجب هن فتح مڪي کان ٿورو اڳ اسلام قبول ڪيو، جڏهن تہ ٻين روايتن موجب هو ان کان اڳ ئي مسلمان ٿي چڪو هو، پر ڪجهه وقت تائين مڪي ۾ رهندو رهيو.
عباس رسول الله ﷺ جي ويجهن مائٽن مان هو. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ رسول الله ﷺ سندس عزت ۽ احترام ڪندو هو. غزوه حنين دوران جڏهن مسلمانن جي صفن ۾ عارضي انتشار پيدا ٿيو، تڏهن عباس انهن ماڻهن مان هو، جيڪي رسول الله ﷺ سان گڏ ثابت قدم رهيا. عباس ۽ سندس خاندان کي اهل بيت سان نسبت ڏني وڃي ٿي ۽ آل عباس لاءِ صدقي جي مال بابت اهي ئي شرعي پابنديون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي رسول الله ﷺ جي ويجهن هاشمي مائٽن لاءِ هيون. عباس جون ڪيترائي شاديون ٿيون. سندس مشهور گهروارين مان لبابه بنت حارث شامل هئي، جيڪا ام الفضل جي نالي سان پڻ مشهور هئي. ٻين زالن ۾ فاطمه بنت جنيد، هاجله بنت جندوب ۽ تڪانه جا نالا بيان ڪيا وڃن ٿا. سندس پٽ عبدالله بن عباس اسلامي تاريخ جي مشهور صحابي، قرآن جي مفسر ۽ عالم طور مشهور ٿيو.
عباس جي نسل کي عباسي سڏيو وڃي ٿو. بعد ۾ سندس پٽ عبدالله بن عباس جي نسلي سلسلي مان عباسي خاندان وجود ۾ آيو، جنهن 8هين صدي عيسويءَ ۾ خلافت قائم ڪئي.[1] عباسي حڪمران پنهنجي نسب کي عباس بن عبدالمطلب سان ڳنڍيندا هئا. عباس عثمان بن عفان جي خلافت دوران 32 ھ (653ع) ۾ مديني ۾ وفات ڪئي. کيس بقيع الغرقد ۾ دفن ڪيو ويو.
خاندان
[سنواريو]سندس تعلق مڪي جي بنو ھاشم قبيلي سان ھيو. عبدالمطلب جو سڀ کان ننڍو پٽ ھيو. سندس والده جو نالو نتيله بنت جناب جنھن جو تعلق نمير قبيلي سان ھيو[2]
نسب
[سنواريو]- سندس نسب هي آهي:
.[3][4][5]” عباس بن عبدالمطلب (جنهن جو نالو شيبه هو) بن هاشم (جنهن جو نالو عمرو هو) بن عبد مناف (جنهن جو نالو مغيره هو) بن قصي (جنهن جو نالو زيد هو) بن ڪلّاب بن مره بن ڪعب بن لؤي بن غالب بن فهر بن مالڪ بن نضر (جنهن جو نالو قيس هو)، جيڪو قريش هو، بن ڪنانه بن خزيمه بن مدرڪه (جنهن جو نالو عامر هو) بن الياس بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان “
- سندس ماءُ:
هئي.[3][4][5]” نتيله بنت جناب بن ڪليب بن مالڪ بن عبد مناف بن عمرو بن عامر بن زيد بن عبد مناة بن عامر بن سعد بن الخزرج بن تيم اللات بن نمر بن قاسط بن هنب بن افصى بن دعمي بن جديلة بن اسد بن ربيعه بن نزار بن معد بن عدنان “
اسلام کان اڳ جي زندگي
[سنواريو]پيدائش ۽ پرورش
[سنواريو]| اسلام تي مضمونن جو سلسلو |
| اسلام |
|---|
عباس مڪي ۾ عام الفيل کان ٽي سال اڳ، 56 ق.ھ ۾ ڄائو، يعني هو رسول الله کان ٽي سال وڏو هو. ابو رزين کان روايت آهي ته عباس رضي الله عنه کان پڇيو ويو: ”توهان وڏا آهيو يا رسول الله ﷺ؟“ هن چيو: ”هو مون کان وڏو آهي، پر آءٌ کانئس اڳ ڄائو هئس.“[6] ننڍپڻ ۾ هڪ ڀيري هو گم ٿي ويو، جنهن تي سندس ماءُ نتيله بنت جناب نذر مڃي ته جيڪڏهن هو ملي ويو ته هوءَ ڪعبي کي ريشم، ديباج ۽ مختلف قسمن جا غلاف پارائيندي. عباس ملي ويو ۽ سندس ماءُ پنهنجي نذر پوري ڪئي؛ اهڙي ريت هوءَ ڪعبي کي اهڙي نموني غلاف پارائيندڙ پهرين عورت هئي.[حوالو گهربل]
عباس مڪي جي واپاري شخصيتن مان پڻ هو ۽ مصالحن جو ڪاروبار ڪندو هو.[7] واپار مان هن ڪافي دولت حاصل ڪئي ۽ مڪي جي شاهوڪار ماڻهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.[8]
حاجين کي پاڻي پيارڻ جي ذميواري
[سنواريو]جاهليت جي دور ۾ عباس قريش جي سردارن ۽ معزز شخصيتن مان هڪ هو ۽ مسجد الحرام جي سار سنڀال ۽ حاجين کي پاڻي پيارڻ جي ذميواري پڻ سنڀاليندو هو. ابن اثير اسد الغابه ۾ لکي ٿو ته مسجد الحرام جي سار سنڀال جي حوالي سان عباس ڪنهن کي به مسجد الحرام ۾ گارگند يا نامناسب ڳالهه ڪرڻ نه ڏيندو هو ۽ ماڻهو سندس مخالفت ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هئا، ڇاڪاڻتہ قريش جي سردارن گڏجي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو هو ۽ ان ڪم ۾ سندس مددگار هئا.[9]
