خاصخيلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاريخ خاصخيلي (عربي ڪتابن جا حوالہ تاريخ الانساب ) المام ابي سعد عبدالڪريم بن محمد ابن منصور التميمي

السعاني وفات ،.662” هجري هڪ ڪتاب. ، الانساب ،لکيو آهي جنهن جي پهرين جلد ۾ آهي. قريش قوم جي خاص قبيلي جڏهن جهاد ڪيو ت نسب جي ماهرن خاص جي پٺيان الخيلي لڳايو مطلب سلطان جي جي لشڪر جي اڳواڻي ڪندڙ .عربي ۾ گهوڙي کي خيل چيو وڃي ٿو . معنيۡ سلطان جي لشڪر جي اڳواڻي ڪندڙ . خاص سپهه سالار جيئن ت اوائلي دور ۾ جنگيون گهوڙن تي چڙهي وڙهيون وينديون هيون جنهن ڪري اڳواڻي ڪندڙ ۽ ٻيا هميش گهوڙن ۽ اٺن تي لشڪر وٺي ويندا هئا ۽ اڳواڻي ڪندڙ يا سپهه سالار، هڪ سينگاريل خاص ۽ ڀلي گهوڙي تي سوار هوندو هو. جنهن ڪري ان کي خيلي چيو ويندو هو. اها ان جي سڃاڻپ هئي جيڪا اڳتي هلي هن ۽ ان جي خاندان جي سڃاڻپ بڻجي وئي ۽ پوء ذات ۾ بدلجي وئي  . اهڙي طرح هڪ ٻئي عربي ڪتاب ،صبح الاعشي في ضناعت النشا، جلد پهريون تاليف احمد بن علي القلقندي (وفات 841 هجري) ۾ لکيو ويو آهي ت اهي خاص اصل ۾ قريش آهن جيڪي بن زيد بن حزم بن جرام جن جو سلسلو آخر عدنان سان وڃي

تاريخ خاصخيلي مولائي شيدائي بروھي 1962 رحيم داد مولائي شيدائي رسالي ڳوٺ سڌار ۾ خاص خاص خيلي مضمون ۾ لکي ٿو ؛خاص خيل جنگ جي ميدان يا درٻار جي موقعن تي سر خيل سوار دستن مان ڪي قابل اعتماد جانباز بادشاھ پنهنجي لاء محافظ تيار ڪندا هئا جن کي اڄڪلھ باڊي گارڊ چون ٿا. جنگ جي ميدان ۾ خاصخيلي کي سر جاندار سڏيندا هئا. جنگ جي ميدان ۾ سڀني اڳيان مقدم دستو رهندو هو. اهڙي طرح هڪڙو فوجن جي پٺيان هڪڙو دستو ساڄي کان ٻيو کاٻي کان ليڪن صفن جي نگراني ڪرڻ تي خاص خيل مقرر هئا. هر فوجي دستي ۾ هڪڙو خاصخيلي بادشاھ وٽ خبرون پهچائڻ لاء مامور هو. اهڙي طرح خاصخيلي کي ڪيفيت نويس چوندا هئا. ڪتاب سماٽ ۾ الهر کيو ٻٽ لکي ٿو ت مسلمان بادشاھن هندو راجائن وانگر بادشاهي ڪئمپ لاء هڪ خاص لشڪر تيار ڪيو، جيڪو بادشاهي شهر محلات ۽ جنگ جي وقت انهن جي مٿان پهرو ڏيندو هو. جن کي خاصخيلي چيو ويندو هو. سنڌي لغت موجب خاصخيلي يعني خاص گھوڙي سوار فوجي ۽ عربي لغت ۾ بہ ھن جي معني اھا آھي. رحيمداد خان مولائي شيدائي تاريخ خاصخيلي 1962 ۾ لکي ٿو خاصخيلي اصل عرب آھن جيڪي عمان کان نڪري پھريان مڪران ۽ پوء لسبيلہ ۾ رھائش پزير ٿيا سندس شمار عرب المستعربہ سان آھي. سندس سردار ھارون بن ذراع ھو جيڪو خاصخيلين جو وڏو ھو. ٻارھان عرب آيل انھي لاء ڄاڻل آھي ڇو تہ حضرت ابراهيم جو وطن بابل ھو جو عراق ۾ آھي اتان نڪري عربستان ۾ پکرجي ويا .قريش جو قبيلو قيدار حضرت اسماعيل جي ٻي نمبر پٽ جي نسل مان آھي قيدار جي نسل مان عدنان جي شاخ مان حضور صلي الله عليه وآله وسلم پيدا ٿيا. حضرت ابراهيم عليه اسلام جن جو نسل عرب ۾ پکرجي ويو نميري منصور جو اولاد آھن. خاصخيلي جي لعوي معني . خاصخيلي نالو ٻن لفظن جو مرڪب آهي(۱) خاص معني نج/ذاتي) (۲) خيل معني فوج يا جماعت يا گھوڙي سوار فوجي ٻي لفظ عربي آھن. جيتو ڻيڪ ھر جنگ ۾خاصخيلي في سبيل الله ۾ حصو وٺندا رھيا.تنھن ڪري ان مجاھد قبيلي تي اھو نالو پيو . خاصخيلي نالو جنگي قوت سان تعلق رکي ٿو يعني چونڊ سپاھي خيل لفظ اڪثر بلوچستان افغانستان ۽ اتر پنجاب ۾اڄ بي سڏجي ٿو مثلن بلوچستان ۾سردارن جي جماعت يعني سردار خيل چون ٿا. سليمان جي جماعت کي سليمان خيل چون ٿا. دائود خيل معني دائود جي جماعت يعني خاص خيل مان ظاھر آھي اھا ذات عربي النسل مان آھي .

