مواد ڏانھن هلو

ٽنڊو قيصر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(Tando Qaiser کان چوريل)
ٽنڊو قيصر
Tando Qaisar
يونين ڪائونسل
ٽنڊو قيصر is located in سنڌ
ٽنڊو قيصر
ٽنڊو قيصر
سنڌ ۾ مقام
Coordinates: 25°22′N 68°30′E / 25.367°N 68.500°E / 25.367; 68.500
ملڪپاڪستان Pakistan
صوبوسنڌ
ضلعو حيدرآباد ضلعو
تعلقوحيدرآباد ٻهراڙي
Founded byسردار قيصر خان نظاماڻي
Time zoneUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )




ٽنڊو قيصر (ٽَنڊو قَيصَرُ، اردو: ٹنڈو قیصر، انگريزي: Tando Qaiser) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ضلعي اندر هڪ ننڍو شهر ۽ يونين ڪاؤنسل آهي. هي شهر ٽنڊي ڄام کان پنج ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي ۽ تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ اچي ٿو. هي شهر ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ آباد ٿيو ۽ انبن جي باغن جي لاءِ مشهور آهي.

ٽنڊو قيصر ۾ گهڻي آبادي نظاماڻي بلوچن جي آهي. انهن کان سواءِ هتي سيد، خاصخيلي، ڪوري، شيدي، ڪنڀر، پٺاڻ پڻ رهن ٿا، ۽ هندن ۾ ڪولهي ۽ مينگهواڙ گهراڻا آباد آهن. يونين ڪاؤنسل جي آبادي ٿلهي ليکي 28 هزار آهي.

ٽنڊو قيصر شهر جي ڀر ۾ سيد مراد شاه جو مزار آهي جتي هر سال ميلو پڻ لڳندو ھو. جيڪو هاڻ ڪافي وقت کان نه لڳي رهيو آهي. هن صوفي درويش جي متعلق ڪا تاريخي معلومات نٿي ملي، پر عوام جي اعتقاد مطابق سيد مراد شاه هڪ صوفي درويش ۽ بزرگ هو.

تواريخ

[سنواريو]

ڪلھوڙن جي دؤر ۾ سردار قيصر خان نظاماڻي ۽ سردار علودي خان نظاماڻي جي والد فقير محمد عرف ڳاڙهو خان ۽ سندس ڀائرن بکر خان احمد خان زردار خان ۽ فتح محمد عرف ڦتو خان آباد ڪيو ڪجھ عرصي کانپوء ڦتو خان ھتان لڏي ويو باقي ڀائرن جو اولاد ھتي رھيو گھڻي وقت کان پوءِ زردار خان نظاماڻي جو اولاد ھتان لڏپلاڻ ڪري سھراب ڳوٺ ڪڙيو گهنور ويا البت ھڪ گھر اڃا تائين ھتي اصلي جا۽ تي رھي ٿو

علوداڻي پاڙو ھن پاڙي وارا سردار علودي خان نظاماڻي جو اولاد آهن

قيصراڻي ھن پاڙي جا ٻه حصا آهن قيصراڻي ھي سردار قيصر خان نظاماڻي جي پھرين گھرواري جو اولاد آهن وڏو در چيئرمين پاڙو ھي قيصر خان نظاماڻي جي ٻي گھرواري جو اولاد آهن

بکراڻي پاڙو ھن پاڙي وارا سردار قيصر خان نظاماڻي جي چاچي بکر خان نظاماڻي جو اولاد آهن

نظراڻي پاڙو ھن پاڙي وارا سردار قيصر خان نظاماڻي جي سؤٽ نظر علي خان نظاماڻي جو اولاد آهن زرداراڻي ھي سردار قيصر خان نظاماڻي جي چاچي زردار خان نظاماڻي جو اولاد آهن

حمزاڻي پاڙو ھي سردار قيصر خان نظاماڻي جي ڏاڏي سردار غلام حسين خان نظاماڻي جي سؤٽ جا اولاد آهن

مذهب

[سنواريو]