عبدالمطلب بن هاشم زمزم جو کوهه کوٽڻ کان پوءِ حاجين کي پاڻي پيارڻ جي ذميواري سنڀالي. عبدالمطلب جي وفات کان پوءِ اها ذميواري سندس پٽ ابو طالب وٽ آئي. ڪجهه سالن کان پوءِ ابو طالب مالي تنگيءَ جو شڪار ٿيو، تنهنڪري هن پنهنجي ڀاءُ عباس کان ايندڙ حج جي موسم تائين ڏهه هزار درهم قرض ورتا ۽ اهي پئسا حاجين کي پاڻي پيارڻ جي انتظامن تي خرچ ڪيا. ايندڙ سال به ابو طالب وٽ پئسا نه هئا، تنهنڪري هن عباس کان وڌيڪ چوڏهن هزار درهم قرض گهريا. عباس ان شرط تي قرض ڏيڻ قبول ڪيو ته جيڪڏهن ابو طالب ايندڙ سال رقم واپس نه ڪري سگهيو ته حاجين کي پاڻي پيارڻ جي ذميواري عباس جي حوالي ڪندو. ابو طالب اها شرط قبول ڪئي ۽ ايندڙ سال رقم واپس نه ڪري سگهڻ سبب اها ذميواري عباس جي حوالي ڪري ڇڏي.[10][11]
عباس کان پوءِ اها ذميواري سندس پٽ عبدالله بن عباس ڏانهن منتقل ٿي ۽ عباسي خاندان ۾ سفاح جي دور تائين جاري رهي. پوءِ بني عباس خلافت سنڀالڻ کان پوءِ اها ذميواري ڇڏي ڏني. ان کان پوءِ اها آل زبير ڏانهن منتقل ٿي، جن کي اڳ به عباسين طرفان اها ذميواري سونپي ويندي هئي. بيان موجب اها خدمت سندن اولاد ۾ جاري رهي ۽ اڄ اهي مڪي جي آل عباس الهاشميين جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا ۽ پاڻي پيارڻ واري خدمت، جيڪا هاڻي مڪتب الزمازمه الموحد جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، ان ۾ سندن حصا نسل در نسل منتقل ٿيندا رهيا آهن.[12][13]
سندس باري ۾ نازل ٿيل آيت
[سنواريو]سندس باري ۾
| قرآن |
|---|
|
موضوع
|
|
خصوصيتون
|
نازل ٿيڻ جو ذڪر ملي ٿو.[14] ابن ڪثير علي بن ابي طلحه کان روايت ڪري ٿو ته ابن عباس ان آيت جي تفسير ۾ چيو:
هيءَ آيت عباس بن عبدالمطلب جي باري ۾ نازل ٿي، جڏهن هو بدر جي ڏينهن قيد ٿيو. هن چيو: ”جيڪڏهن توهان اسلام، هجرت ۽ جهاد ۾ اسان کان اڳتي رهيا آهيو ته اسان به مسجد الحرام جي سار سنڀال ڪندا هئاسين، حاجين کي پاڻي پياريندا هئاسين ۽ قيدين کي آزاد ڪرائيندا هئاسين.“ پوءِ الله سانچو:عز وجل فرمايو:
قرآن موضوع خصوصيتونکان وٺي
قرآن موضوع خصوصيتونتائين؛ يعني اهي عمل شرڪ جي حالت ۾ ڪيا ويا هئا، ۽ شرڪ جي حالت ۾ ڪيل عمل قبول نه ٿيندو.
بيعت عقبه ۽ غزوه بدر
[سنواريو]عباس پنهنجي ڀائٽي اسلام جي پيغمبر محمد سان گڏ بيعت عقبه وقت موجود هو، جڏهن انصار محمد سان بيعت ڪئي. عباس ان موقعي تي معاهدي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ موجود هو، جيتوڻيڪ ان وقت تائين سندس اسلام جو کليل اظهار نه ٿيو هو.[9]
عباس ٻين بني هاشم جي ماڻهن وانگر قريش سان گڏ بدر جي جنگ ۾ شريڪ ٿيو. اسلامي روايتن موجب کيس زبردستي جنگ لاءِ آندو ويو هو ۽ رسول الله محمد پنهنجي صحابين کي بني هاشم جي انهن ماڻهن کي قتل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جن کي سندن مرضيءَ خلاف جنگ ۾ آندو ويو هو. ابن عباس کان روايت آهي:
نبي ﷺ ان ڏينهن پنهنجي اصحابن کي فرمايو: ”مون کي خبر آهي ته بني هاشم ۽ ٻين مان ڪجهه ماڻهن کي زبردستي ڪڍيو ويو آهي ۽ انهن کي اسان سان جنگ ڪرڻ جي ڪا خواهش ناهي. تنهنڪري توهان مان جيڪو بني هاشم جي ڪنهن شخص سان ملي، سو ان کي قتل نه ڪري؛ جيڪو ابو البختري بن هشام بن الحارث بن اسد سان ملي، سو ان کي قتل نه ڪري؛ ۽ جيڪو عباس بن عبدالمطلب، رسول الله ﷺ جي چاچي، سان ملي، سو ان کي قتل نه ڪري، ڇاڪاڻتہ کيس زبردستي ڪڍيو ويو آهي.“
جنگ دوران عباس بن عبدالمطلب، سندس حليف ۽ سندس ڀائٽيو عقيل بن ابي طالب قيد ڪيا ويا. انهن کي انصاري عبيد بن اوس قيد ڪيو، جنهن کي نبي محمد ”مُقَرِّن“ جو لقب ڏنو. هو چوي ٿو:
جڏهن بدر جو ڏينهن آيو ته مون عباس بن عبدالمطلب، عقيل بن ابي طالب ۽ عباس جي هڪ فهري حليف کي قيد ڪيو. مون عباس ۽ عقيل کي گڏ ٻڌو. جڏهن رسول الله ﷺ انهن ٻنهي کي ڏٺو ته مون کي ”مُقَرِّن“ سڏيو ۽ فرمايو: ”انهن ٻنهي کي پڪڙڻ ۾ هڪ معزز فرشتي تنهنجي مدد ڪئي آهي.“
ابو اليسر پڻ چيو:
بدر جي ڏينهن مون عباس کي ڏٺو، هو ائين بيٺو هو ڄڻ ڪو بت هجي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. مون چيو: الله توکي مائٽيءَ جي لحاظ کان بڇڙو بدلو ڏئي، ڇا تون پنهنجي ڀائٽي خلاف سندس دشمنن سان گڏ وڙهين ٿو؟ هن پڇيو: ”هن سان ڇا ٿيو، ڇا هو مارجي ويو؟“ مون چيو: ”الله کيس ان کان وڌيڪ عزت ۽ مدد ڏني آهي.“ هن چيو: ”تون مون سان ڇا ڪرڻ چاهين ٿو؟“ مون چيو: ”قيد ڪرڻ، ڇاڪاڻتہ رسول الله ﷺ تنهنجي قتل کان منع ڪئي آهي.“ هن چيو: ”هيءَ سندس مون سان پهرين ڀلائي ناهي.“ پوءِ مون کيس قيد ڪيو ۽ رسول الله ﷺ وٽ وٺي آيس.