(خاصخيلي فوج جو  پس منظر)

خاص خيلي معني فوج اھا فوج جيڪا بارگاہ سلطاني ۾ حاضر رھندي ۽ سفر ۽ حضر ۾ بادشاهن سان رڪاب رھندي ھئي انھي فوج ۾ اھڙا سپاھي چونڊا ھئا جيڪي قد ۽ بت شڪل ٬ صورت ٬ قوت ۽ جسارت ۾ خاص طور اعلي ھجن انھن جون ورڌيون خوبصورت ھيون ۽ ھٿيار سان مسلح ھئا سندن ھٿيارن تي سون ۽ چاندي جو ڪم ڪيل ھو.خاص خيل فوج جو رواج ساساني حاڪمن وڌو. جيڪو پوئين ساساني شھنشاھ جي ارد گرد خاص خيلي فوج جو تعداد ۴۰ ھزار ھو۽ اھي دي پيل ديلم جا جوان ھئا . قدسيہ جي لڙائي ۾ ايرانين جي شڪست کائڻ کان پوء انھن اسلام قبول ڪيو ۽ اسلامي لشڪر جي سپہ سالار حضرت سعد بن ابي وقاص انھن کي ڪوفي جي ڇانوڻي ۾ رکيو . خاصخيلي فوج جا شروعاتي حالات ھٿان شروع ٿين ٿا مسلمانن بادشاھن جي بہ انھن ساڳي طريقي تي محافظ فوجين جا دستا مقرر ڪيا ھيا جيتوڻيڪ شھنشاھن خاصخيلين تي فوجي اصطلاح ۾ مفردان نالو رکيو ۽ ھر ھڪ سپاھي جو نالو رجسٽر ۾ داخل ڪيو جن ۾ نقري ڍالون سون سان مڙھيل ۽ نقري نيزا ھئا جن تي ڪلائي جو ڪم ڪيل ھو انھن مان پنجاھ سپاھين مٿان ھڪڙو علمدار مقرر ھو جو ڪم کين وڙھائي ڏيندو ھو . پيادن خاصخيلين جو تعداد ۴۰۰۰ ھزار ۴ ھزار ھو . خاصخيل/ يا خاص خيلي فوجي فتوحات سنڌ . مڪران ھڪ جابلو علائقو آھي اتي جا رھاڪو اڪثر فساد ڪندا ھئا ۲۰ صدي تائين مڪراني بلوچ انگريز کان فساد ڪندا رھيا ان کان سواء حجاج بن يوسف جي ڏينھن۾ علائقي ڀائرن فساد ڪري عمان کان ڀجي مڪران ۾ پناہ ورتي . فسادين کي روڪڻ لاء حجاج محمد بن ھارون کي مڪران جو عامل مقرر ڪيو جنھن پنھنجي جماعت جنھن ۾خاصخيلي شامل ھئا . علافين کي قيد ڪيو ھو . محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ شامي ۽ عراقي سپاھي ھئا . محمد بن قاسم جڏھن شيراز کان مڪران پھتو تڏھن محمد بن ھارون ۳۰۰۰ ھزار لشڪر سان ساڻس ھمراہ ٿي ھليو جنھن ۾ اڪثر مڪران ۾ رھندڙ عرب مجاھد ھئا جن جي بازن جي قوت سان لسٻيلو فتح ٿيو محمد بن ھارون ھتي وفات ڪئي سندس مزار لسٻيلي ۾ رھائش گاہ آھي اڄ تائين لسٻيلي ۾ خاصخيلي رھن ٿا وري جڏھن جيڪي غازي محمد بن