تحفته الڪرام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(تحفة الڪرام کان چوريل)
تحفته الڪرام
مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي
مترجم مخدوم امير احمد (سنڌي ۾)
ملڪ پاڪستان
ٻولي فارسي
موضوع تاريخ
شايع ڪندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
ابلاغي ذريعي جو قسم ڪتاب


تحفته الڪرام (انگريزي ٻولي: Tuhfatul Kiram) ڪتاب 1767ع ۾ لکيل فارسي ٻوليءَ ۾ ٽن جلدن تي مشتمل آهي جيڪو ڪلھوڙن جي دور جي قادرالڪلام شاعر، مؤرخ ۽ مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي جو لکيل آهي.[1] [2]سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران هن ڪتاب جو سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو ويو آهي. سنڌي ڇاپي جو مترجم مخدوم امير احمد ۽ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي.

متن[سنواريو]

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ مشهور قديم شهرن ۽ ڳوٺن، عالمن، فقيهن، شاعرن، بزرگ شخصيتن ۽ ولين جو احوال به شامل آهي.

حوالا[سنواريو]