اعجاز عليم عقيلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناليوارو صحافي، اديب ۽ ٽي. وي پروڊيوسر، -اعجاز عليم عقيلي- 9 -آگسٽ- 1953ع تي -ٺٽي- ۾ ڄائو. هن پهرئين درجي کان وٺي هر امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪئي. 1963ع ۾ ننڍڙي ڄمار ۾ شاعري ڪيائين ۽ پنجين، ڇهين درجي دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ -ٺٽي- جو جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿيو. سندس علمي ادبي تربيت ۾ سندس -استاد- محسن عباسيءَ جو وڏو هٿ آهي. -اعجاز عليم عقيلي- جڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، -ان- وقت ’مڪلي پبليڪيشن‘ جي نالي سان هڪ ادبي رسالو شروع ڪيائين. مئي 1972ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو سنڌي -اخبار- هلال -پاڪستان- نڪتي ته هي -ان- جو سب -ايڊيٽر- مقرر ٿيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شاگردن جي صفحي جو انچارج ٿيو. اهڙيءَ طرح هن کي اهو فخر حاصل آهي ته هو هلال -پاڪستان- -اخبار- جي باني ڪارڪنن مان آهي. عقيلي صاحب هڪ سال تائين صحافت ڪئي هڪ سال نيشنل بينڪ ور ضلعي -ٺٽي- ۾ملازمت ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيو. هڪ سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏنائين ۽ 1974ع ۾ -پاڪستان- -ٽيليويزن- (PTV) تي هڪ سال ٽريني پروڊيسوسر جي ٽريننگ ڪيائين ۽ ٽريننگ مڪمل ڪرڻ بعد پروڊيوسر ٿيو. -ان- کان اڳ شمس عقيليءَ جي نالي سان شاعري ڪندو هو. هن -آزاد نظم- کي پي. ٽي ويءَ تي پهريون ڀيرو منظور سخيراڻيءَ کان ڳارايو. پي. ٽي ويءَ تي اچڻ کان پوءِ هن ڪافي پروگرام ڪيا، -جن- ۾ ’رتي رهاڻ‘ (جيڪو اڳتي هلي ’اوطاق‘ ۽ ’ڪچهريءَ‘ ۾ تبديل ٿيو)، ڊراما، دستاويزي فلمون، ’حالات حاضره‘، ’روشن تارا‘ (ٻارڙن جو پروگرام)، زرعي پروگرام، موسيقيءَ جا پروگرام ۽ اسٽيج شو وغيره اچي وڃن ٿا. هن جي مقبول پروگرامن ۾ وينجهار، پرک، رتي رهاڻ، -تند- تنوار، مهراڻ رنگ ۽ سنڌ سينگار شامل آهن. هن پي ٽي ويءَ -تان- گهرا گهاءَ، معذورن جو عالمي ڏينهن، ديسي سيڻ ڪجن ۽ ٻيا ڊراما ٽيلي ڪاسٽ ڪيا. عقيلي صاحب جديد موسيقي يعني ڊسڪو کي پي ٽي ويءَ تي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو. هن ڪوئيٽا جي پي ٽي وي سينٽر -تان- به ڪافي ڊراما بلوچي، -براهوي- ۽ پشتو پروگرام ڪيا، -ان- کانسواءِ مشهور بلوچي سيريل ”صحبِ اسٽار“ (صبح جو تارو) هلايائين جنهن۾ مڱڻهارن جي ڪردار کي مٿانهون ڪري ڏيکاريائين، جڏهن ته مڱڻهارن کي سماج ۾ گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو آهي. هن ڊرامي جي اهميت ۽ مقبوليت کي ڏسي -ان- دور جي سمورن -بلوچ- اڳواڻن، صوبائي ۽ قومي -اسيمبلي- جي ميمبرن -اعجاز عليم عقيلي- جي مان ۾ دعوت ڪئي جيڪا ڳالهه هن جي زندگي جو اهم واقعو آهي. سرڪاري طور هالئنڊ مان 1989ع ۾ ماڊرن پروگرام پراڊڪشن جي سکيا وٺي آيو. بيلجيم، جرمني، سعودي عرب، پئرس ۽ دبئي گهمي چڪو آهي. عقيلي صاحب ضلعي -بدين- ۾ ماڪڙ بابت دستاويز فلمون ٺاهيون. کيس ڀٽائي اوارڊ ۽ ٻيا ڪافي اوارڊ ملي چڪا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]