قيد ٿيڻ کان پوءِ عباس کي مضبوطيءَ سان ٻڌو ويو. ان رات نبي پنهنجي چاچي عباس جي ڪري جاڳندو رهيو. هڪ صحابي پڇيو: ”اي الله جا نبي، اوهان کي ڪهڙي ڳالهه جاڳائي رکيو آهي؟“ پاڻ فرمايائون: ”عباس جي دانهن مون کي جاڳائي رکيو آهي.“ پوءِ هڪ شخص وڃي سندس ٻڌڻ ڍرو ڪيو. رسول الله پڇيو: ”مون کي عباس جي دانهن ڇو نٿي ٻڌڻ ۾ اچي؟“ ان شخص چيو: ”مون سندس ٻڌڻ ڍرو ڪيو آهي.“ رسول الله فرمايو: ”ته پوءِ سڀني قيدين سان ائين ئي ڪر.“[19]
رسول الله عباس کي، جڏهن هو قيد ۾ هو، چيو ته هو پنهنجو، عقيل بن ابي طالب، نوفل بن حارث ۽ پنهنجي حليف عتبه بن عمرو جو فديو ادا ڪري. عباس چيو ته هو مسلمان آهي ۽ کيس زبردستي جنگ لاءِ آندو ويو هو. رسول الله کيس فرمايو: ”الله تنهنجي اسلام بابت وڌيڪ ڄاڻي ٿو؛ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه سچي آهي ته الله توکي ان جو اجر ڏيندو، پر ظاهر طور تنهنجو معاملو اسان جي خلاف هو، تنهنڪري پنهنجو فديو ادا ڪر.“
رسول الله اڳ ئي عباس کان ويهه اوقيا سون ورتو هو. عباس عرض ڪيو ته ان کي سندس فديي ۾ شمار ڪيو وڃي، پر پاڻ فرمايائون: ”نه، اهو مال آهي جيڪو الله اسان کي توکان ڏياريو آهي.“ عباس چيو: ”مون وٽ ٻيو مال ڪونهي.“ رسول الله فرمايو: ”پوءِ اهو مال ڪٿي آهي، جيڪو تون مڪي مان نڪرڻ وقت ام الفضل بنت الحارث وٽ رکي آيو هئين، جڏهن توهان ٻنهي کان سواءِ ڪو به موجود نه هو، ۽ تو هن کي چيو هو ته جيڪڏهن هن سفر ۾ مون سان ڪا مصيبت پيش اچي ته فضل لاءِ ايترو، عبدالله لاءِ ايترو...؟“ عباس چيو: ”ان ذات جو قسم جنهن اوهان کي حق سان موڪليو آهي، ان ڳالهه جي مون ۽ هن کان سواءِ ڪنهن کي به خبر نه هئي؛ هاڻي مون کي يقين آهي ته اوهان الله جا رسول آهيو.“ پوءِ عباس پنهنجو، پنهنجي ڀائٽي ۽ پنهنجي حليف جو فديو ادا ڪيو.[20]
ان موقعي سان
| قرآن |
|---|
|
موضوع
|
|
خصوصيتون
|
جي نزول جو ذڪر ڪيو ويو آهي. عباس چوندو هو:
الله جو قسم، هيءَ آيت منهنجي باري ۾ نازل ٿي، جڏهن مون رسول الله ﷺ آڏو پنهنجي اسلام جو ذڪر ڪيو.
فديو ادا ڪرڻ کان پوءِ عباس مڪي موٽي ويو،[22] جتي هن حاجين کي پاڻي پيارڻ، سرداري ۽ حاجين جي مهمانيءَ سان لاڳاپيل بني هاشم جون ذميواريون سنڀالڻ جاري رکيون.[23]
اسلام قبول ڪرڻ بابت روايتون
[سنواريو]عباس جي اسلام قبول ڪرڻ جي وقت بابت تاريخي روايتن ۾ اختلاف ملي ٿو. هڪ روايت موجب عباس بدر جي جنگ کان اڳ ئي ڳجهي نموني اسلام قبول ڪري چڪو هو.[8] بدر ۾ قيد ٿيڻ کان پوءِ عباس پاڻ به رسول الله کي چيو هو ته هو مسلمان آهي، پر کيس زبردستي قريش سان گڏ آندو ويو هو.[20] ڪجهه روايتن موجب هن بدر کان پوءِ اسلام قبول ڪيو، جڏهن ته ٻين روايتن ۾ سندس اسلام جي کليل اظهار ۽ مڪي مان هجرت کي فتح مڪي کان ٿورو اڳ واري دور سان ڳنڍيو ويو آهي.[24][25] اهڙيءَ طرح ذريعن ۾ عباس جي اسلام قبول ڪرڻ جي صحيح وقت بابت مختلف روايتون موجود آهن.
اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ جي زندگي
[سنواريو]
اسلام قبول ڪرڻ ۽ هجرت
[سنواريو]عباس بعد ۾ اسلام قبول ڪيو، پر سندس اسلام قبول ڪرڻ جي صحيح وقت بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. ڪن روايتن موجب هن خيبر جي فتح کان اڳ اسلام قبول ڪيو هو، پر پنهنجي اسلام کي لڪائي رکيو ۽ فتح مڪي جي موقعي تي ان جو کليل اظهار ڪيو. ابو رافع کان روايت آهي:
آءٌ عباس بن عبدالمطلب جو غلام هئس. اسلام اسان جي گهر ۾ داخل ٿي چڪو هو؛ عباس اسلام قبول ڪيو، ام الفضل اسلام قبول ڪيو ۽ مون به اسلام قبول ڪيو. عباس پنهنجي قوم کان ڊڄندو هو، سندن مخالفت کي پسند نه ڪندو هو ۽ پنهنجي اسلام کي لڪائي رکندو هو.
هڪ ٻي روايت موجب عباس بدر جي جنگ کان اڳ ئي اسلام قبول ڪري چڪو هو ۽ قريش جون خبرون رسول الله ڏانهن لکي موڪليندو هو، جڏهن ته مڪي جا مسلمان به سندس مدد ۽ سهارو حاصل ڪندا هئا.[29][30]
بعد ۾ عباس رسول الله ڏانهن هجرت لاءِ روانو ٿيو. رستي ۾ سندس ملاقات رسول الله سان ٿي، جيڪو ان وقت مڪي ڏانهن وڃي رهيو هو.[31] عباس رسول الله سان گڏ فتح مڪي ۾ شريڪ ٿيو، جنهن کان پوءِ هجرت جو سلسلو ختم ٿي ويو.[30]
روايتن موجب رسول الله کي عباس جي اسلام قبول ڪرڻ تي خوشي ٿي. ابو رافع بيان ڪري ٿو ته هن رسول الله کي عباس جي اسلام قبول ڪرڻ جي خوشخبري ڏني، جنهن تي رسول الله کيس آزاد ڪري ڇڏيو.[32] عباس ابو رافع کي رسول الله کي تحفي طور ڏنو هو.[33]
جنگين ۾ شرڪت
[سنواريو]عباس غزوه حنين ۾ پڻ شريڪ ٿيو. جڏهن جنگ دوران مسلمانن جي صفن ۾ ڀاڄ پئي ته هو رسول الله سان گڏ ثابت قدم رهيو. عباس بن عبدالمطلب بيان ڪري ٿو:
آءٌ رسول الله ﷺ سان گڏ حنين جي ڏينهن موجود هئس. آءٌ ۽ ابو سفيان بن الحارث بن عبدالمطلب رسول الله ﷺ سان گڏ رهياسين ۽ کانئس جدا نه ٿياسين. رسول الله ﷺ هڪ اڇي خچر تي سوار هئا، جيڪو کين فروه بن نفاثه جذامي تحفي ۾ ڏنو هو. جڏهن مسلمانن ۽ ڪافرن جو مقابلو ٿيو ته مسلمان پوئتي موٽڻ لڳا، پر رسول الله ﷺ پنهنجي خچر کي ڪافرن ڏانهن وڌائڻ لڳا. آءٌ رسول الله ﷺ جي خچر جي واڳ جهلي ان کي روڪي رهيو هئس ته جيئن اهو تيزيءَ سان اڳتي نه وڌي، جڏهن ته ابو سفيان رسول الله ﷺ جي رڪاب کي جهليو بيٺو هو.