ٽنڊي قيصر ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي. هندو اقليت شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رهي ٿي، جن ۾ ڪولهي ۽ مينگهواڙ شامل آهن. مسلمانن ۾ سُني اڪثريت ۾ آهن ۽ اڪثر مسجدون سُنين جون ئي آھن جڏھن تہ ڪنھن ھڪ اڌ مسجد ۾ ناواقف ڀائرن جو تسلط آهي ۽ تبليغي جماعت جا وفد ڏيھ توڙي پرڏيھ کان تبليغ جي سلسلي ۾ اڪثر ايندا رھندا آھن جنھن جي ڪري ھتي فرقيواريت بلڪل نہ آھي ھتي اهل تشيع جي بہ ڪجهه تعداد رهي ٿي، جڏهن ته سلفي يا اهل حديث جي (چند افراد کان سواءِ) موجودگي نه آهي.

ٽنڊو قيصر جا نظاماڻي شروع کان ئي سُني هئا ۽ صوفي بزرگن، عالمن جا مريد هئا. مشهور صوفي بزرگ سيد محمد راشد شاه عرف روضي ڌڻيءَ جو به هن ڳوٺ ۾ اچڻ ٿيو هو. ڳوٺ جو باني سردار قيصر خان نظاماڻي به سندس مريد هو. پير روضي ڌڻيءَ کان پوءِ سندس وڏي خليفي فقير محمود نظاماڻي ڪڙيو گهنور واري به ٽنڊي قيصر ۾ تبليغ جاري رکي ۽ سندس ڪيترائي مريد هن ڳوٺ ۾ هئا. هُن کا پوءِ هتي جي اڪثريت پير جهنڊي جي درگاه سان وابسته رهي.

ويهين صديءَ جي آخر ۾ تبليغي جماعت جي ڪري ٽنڊي قيصر ۾ وهابيت جو رواج پيو. هاڻوڪي وقت ۾ تمام ٿورا افراد عملي طور صوفي بزرگن جا پوئلڳ آهن. جماعت اصلاح المسلمين جي هڪ برانچ ٽنڊو قيصر ۾ موجود آهي جنهن جي ذريعي شهر جي آبادي ٻيهر صوفين سڳورن جي طريقي ۽ تعليمات کان واقف ٿي رهي آهي.

ادب ۽ فن

[سنواريو]

سنڌي ادبي سنگت جي ٽنڊي قيصر ۾ هڪ برانچ آهي جنهن جي نگهباني مشهور اديب ۽ شاعر آسي زميني ڪري رهيو آهي. آسي زميني جي لائبريري دانش گاه منصوريه به عوام لاءِ کليل آهي. جيڪا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. ائين ان جي جاء تي آسي زميني جي اولاد جو دڪان موجود آهي. ٽنڊي قيصر جا هيٺيان افراد ادب ۽ فن ۾ مشهوري حاصل ڪري چڪا آهن.

  • فتح محمد نظاماڻي، عالمِ دين ۽ مفسرِ قرآن، جنهن جي سنڌيءَ ۾ لکيل تفسير سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي چڪي آهي.
  • محمود آسي نظاماڻي، اديب، ليکڪ، شاعر ۽ سنڌيڪار
  • قيصر خان نظاماڻي، مشهور ٽي وي اداڪار ۽ پروڊيوسر
  • سڪندر ستايل نظاماڻي، اديب ۽ شاعر
  • صوفي شوڪت نظاماڻي، اديب
  • ڊاڪٽر علي نواز نظاماڻي، اديب

ادارا

[سنواريو]

ٽنڊو قيصر ۾ هيٺيان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.

  • ٽنڊو قيصر بوائز هائي اسڪول (سرڪاري)
  • ٽنڊو قيصر گرلز مڊل اسڪول (سرڪاري)
  • حبيب بئنڪ برانچ ٽنڊو قيصر (غير سرڪاري)
  • ٽنڊو قيصر رورل هيلٿ سينٽر (سرڪاري)
  • ٽنڊو قيصر اينيمل هيلٿ سينٽر (سرڪاري)
  • جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان برانچ ٽنڊو قيصر (غير سرڪاري)

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

ٽنڊو قيصر ۾ ٿيل جماعت اصلاح المسلمين جو سالانه ديني جلسو 2013

حوالا

[سنواريو]