قاسم سان سنڌ ۾ داخل ٿيا تن ڊيبل سيوستان ٬ برھمڻ آباد ٬الور ۽ ملتان تائين جھاد ۾ حصو ورتو ۽ سنڌ ۾ ٽڙي پکڙجي ويا اھي اڄ بہ صديقي ٬ فاروقي ٬بنو حارث٬ بنو تميم ٬ بنو انصار ٬ بنو مغيرہ ۽ خاصخيلي وغيرہ سڏجن ٿا. خاص خيلي قبيلو سنڌ سميت عربستان، مصر، هندستان ۽ ملڪ جي ڪيترن هنڌن تي آباد آهي. مغل ۽ سنڌ جا ٻيا حاڪم به پنهنجيءَ حفاظت لاءِ ’خاص خيل‘ فوجي دستا مقرر ڪندا هئا. ٽالپرن جي دؤر ۾ به خاصخيلي جنگجو ۽ بهادرن جي حيثيت ۾، حڪمرانن سان گڏ حرم سراءِ جا نگهبان رهيا آهن، جنهنڪري راڄ ۾ سندن عزت هئي ۽ منجهانئن ڪي خاص وزير به بڻيا. ڪتاب ’تاريخ خاص خيلي‘ مرتب ملڪ محسن خاصخيليءَ جي لکڻ موجب خاص خيل فوج، قنوج جو قلعو فتح ڪرڻ ۾ سلطان محمود عزنويءَ جي وڏي مدد ڪئي هئي، وڏي تعداد ۾ خاص خيل لشڪر جڏهن سلطان جي فوج سان گڏ قنوج پهتو ته اتان جو ’راجا ڪورهه‘ حشمت ۽ شوڪت ڏسي دهلجي ويو ۽ قاصد موڪلي اطاعت جو اظهار ڪيائين.“ وڪيپيڊيا موجب خاص خيل قبيلو عربن سان سنڌ ۾ گڏجي آيو هو. خاصخيلين ٽالپرن جي ڪمان هيٺ انگريزن سان جنگ ڪئي هئي ۽ جڏهن ٽالپور دور جو خاتمو ٿيو ته خاصخيلي پير صاحب پاڳاري جا مددگار ٿي وڙهندا رهيا. هن وقت خاص خيلي قبيلو وڏي تعداد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد آهي. سجاول شهر جو نالو به سجاول خاصخيليءَ جي پٺيان پيل آهي. حر تحريڪ جو بهادر گوريلو بچو بادشاهه به خاصخيلي هو. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڳڻڻ جهڙا نالا ٿي گذريا آهن

خاصخيلي ذات جا پاڙا.(۱) ڪنڊاڻي (۲). شابراڻي.3.دائو داڻي.4.ٽوٽاڻي.5.غيباڻي.6.ديرائي.7.اميراڻي.8.خوشحالاڻي.9. سارنگاڻي.10“گدارا.11.گلاباڻي 12.ميرداڻي.13.مراداڻي.14.ملڪ.15.مومن.16. نماڻي. 18.ڪلاتي .19.لاسي.20.طالباڻي.21.دولاڻي.22.عمراڻي.23.ميواڻي.24.حسناڻي.25.هويداڻي . 26.رنگائي.27.ڪوٽائي.28.ريڍر.29. اهيري.30.ف دوها.31.قمبراڻي.32.دولائي.33.وداڻي.34.گاڳياڻي.35.ٻولهاڙا.36.طاهراڻي.37.ڪانٽائي .38.عارباڻي.39.ڪارولي.40.وڪيلاڻي.41.فاصلاڻي .42.محموداڻي.43.مارماڻي وغيرہ..

