پالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مٿين تصوير سنسڪرت جي ديوناگري لکت ڏيکاري ٿي ۽ ھيٺين ۾ پالي ٻولي برمي اسڪرپٽ ۾ لکيل ڏيکاريل آهي

پالي انگريزي (Pali) آڳاٽي دور ۾ سنڌ ۾ رائج ٻولي هئي. سنڌ ۾ خاص طور راءِ گهراڻي يا راء جي سنڌ تي حڪومت کان پرهمڻ گهراڻي تائين توڙي وچئين دور (Medieval Period) تائين ٻڌمت يا ٻڌ ڌرم جي مقدس زبان رهي جنهن ۾ کوڙ لفظ اڄ به سنڌي ٻولي جا موجود آهن.[1] هن ٻوليءَ جو آريائي ٻولين سان تعلق جڙيل آهي.پالي جي لِپِي ديوناگري لِپي يا برهمي لپي وانگر آهي. پالي سنڌ،پاڪستان، هندستان توڙي سريلنڪا جي ڪيترن ئي ٻڌ مندرن ۽ جبلن تي اڪريل ملي ٿي.[2]

حوالا[سنواريو]