رسول الله ﷺ فرمايو: ”اي عباس! سمره وارن کي سڏ ڪر.“ عباس چوي ٿو ته منهنجو آواز تمام بلند هو، تنهنڪري مون وڏي آواز سان سڏ ڪيو: سمره وارا ڪٿي آهن؟ الله جو قسم، جڏهن هنن منهنجو آواز ٻڌو ته ائين واپس وريا، جيئن ڳئون پنهنجن ٻچن ڏانهن موٽندي آهي، ۽ چوڻ لڳا: اسين حاضر آهيون، اسين حاضر آهيون. پوءِ انهن ڪافرن سان جنگ شروع ڪئي. انصار کي سڏ ڪيو ويو: ”اي انصار! اي انصار!“ پوءِ اهو سڏ خاص ڪري بني حارث بن خزرج لاءِ ڪيو ويو: ”اي بني حارث بن خزرج! اي بني حارث بن خزرج!“
رسول الله ﷺ پنهنجي خچر تي ويٺي سندن جنگ ڏانهن ڏٺو ۽ فرمايو: هاڻي جنگ گرم ٿي وئي آهي. پوءِ رسول الله ﷺ ڪجهه پٿريون کڻي ڪافرن جي منهن ڏانهن اڇلايون ۽ فرمايو: محمد جي رب جو قسم، اهي شڪست کائي ويا. آءٌ جنگ ڏانهن ڏسڻ ويس ۽ مون کي اها ساڳي حالت ۾ نظر آئي؛ پر الله جو قسم، رسول الله ﷺ جون پٿريون اڇلائڻ کان پوءِ مون مسلسل ڏٺو ته سندن زور گهٽجندو ويو ۽ سندن حالت پوئتي هٽڻ لڳي.
حديث جي روايت
[سنواريو]عباس بن عبدالمطلب رسول الله کان ڪيترائي حديثون روايت ڪيون. سندس روايتن مان پنجٽيهه حديثون مسند بقي بن مخلد ۾، هڪ حديث صحيح بخاري ۾ ۽ ٽي حديثون صحيح مسلم ۾ بيان ٿيل آهن.[18]
عباس کان حديث روايت ڪندڙن ۾ سندس پٽ عبدالله بن عباس، ڪثير بن عباس ۽ عبيدالله بن عباس، سندس ڌيءَ ام ڪلثوم بنت عباس، ۽ ٻين راوين مان احنف بن قيس، عبدالله بن الحارث بن نوفل، جابر بن عبدالله بن عمرو بن حرام، عبدالله بن عميره، عامر بن سعد بن ابي وقاص، اسحاق بن عبدالله بن نوفل، مالڪ بن اوس بن الحدثان، نافع بن جبير بن مطعم، سندس آزاد ڪيل غلام صهيب، عباس بن عبدالرحمان، جيڪو بني هاشم جو مولا هو، عبدالله بن عنمه مزني، عبدالرحمان بن سابط جُمحي ۽ محمد بن ڪعب قرظي شامل آهن.[18][35]
سندس روايت ڪيل حديثن مان هڪ مسلم بن الحجاج پنهنجي صحيح مسلم ۾ عامر بن سعد بن ابي وقاص جي واسطي سان روايت ڪئي آهي:
عباس بن عبدالمطلب کان روايت آهي ته هن رسول الله ﷺ کي فرمائيندي ٻڌو: ”جڏهن ٻانهو سجدو ڪري ٿو ته ساڻس گڏ ست عضوا سجدو ڪن ٿا: سندس چهرو، ٻئي هٿ، ٻئي گوڏا ۽ ٻئي پير.“
اهڙيءَ طرح بخاري پنهنجي صحيح بخاري ۾ عبدالله بن الحارث بن نوفل کان روايت ڪري ٿو ته عباس بن عبدالمطلب رسول الله کان پڇيو:
عباس بن عبدالمطلب رضي الله عنه نبي ﷺ کي چيو: ”اوهان پنهنجي چاچي کي ڪهڙو فائدو پهچايو؟ هو اوهان جي حفاظت ڪندو هو ۽ اوهان جي خاطر ڪاوڙبو هو.“ پاڻ فرمايائون: ”هو باهه جي هڪ هلڪي حصي ۾ آهي؛ جيڪڏهن آءٌ نه هجان ها ته هو باهه جي سڀ کان هيٺئين درجي ۾ هجي ها.“
وفات
[سنواريو]زندگيءَ جي آخري دور ۾ عباس بن عبدالمطلب جي نظر هلي وئي هئي. روايتن موجب هن پنهنجي وفات وقت ستر غلام آزاد ڪيا.
عباس مديني ۾ 12 رجب 32 ھ تي 88 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.[38]
سندس وفات کان پوءِ بني هاشم مؤذن موڪليا، جن مديني جي ماڻهن کي سندس وفات جي خبر ڏيندي اعلان ڪيو: ”الله ان شخص تي رحم ڪري، جيڪو عباس بن عبدالمطلب جي جنازي ۾ شريڪ ٿئي.“ ان اعلان کان پوءِ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيو. جنازي کي کڻڻ ۽ تدفين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي گهڻي رش ٿي وئي، جنهن سبب خليفي عثمان بن عفان کي ماڻهن جي ميڙ کي منظم ڪرڻ لاءِ انتظام ڪرڻو پيو.
