آخوند سانوڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هالا پراڻا ۾ اولهه طرف سنڌوءَ درياهه جي ڀر ۾ رهندڙ هڪ ديني ۽ علمي خاندان جي نُک (Sub caste) جو نالو آخوند سانوڻي[1] آهي، جتي سندن نالي پويان سندن وسنئن ”آخوند سانوڻي ملن جو پاڙو“ موجود آهي، ”مشاهير سنڌ“ موجب هن خاندان جو تعلق حضرت عقيل بن ابي طالب عليه السّلام سان آهي. جيڪي پاڻ کي عقيلي سڏائين ٿا. عقيلي نسب جا هي قريشي سنڌ جي اوائلي عرب دور ۾ عراق کان ننڍي کنڊ، افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هالن پراڻن ۾ اچي آباد ٿيا، جنهن ڳوٺ مان عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي شاعر ۽ عالم، مفتي ۽ قاضي پيدا ٿيا. جن مان حاجي متين الدين (پهريون)، آخوند عبدالغفور هالائي، آخوند عبدالسميع هالائي (مغل دور)، آخوند متين الدين (ٻيو)، آخوند اميد علي ”سها“ (وفات: 15 ربيع الاول 1298ھ بمطابق 1881ء)، آخوند احمد سانوڻي هالائي (وفات 1317ھ بمطابق 1898ء)، مفتي محمد رفيق هالائي (وفات 1182ھ بمطابق 1768)، آخوند محمد قاسم هالائي، آخوند نور محمد سانوڻي هالائي (وفات 2 ذوالحج 1281ھ بمطابق 1864)، آخوند عبدالصمد سانوڻي (وفات 22 محرم 1272ھ بمطابق 1855ء)، حافظ نصرالله سانوڻي هالائي، آخوند حسيب الله (وفات 1353ھ/1934)، خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي، آخوند رحمت الله سانوڻي هالائي (وفات 15 جمادي الثاني 1304ھ بمطابق 1886ءخليفو گل محمد ”گل“ (ديوان گل جو مصنف وفات 1862ھ) مشهور آهن، ذڪر مولانا دين محمد وفائي پنهنجي ڪتاب ”مشاهير سنڌ“ ۾ ڪيو آهي.

هن خاندان جا مڪتب ذري گھٽ سڄي سنڌ ۾ موجود هئا، جن ۾ نصرپور، ٽنڊو ڄام، حيدرآباد، ٺٽو، سيوهڻ، سکر، مٽياري، هالا، ڪنڊيارو، درٻيلو، درازا ۽ ڪراچي شامل آهن. هن خاندان ۾ پهريون مڪتب مخدوم شعيب عرف مخدوم لاخيال قائم ڪيو، اهو مڪتب اوائلي سمن جي دور ۾ قائم ٿيو هو. سرور نوح جو والد مخدوم نعمت الله ولد مخدوم اسحاق به اتي ئي پڙهيو هو. آخوند سانوڻي خاندان مان ڪجهه مفتي ۽ قاضي سنڌ جي انتظامي حڪمرانيءَ جي عهدن تي وڃي پهتا. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ۾ لکيو آهي ته دهليءَ جي بادشاهه فرخ سير جي امير نواب سيف الله خان کي جڏهن ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، تڏهن هن آخوند عبدالغفور سانوڻي هالائيءَ جي ڀاءُ آخوند عبدالسميع هالائيءَ کي پنهنجو نائب ڪري مقرر ڪيو، جنهن ٻن سالن تائين (1135-1137ھ) تائين ڏکڻ سنڌ جو ڪاروهنوار هلايو، بعد ۾ رضي محمد خان پاران ٺٽي جي نوابي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ تي نواب سيف الله خان پاڻ اچي ٺٽي جي حڪومت کي سنڀاليو. نواب سيف الله خان جي وفات 9 ذوالقعد 1143ھ تائين آخوند عبدالسميع سندس خاص اميرن ۾ شامل رهيو. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا عظيم انسان“ ۾ هن خاندان جي ٺٽي ۾ آباد ”مولوي محلي“ جي سڀ کان وڏي بزرگ جو نالو قاضي قاضن پٽ محمد بن قاسم ڄاڻايو آهي. جڏهن ته هالا واري ”سانوڻي ملا محلي“ جي سڀ کان وڏي بزرگ جو نالو حاجي متين الدين هو، جيڪو دهليءَ کان اچي هالا ۾ آباد ٿيو. هالا ڀرسان خدا آباد ثاني جوڙائڻ واري عرصي ۾، ميان نور محمد ڪلهوڙي ”آخوند سانوڻين جي پاڙي“ ۾ هڪ عاليشان مسجد جوڙائي، روايت موجب هن مسجد جو بنياد پرهه ڦٽيءَ مهل آخوند خاندان جي ستر 70 حافظ قرآن عورتن وڌو، اها مسجد اڄ تائين قائم ۽ آباد آهي. انهيءَ خاندان مان لطيف سائينءَ جو هڪ دوست آخوند حاجي متين الدين به هو، لطيف سائينءَ کيس سوکڙي طور هڪ ميٽائين رنگ جو پنهنجو وڳو ڏنو هو. جيڪو مير عبدالحسن سانگيءَ جي استاد آخوند احمد هالائيءَ (87-1881ء) جي دور تائين وٽن موجود هو. هن خاندان جو قلمي ڪتب خانو، ٻين انيڪ شين سان گڏ 57-1955ء واري ٻوڏن ۾ ضايع ٿي ويو. هن ڳوٺ سان راشدين، مخدومن، مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولوي احمد ملاح، علامه عمر بن محمد دائود پوٽي، مولانا دين محمد وفائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو اچ وڃ وارو تعلق رهيو آهي. ويجھڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”تڪلمة الشعراءِ“ ۾ هن خاندان جي ڪن فارسي شاعرن جو ذڪر به ڪيو آهي، روزگار سانگي هن ڳوٺ مان ڪيترائي ”شريڪ“ گهران لڏي ٻين شهرن ڏانهن هليا ويا آهن. جن مان زبيدي پاڙو پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿي ويو، جن مان طفيل علي عبدالرحمان، حسن علي عبدالرحمٰن، عبدالجليل زبيدي، ايڊووڪيٽ جميل زبيدي ذڪر جوڳا آهن، جڏهن ته ٺٽي جي مغل دور واري گورنر آخوند عبدالسميع سانوڻي هالاڻيءَ جو خاندان ٺٽي جي عقيلي خاندان جي صورت ۾ اڄ به مولوي محلي ۾ موجود آهي. انهن مان پڻ وڏا ناليوارا اديب ۽ عالم ۽ اديب پيدا ٿيا آهن. جڏهن ته مشهور شاعر الله بخش سرشار عقيلي، ايوب دور جو وزير قانون عقيلي، ڊاڪٽر ممتاز عقيلي، ٽي. وي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي به هن خاندان جا فرد رهيا آهن، ان کان سواءِ ويجهڙائي واري دور ۾ آخوند سانوڻي خاندان مان محمد اعظم قريشي، مولوي محمود، پروفيسر محمد علي قريشي، رحمت الله قريشي، قاضي عبدالله (جنهن جي تعليمي خدمتن کي مد نظر رکي شهيد بينظير ڀٽو جي پهرين دورِ حڪومت ۾ سندس نالي تي لياريءَ ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو ويو) جڏهن ته سماجي خدمت جي ميدان ۾ جاکوڙيندڙ فهميده قريشي ۽ عبدالحفيظ قريشيءَ جو تعلق به هن خاندان سان آهي.