مواد ڏانھن هلو

تحفته الڪرام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(تحفة الڪرام کان چوريل)
تحفته الڪرام
ليکڪمير علي شير قانع ٺٽوي
ترجميڪارمخدوم امير احمد (سنڌي ۾)
ملڪپاڪستان
ٻوليفارسي
موضوعتاريخ
ڇاپيندڙسنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
ذريعي جو قسمڪتاب



تحفته الڪرام (انگريزي ٻولي: Tuhfatul Kiram) ڪتاب 1767ع ۾ لکيل فارسي ٻوليءَ ۾ ٽن جلدن تي مشتمل آهي جيڪو ڪلھوڙن جي دور جي قادرالڪلام شاعر، مؤرخ ۽ مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي جو لکيل آهي.[1] [2]سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران هن ڪتاب جو سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو ويو آهي. سنڌي ڇاپي جو مترجم مخدوم امير احمد ۽ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي.

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ مشهور قديم شهرن ۽ ڳوٺن، عالمن، فقيهن، شاعرن، بزرگ شخصيتن ۽ ولين جو احوال به شامل آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: مير علي شير قانع جو ڪتاب - رکيل مورائي
  2. "تحفة الڪرام : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2022-04-02 تي حاصل ڪيل.