عثمان بن عفان سندس غسل وقت موجود هو، جڏهن ته علي بن ابي طالب، عباس جي پٽ عبدالله بن عباس ۽ سندس ٻين ٻن پٽن قثم بن عباس ۽ عبيدالله بن عباس کيس غسل ڏنو. عثمان بن عفان سندس جنازي نماز پڙهائي، جنهن کان پوءِ عباس بن عبدالمطلب کي بقيع الغرقد ۾ دفن ڪيو ويو.[18]
اسلام ۾ فضيلت ۽ مرتبو
[سنواريو]اسلامي روايتن ۾ عباس بن عبدالمطلب کي رسول الله ۽ صحابه وٽ وڏي مرتبي وارو بيان ڪيو ويو آهي. ابو سفيان بن حارث پنهنجي والد کان روايت ڪري ٿو:
عباس، رسول الله ﷺ وٽ ماڻهن مان وڏي مرتبي وارو هو، ۽ صحابه عباس جي فضيلت کي مڃيندا هئا، ساڻس صلاح مشورو ڪندا هئا ۽ سندس راءِ وٺندا هئا.
روايت آهي ته جڏهن عباس عمر بن خطاب يا عثمان بن عفان وٽان لنگهندو هو ۽ اهي سواريءَ تي هوندا هئا ته سندس احترام ۾ سواريءَ تان لهي پوندا هئا ۽ جيستائين هو اڳتي نه نڪري ويندو هو، تيستائين ائين رهندا هئا.[40]
هڪ موقعي تي عمر بن خطاب عباس کي چيو:
الله جو قسم، جنهن ڏينهن تون اسلام آڻيندين، تنهنجو اسلام آڻڻ مون کي خطاب جي اسلام آڻڻ کان به وڌيڪ پيارو هو، جيڪڏهن هو اسلام آڻي ها؛ ۽ ان جو سبب رڳو اهو هو ته مون کي خبر هئي ته تنهنجو اسلام آڻڻ رسول الله ﷺ کي خطاب جي اسلام آڻڻ کان وڌيڪ پيارو هو.
عائشه کان روايت آهي:
مون رسول الله ﷺ کي ڪنهن ٻئي شخص جو ايترو احترام ڪندي نه ڏٺو، جيترو هو عباس جو احترام ۽ عزت ڪندو هو.
نسب جي علم ۾ عباس بن عبدالمطلب لاءِ سيد الاعمام (چاچن جو سردار) جو لقب پڻ استعمال ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻتہ هو محمد جو چاچو هو.[44]
عباس وسيلي مينهن جي دعا
[سنواريو]روايت آهي ته عمر بن خطاب جي خلافت دوران جڏهن ڏڪار پوندو هو ته هو عباس بن عبدالمطلب کي دعا لاءِ اڳتي ڪندو هو ۽ چوندو هو:
اي الله! اسان اڳ پنهنجي نبيءَ وسيلي توکان مينهن گهرندا هئاسين ۽ تون اسان کي مينهن ڏيندو هئين؛ هاڻي اسان پنهنجي نبيءَ جي چاچي وسيلي توکان مينهن گهرون ٿا، تنهنڪري اسان کي مينهن عطا ڪر.
روايت موجب پوءِ مينهن وسندو هو.[45]
صحابي حسان بن ثابت ان واقعي بابت شعر چيو:[46][47]
سأل الإمامُ وقد تتابع جدبُنا\\فَسَقَى الغمام بغُرَّة العباسِ
عم النبي وصِنوِ والده الذي\\ورث النبيَّ بذاك دُون الناسِ أحيا الإله به البلاد فأصبحت\\مُخضرَّة الأجنابِ بعد الياسِ
ترجمو:
امام دعا گهري، جڏهن ڏڪار ويو هو وڌي\\عباس جي برڪت سان، ڪڪر مينهن ويا وسي نبيءَ جو چاچو، سندس والد جو سڳو ڀاءُ\\اهو شرف کيس مليو، ٻين کان ٿيو سَواءُ الله سندس وسيلي ملڪ کي جيئاريو وري\\نااميديءَ کان پوءِ هر پاسي ساوڪ وئي ڀري
عباس بن عتبه بن ابي لهب پڻ شعر چيو:[48]
بعمّي سقى الله الحجاز وأهله\\عشية يستسقي بشيبته عمر
توجه بالعباس في الجدب راغبًا\\إليه فما إن رام حتى أتى المطر ومنا رسول الله فينا تراثه\\فهل فوق هذا للمفاخر مفتخر
ترجمو:
منهنجي چاچي سان حجاز تي، رب مينهن وسايو\\جڏهن عمر سندس اڇن وارن سان دعا لاءِ آيو ڏڪار ۾ عباس کي اڳيان ڪري، رب ڏانهن ڪيائين پڪار\\اڃا دعا پوري نه ٿي، ته وسي پيو مينهن اپار اسان مان آهي رسول الله، سندس ورثو اسان ۾ آ\\پوءِ هن کان وڌ فخر جو، ٻيو ڪهڙو سبب ڀلا؟
ربيعه بن حارث بن عبدالمطلب کان روايت آهي:
عباس بن عبدالمطلب رسول الله ﷺ وٽ آيو، ان وقت هو ڪاوڙيل هو ۽ آءٌ به اتي موجود هئس. رسول الله پڇيس: ”توکي ڪهڙي ڳالهه ڪاوڙايو آهي؟“ هن چيو: ”اي الله جا رسول! اسان ۽ قريش جو هي ڪهڙو معاملو آهي، جو جڏهن اهي پاڻ ۾ ملن ٿا ته خوش چهري سان ملن ٿا، پر جڏهن اسان سان ملن ٿا ته اهڙي نموني نٿا ملن؟“ ان تي رسول الله ﷺ ڪاوڙجي پيو، ايتري قدر جو سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو، پوءِ فرمايائين: ”ان ذات جو قسم، جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي، ڪنهن شخص جي دل ۾ ايمان داخل نه ٿيندو، جيستائين هو توهان سان الله ۽ سندس رسول جي خاطر محبت نه ڪري.“ پوءِ فرمايائين: ”اي ماڻهوؤ! جنهن منهنجي چاچي کي ايذايو، تنهن مون کي ايذايو، ڇاڪاڻتہ ماڻهوءَ جو چاچو سندس پيءُ جهڙو هوندو آهي.“
هن واقعي جي تشريح بابت اسلامي عالمن ۾ توسل جي نوعيت جي حوالي سان مختلف رايا ملي سگهن ٿا. ڪجهه سني ذريعا ان کي عباس جي دعا وسيلي توسل قرار ڏين ٿا ۽ ان کي جائز توسل جي مثال طور پيش ڪن ٿا.[50][51]
ذاتي زندگي
[سنواريو]حليو ۽ شخصيت
[سنواريو]ذهبي، ڪلبي کان عباس جي حليي بابت نقل ڪري ٿو ته هو معزز، رعبدار، عقلمند ۽ خوبصورت هو؛ سندس رنگ اڇو ۽ چهرو ڀريل هو، سندس ٻه چوٽيون هيون ۽ قد معتدل هو. ذهبي پاڻ سندس باري ۾ لکي ٿو:
بلڪه هو ڊگهن ماڻهن مان هو، صورت ۾ نهايت سهڻو، وجيهه ۽ تمام بلند آواز وارو هو، ان سان گڏ وڏي بردباري ۽ سرداريءَ وارو هو.
ٻئي هنڌ ذهبي لکي ٿو:
هو مڪمل جسماني بناوت وارو ۽ نهايت بلند آواز وارو هو.
سندس بلند آواز بابت روايت آهي ته جڏهن کيس پنهنجن خادمن جي ضرورت پوندي هئي ته هو سلع جبل تي بيهي کين سڏيندو هو ۽ اهي اٺ يا نو ميل پري غابه واري علائقي ۾ به سندس آواز ٻڌندا هئا.[52][53]
ذهبي، عمر جي آزاد ڪيل غلام اسلم کان هڪ روايت نقل ڪري ٿو ته جڏهن عمر شام جي ويجهو پهتو ته هن پنهنجي غلام جي سواري ورتي ۽ غلام کي پنهنجي سواريءَ تي ويهاريو. عباس ان وقت عمر جي اڳيان هڪ عمدي گهوڙي تي سوار هو ۽ هو سهڻو شخص هو. اتان جا سردار عباس کي سلام ڪندا رهيا، کيس عمر سمجهي رهيا هئا، جڏهن ته عباس اشارو ڪري کين ٻڌائيندو رهيو ته عمر هو نه، پر ٻيو شخص آهي.[18]
زبيدي تاج العروس ۾ لکي ٿو ته ذو الرأي عباس بن عبدالمطلب هاشمي جو لقب هو.[54]
شاديون ۽ اولاد
[سنواريو]عباس بن عبدالمطلب جي شادين ۽ اولاد بابت قديم نسب نامن ۽ سوانحي ذريعن ۾ ڪجهه اختلاف ملي ٿو. سندس مشهور زالن مان ام الفضل لبابه ڪبرى هلاليه، يعني لبابه بنت حارث هئي. هوءَ شروعاتي مسلمان عورتن مان هئي ۽ خديجه بنت خويلد کان پوءِ اسلام قبول ڪندڙ عورتن مان شمار ڪئي وڃي ٿي. روايت موجب ابو لهب جڏهن ابو رافع تي حملو ڪيو ته لبابه خيمي جي ٿنڀي سان ابو لهب کي ڌڪ هنيو.[55]
لبابه مان عباس کي فضل بن عباس، عبدالله بن عباس، عبيدالله بن عباس، قثم بن عباس، معبد بن عباس، عبدالرحمان بن عباس ۽ ام حبيب بنت عباس ڄاوا.[56] فضل سندس وڏو پٽ هو ۽ عباس ۽ لبابه جي ڪنيت ابوالفضل ۽ ام الفضل به ان سان منسوب هئي. عبدالله بن عباس اسلامي علمي روايت ۾ حبر الامة جي لقب سان مشهور ٿيو. روايت موجب نبي محمد سندس لاءِ دعا ڪئي:
اي الله! کيس دين جي سمجهه عطا ڪر.
عبيدالله جي ڪنيت ابو محمد هئي، جڏهن ته قثم بابت روايت آهي ته سندس نسل اڳتي نه هليو. عبدالرحمان شام ۾ وفات ڪئي ۽ معبد افريقه ۾ مارجي ويو. ام حبيب جي شادي اسود بن سفيان بن عبد الاسد مخزومي سان ٿي.
عباس جي ٻين زالن ۾ قريش سان تعلق رکندڙ فاطمه بنت جنيد جو ذڪر پڻ ملي ٿو.[57] سندس هڪ ٻي زال حجيله بنت جندب بن ربيع هذليه هئي، جنهن مان حارث بن عباس جي ڄمڻ جو ذڪر ملي ٿو؛ البت ڪجهه ذريعن ۾ حارث جي ماءُ بابت اختلاف آهي.[58]
ڪجهه ذريعن ۾ عباس جي هڪ ام ولد جو نالو سبأ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته ٻين روايتن ۾ سندس هڪ يوناني ٻانهي يا ام ولد جو نالو مسليه ڏنو ويو آهي.[59] انهن روايتن موجب تمام بن عباس، ڪثير بن عباس ۽ ڪجهه ڌيئرون ام ولد مان ڄايون. ڪثير کي فقيهه طور پڻ بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تمام عباس جي ننڍن پٽن مان هو.[60]
سندس ڌيئرن ۾ اميمه بنت عباس جو پڻ ذڪر ملي ٿو. اميمه جي شادي عباس بن عتبه بن ابي لهب سان ٿي ۽ سندس پٽ فضل بن عباس بن عتبه شاعر طور مشهور ٿيو.[61]
ذريعن ۾ صفيه بنت عباس، آمنه بنت عباس، ام قثم بنت عباس ۽ ام ڪلثوم بنت عباس جو پڻ ذڪر ملي ٿو. صفيه جي شادي بني سعد بن بڪر جي حارث بن يعمر سان ٿي.[59][61] ام قثم جو ذڪر ابن سعد جي الطبقات الكبرى ۾ ملي ٿو.[62] ام ڪلثوم جي ماءُ بابت پڻ اختلاف آهي؛ هڪ روايت موجب هوءَ ام ولد مان هئي، جڏهن ته ٻي روايت ۾ سندس ماءُ ام سلمه بنت محميه بن جزء زبيدي ڄاڻائي وئي آهي.[63]
سندس ٻين پٽن ۾ عون بن عباس ۽ مشير بن عباس جا نالا پڻ ڪجهه سوانحي ذريعن ۾ ملن ٿا.[64][65] بلاذري پڻ عباس جي اولاد جو ذڪر أنساب الأشراف ۾ ڪيو آهي.[66]
ڪجهه بعد وارن ذريعن ۾ تڪانه نالي بني قريظه سان تعلق رکندڙ عورت جو به ذڪر ملي ٿو، جنهن بابت چيو ويو آهي ته هوءَ اڳ نبي محمد جي ملڪيت ۾ هئي ۽ پوءِ عباس سان سندس نڪاح ٿيو؛ انهن روايتن موجب ان مان عباس کي اولاد نه ٿيو.[67]
عباس جي اولاد جون قبرون مختلف علائقن ۾ پکڙيل هيون. ڪلبي کان منقول آهي:
اسان ڪنهن به ماءُ جي اولاد جون قبرون عباس جي اولاد جي قبرن کان وڌيڪ هڪ ٻئي کان پري نه ڏٺيون.
شيعه نظرئي ۾
[سنواريو]عباس بن عبدالمطلب بابت شيعه رجالي ۽ تاريخي ذريعن ۾ مختلف روايتون نقل ٿيل آهن. ڪجهه روايتون سندس ساراهه ڪن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه شيعه عالمن انهن روايتن جي سند کي ضعيف يا مرسل قرار ڏنو آهي. ابوالقاسم خوئي پنهنجي رجالي جائزي ۾ عباس بابت آيل روايتن تي بحث ڪندي سندس علي بن ابي طالب ۽ فاطمه زهرا جي حمايت، خاص ڪري خلافت ۽ فدڪ جي معاملي ۾، تنقيدي موقف اختيار ڪيو آهي. خوئي لکي ٿو:
خلاصو هي آهي ته عباس لاءِ ڪا ساراهه ثابت نه ٿي آهي، ۽ الڪافي ۾ سندس مذمت بابت آيل روايت صحيح السند آهي؛ ۽ سندس لاءِ اها ڳالهه گهٽتائي طور ڪافي آهي ته هن علي بن ابي طالب سانچو:عليه السلام جي معاملي ۽ صديقه طاهره جي فدڪ واري معاملي ڏانهن ايترو به ڌيان نه ڏنو، جيترو پنهنجي ميزاب جي معاملي ڏانهن ڏنو.
فلم ۽ ٽيليويزن ۾
[سنواريو]- 2006ع ۾ ٽيليويزن سلسلي خالد بن وليد ۾ عباس جو ڪردار عبدالرحمان ابو القاسم ادا ڪيو.
- 2008ع ۾ ٽيليويزن سلسلي قمر بني هاشم ۾ عباس جو ڪردار احمد صلان ادا ڪيو.
- 2009ع ۾ فلم الخوافي والقوادم ۾ عباس جو ڪردار رفيق علي احمد ادا ڪيو.
- 2010ع ۾ ٽيليويزن سلسلي رايات الحق ۾ عباس جو ڪردار عبدالحڪيم قطيفان ادا ڪيو.
- 2012ع ۾ ٽيليويزن سلسلي عمر ۾ عباس جو ڪردار شمم الحسن ادا ڪيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Glassé, Cyril (2002). The New Encyclopedia of Islam. Walnut Creek, California: AltaMira Press. ISBN 0-7591-0190-6.
- ↑ al-Tabari, Muhammad ibn Jarir (1998). Tarikh al-Rusul wa'l-Muluk: Biographies of the Prophet's Companions and Their Successors. جلد 39. Albany: State University of New York Press. ص. 24.
{{cite book}}: CS1 maint: publisher location (ڳنڍڻو) - 1 2 ابن حجر العسقلاني, أحمد (1415 هـ). "4525- العبّاس". الإصابة في تمييز الصحابة (عربي ۾). جلد 7 (1 ڇاپو). بيروت: دار الكتب العلمية. ص. 511–512. اصل نسخو مان 24 September 2021 تي محفوظ ڪيل. 17 September 2021 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: Check date values in:|year=(مدد)CS1 maint: year (ڳنڍڻو) - 1 2 ابن الأثير الجزري (1994). "2799- عباس بن عبد المطلب". أسد الغابة في معرفة الصحابة (عربي ۾). جلد 3 (1 ڇاپو). دار الكتب العلمية. ص. 163. اصل نسخو مان 13 September 2021 تي محفوظ ڪيل. 20 September 2021 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 ابن عساكر (1995). "3106 - العباس بن عبد المطلب". تاريخ دمشق (عربي ۾). جلد 26 (1 ڇاپو). دار الفكر للطباعة والنشر والتوزيع. ص. 273–381. اصل نسخو مان 27 August 2021 تي محفوظ ڪيل. 17 September 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ابن أبي عاصم. الآحاد والمثاني (عربي ۾). حديث 327. اصل نسخو مان 5 March 2016 تي محفوظ ڪيل. 3 June 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Ibn Ishaq (1955). A. Guillaume (مرتب). The Life of Muhammad: A Translation of Ibn Ishaq's Sirat Rasul Allah (انگريزي ۾). Oxford: Oxford University Press. ص. 113.
- 1 2 Ibn Ishaq (1955). A. Guillaume (مرتب). The Life of Muhammad: A Translation of Ibn Ishaq's Sirat Rasul Allah (انگريزي ۾). Oxford: Oxford University Press. ص. 309–310.
- 1 2 ابن الأثير الجزري. "العباس بن عبد المطلب". أسد الغابة في معرفة الصحابة (عربي ۾).
- ↑ علي بن برهان الدين الحلبي. السيرة الحلبية (عربي ۾). جلد 1.
- ↑ جواد علي. المفصل في تاريخ العرب قبل الإسلام (عربي ۾). ص. 1892. اصل نسخو مان 4 March 2016 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "من نحن" (عربي ۾). مكتب الزمازمة الموحد. اصل نسخو مان 28 September 2018 تي محفوظ ڪيل. 25 December 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ فهد العباس وعبدالإله العباس وعباس بصري الغنيمي العباسي. نبذات الوصل لذرية أمير المؤمنين الخليفة أبي جعفر منصور المستنصربالله العباسي (PDF) (عربي ۾). دار ركابي للنشر والتوزيع. اصل نسخو (PDF) مان 8 April 2022 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ سورة التوبة، آيت 19.
- ↑ ابن كثير الدمشقي. "تفسير سورة التوبة، الآية 19". (عربي ۾).
- ↑ ابن هشام. "غزوة بدر". السيرة النبوية (عربي ۾).
- ↑ ابن سعد. "الطبقات الكبرى، الطبقة الثانية، حديث 4532". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 24 January 2018 تي محفوظ ڪيل. 4 June 2015 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 5 6 7 شمس الدين الذهبي. "العباس بن عبد المطلب". (عربي ۾).
- ↑ ابن الأثير الجزري. أسد الغابة في معرفة الصحابة (عربي ۾). جلد 3. ص. 61.
- 1 2 ابن سعد. "الطبقات الكبرى، الطبقة الثانية، حديث 4539". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 12 November 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ ابن كثير الدمشقي. "تفسير سورة الأنفال، الآية 70". (عربي ۾).
- ↑ ابن حجر العسقلاني. الإصابة في تمييز الصحابة (عربي ۾). جلد 4. ص. 30.
- ↑ ابن سعد. "الطبقات الكبرى، الطبقة الثانية، حديث 4545". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 24 January 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ Muhammad ibn Jarir al-Tabari. The History of al-Ṭabarī (انگريزي ۾). Albany: State University of New York Press.
- ↑ Ibn Ishaq (1955). A. Guillaume (مرتب). The Life of Muhammad: A Translation of Ibn Ishaq's Sirat Rasul Allah (انگريزي ۾). Oxford: Oxford University Press. ص. 546–548.