اڪثريت[سنواريو]

ڪراچي ٬بدين ٬ ٺٺي ٬ سانگھڙ ٫٬ نوابشاه ٬ خيرپور ميرس ٬ مٽياري ٬ سجاول ٬ جامشورو ٬ ڪوھستان ٬ نوشهروفيروز ٬ ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آھن. ھن کان علاوہ بلوچستان جي لسبيلہ ۾ بہ خاص خيلين جي اڪثريت آھي. خاصخيلي قبيلو سنڌ ۾ گھڻو ڪري سنڌي ۽ سرائيڪي گالاھيندو آھي ۽ بلوچستان ۾ سنڌي جو لاسي لھجو گالاھيندو آھي. خاص خيلي قبيلو سنڌ سميت افغانستان ؛ .مصر ،هندستان ۽ ملڪ جي ڪيترن هنڌن تي آباد آهي .مغل ۽ سنڌ جا ٻيا حاڪم به پنهنجيءَ حفاظت لاءِ ’خاص خيل ‘فوجي دستا مقرر ڪندا هئا .ٽالپرن جي دؤر ۾ به خاصخيلي جنگجو ۽ بهادرن جي حيثيت ۾ ،حڪمرانن سان گڏ حرم سراءِ جا نگهبان رهيا آهن ،جنهنڪري راڄ ۾ سندن عزت هئي ۽ منجهانئن ڪي خاص وزير به بڻيا .ڪتاب ’تاريخ خاص خيلي ‘مرتب ملڪ محسن علي جي لکڻ موجب خاص خيل فوج ،قنوج جو قلعو فتح ڪرڻ ۾ سلطان محمود عزنويءَ جي وڏي مدد ڪئي هئي ،وڏي تعداد ۾ خاص خيل لشڪر جڏهن سلطان جي فوج سان گڏ قنوج پهتو ته اتان جو ’راجا ڪورهه ‘حشمت ۽ شوڪت ڏسي دهلجي ويو ۽ قاصد موڪلي اطاعت جو اظهار ڪيائين .“وڪيپيڊيا موجب خاص خيل قبيلو عربن سان سنڌ ۾ گڏجي آيو هو .خاصخيلين ٽالپرن جي دور ۾ انگريزن سان جنگ ڪئي هئي ۽ جڏهن ٽالپر دور جو خاتمو ٿيو ته خاصخيلي پير صاحب پاڳاري جا مددگار ٿي وڙهندا رهيا .


هن وقت خاص خيلي قبيلو وڏي تعداد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد آهي .سجاول شهر جو نالو به سجاول خاصخيليءَ جي پٺيان پيل آهي .حر تحريڪ جو بهادر گوريلو بچو بادشاهه به خاصخيلي هو .ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڳڻڻ جهڙا نالا ٿي گذريا آهن

خاصخيلي ذات جا پاڙا[سنواريو]

خاصخيلي.2. شابراڻي.3.دائو داڻي.4.ٽوٽاڻي.5.غيباڻي.6.ديرائي.7.اميراڻي.8.خوشحالاڻي.9. سارنگاڻي.10“گدارا.11.گلاباڻي 12.ميرداڻي.13.مراداڻي.14.ملڪ.15.مومن.16. نماڻي. 18.ڪلاتي .19.لاسي.20.طالباڻي.21.دولاڻي.22.عمراڻي.23.ميواڻي.24.حسناڻي.25.هويداڻي .26.رنگائي.27.ڪوٽائي.28.ريڍر.29. اهيري. 30.قمبراڻي.31.دولائي.32.وداڻي.33.گاڳياڻي.34.ٻولهاڙا۔ 35۔ طاهراڻي.36.ڪانٽائي .37.عارباڻي.38.ڪارولي.39.وڪيلاڻي.40.فاصلاڻي .41.محموداڻي.42.مارماڻي....وغیرہ[1]۔


حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :1