گوبند پنجابي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گوبند پنجابي (انگريزي:Gobind PanjabI) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو ترقي پسند ۽ جديد ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سنڌيڪار هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

گوبند پنجابي سنڌ جي شڪارپور ضلعو جي شڪارپور شهر ۾ 8 اپريل 1918ع تي جنم ورتو.[1][2]

ساهتي ڪم[سنواريو]

 گوبند پنجابي جي ذهن ۾ ترقي پسندي واري سوچ  لکڻ جو نئون جذبو پيدا ڪيو.  مارڪسي ادب جي اثر هيٺ هن ۾ لکڻ جو شوق جاڳيو. هن ڪراچيءَ ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر کوليو. گوبند ڪراچيءَ ۾ 1942ع ۾ ’انڊيا پرنٽنگ پريس‘ خريد ڪري هلائي، هن ڪتاب گهر ۽ پريس وسيلي ڪيترائي ترقي پسند سوچ فڪر جي موضوع تي سنڌيڪاري ٿيل توڙي اصلوڪا شايع ڪيا. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ لڏي ويو.هندستان ۾ به لکڻ  جاري رکيائين. اتي ”سنڌي ساهت منڊل“ جي ادبي ڪلاسن ۾ حصو ورتائين. منگهارام ملڪاڻي ۽ گوبند مالهي ءَ، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي پرڪاش، سُندري اُتمچنداڻي، ڪرشن راهي، موهن ڪلپنا، پوپٽي هيراننداڻيءَ سان گڏ گوبند پنجابي پڻ هنن ادبي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. گوبند لڳ ڀڳ 150 ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي مختلف مخزنن، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.[3][1]

ڪتاب[سنواريو]

پنجابي جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سرد آهون‘ 1940ع ۾ شايع ٿيو. سندس ناول 1938ع ۾ ڇپيو.[1]

اوارڊ[سنواريو]

  • سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ, دهليءَ
  • اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ساهت سڀا ڀارت اوارڊ2001ع[1]

ديهانت[سنواريو]

گوبند پنجابي 9 آگسٽ 2002ع ۾ ممبئي ۾ ديهانت ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 "پنجابي گوبند : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-04. 
  2. "Gobind Punjabi | Sindhi Sangat". www.sindhisangat.com. حاصل ڪيل 2020-10-04. 
  3. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: گوبند پنجابي". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-10-04.