- ↑ ابن سعد. "الطبقات الكبرى، الطبقة الثانية". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 24 January 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ أبو الفرج الأصفهاني. "كتاب الأغاني". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 5 March 2016 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ ابن كثير. "البداية والنهاية". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 12 November 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ ابن عبد البر. "الاستيعاب في معرفة الأصحاب". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 12 November 2018 تي محفوظ ڪيل.
- 1 2 ابن الأثير الجزري. أسد الغابة في معرفة الصحابة (عربي ۾). جلد 3. ص. 61.
- ↑ ابن كثير. "فصل إسلام العباس عم النبي صلى الله عليه وسلم". (عربي ۾). جلد 4.
- ↑ نور الدين علي بن أبي بكر الهيثمي. "مجمع الزوائد ومنبع الفوائد، كتاب المناقب، باب ما جاء في العباس عم رسول الله صلى الله عليه وسلم ومن جمع معه من ولده، حديث 15469". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 12 November 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "الطبقات الكبرى، ذكر خدم رسول الله صلى الله عليه وسلم ومواليه". نداء الإيمان (عربي ۾). اصل نسخو مان 31 May 2019 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ مسلم بن الحجاج. "كتاب الجهاد والسير، باب في غزوة حنين". (عربي ۾). حديث 1775.
- ↑ المزي. "عباس بن عبد المطلب، تهذيب الكمال". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 5 March 2016 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ مسلم بن الحجاج. "كتاب الصلاة، باب أعضاء السجود والنهي عن كف الشعر والثوب وعقص الرأس في الصلاة". (عربي ۾).
- ↑ محمد بن إسماعيل البخاري. "كتاب فضائل الصحابة، باب قصة أبي طالب". (عربي ۾).
- ↑ "وفاة العباس بن عبد المطلب عم الرسول صلى الله عليه وسلم 12 رجب 32 هـ". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 5 March 2016 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ ابن حجر العسقلاني. الإصابة في تمييز الصحابة (عربي ۾). جلد 4. ص. 30.
- ↑ ابن عساكر. تاريخ دمشق (عربي ۾). حديث 26795.
- ↑ ابن كثير. (عربي ۾).
- ↑ ابن هشام. السيرة النبوية (عربي ۾). اصل نسخو مان 3 March 2019 تي محفوظ ڪيل. 4 June 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ الذهبي. تاريخ الإسلام (عربي ۾). اصل نسخو مان 25 December 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "سيد الأعمام". الأمانة العامة لأنساب السادة العباسيين (عربي ۾). اصل نسخو مان 9 April 2019 تي محفوظ ڪيل. August 2020 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Check date values in:|access-date=(مدد) - ↑ البخاري. "كتاب الاستسقاء". صحيح البخاري (عربي ۾). اصل نسخو مان 5 April 2016 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "Shamela". - ↑ ابن الأثير الجزري. أسد الغابة في معرفة الصحابة (عربي ۾). جلد 3. ص. 63.
- ↑ ابن عساكر. تاريخ دمشق (عربي ۾). جلد 26. ص. 361.
- ↑ الترمذي. "كتاب المناقب، باب مناقب العباس بن عبد المطلب". سنن الترمذي (عربي ۾). اصل نسخو مان 12 November 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ مجلة البحوث الإسلامية. "التوسل المشروع والممنوع" (عربي ۾). اصل نسخو مان 12 November 2018 تي محفوظ ڪيل. 6 June 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ مركز الفتوى. "حقيقة ودلالة توسل عمر بالعباس". إسلام ويب (عربي ۾). اصل نسخو مان 12 November 2018 تي محفوظ ڪيل. 6 June 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ علي بن برهان الدين الحلبي. (عربي ۾).
- ↑ ابن عساكر. تاريخ دمشق (عربي ۾). جلد 26. حديث 26839. اصل نسخو مان 12 November 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ الزبيدي, مرتضى. تاج العروس من جواهر القاموس (عربي ۾). جلد 10. بيروت: دار مكتبة الحياة. ص. 141. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 21 December 2024 تي محفوظ ڪيل. 22 September 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Roded, Ruth (1994). Women in Islamic Biographical Collections: From Ibn Sa'd to Who's Who (انگريزي ۾). Boulder: Lynne Rienner Publishers. ص. 37–38. ISBN 1-55587-442-8.
- ↑ الطبري. Landau-Tasseron, Ella (مرتب). The History of al-Ṭabarī (انگريزي ۾). State University of New York Press. ص. 201.
- ↑ ابن حجر العسقلاني. "11586". الإصابة في تمييز الصحابة (عربي ۾). جلد 8.
- ↑ ابن حجر العسقلاني. "1904". الإصابة في تمييز الصحابة (عربي ۾). جلد 2.
- 1 2 ابن سعد. "العباس بن عبد المطلب". الطبقات الكبرى (عربي ۾). جلد 4.
- ↑ الطبري. Landau-Tasseron, Ella (مرتب). The History of al-Ṭabarī (انگريزي ۾). جلد 39. State University of New York Press. ص. 75–76.
- 1 2 ابن حجر العسقلاني, أحمد (1415 هـ). "10899- آمنة بنت العباس بن عبد المطلب". الإصابة في تمييز الصحابة (عربي ۾). جلد 8 (1 ڇاپو). بيروت: دار الكتب العلمية. ص. 41. اصل نسخو مان 13 September 2021 تي محفوظ ڪيل. 17 September 2021 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: Check date values in:|year=(مدد)CS1 maint: year (ڳنڍڻو) - ↑ ابن سعد. الطبقات الكبرى (عربي ۾). جلد 8. ص. 466. اصل نسخو مان 14 June 2020 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ ابن فهد المكي, جار الله محمد بن عبد العزيز (2012). تحفة اللطائف في فضائل الحبر عبد الله بن عباس ووج الطائف (عربي ۾). دار الكتب العلمية. ص. 195. ISBN 978-2-7451-7155-9. اصل نسخو مان 30 March 2020 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ ابن حجر العسقلاني. "6279". الإصابة في تمييز الصحابة (عربي ۾). جلد 5.
- ↑ ابن حجر العسقلاني. "8329". الإصابة في تمييز الصحابة (عربي ۾). جلد 6.
- ↑ البلاذري. "فولد العباس بن عبد المطلب". أنساب الأشراف (عربي ۾). اصل نسخو مان 5 November 2017 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ المجلسي. حياة القلوب (عربي ۾). جلد 2. Rizvi پاران ترجمو ڪيل. ص. 1180.
{{cite book}}: Unknown parameter|title-trans=ignored (مدد) - ↑ الخوئي, أبو القاسم. "6189 – العباس بن عبد المطلب". معجم رجال الحديث (عربي ۾). جلد 10. ص. 252.
