سندري اتمچنداڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سندري اتمچنداڻي
پيدائش سندري
28 سيپٽمبر 1924(1924-09-28)
حيدرآباد، سنڌ برٽش انڊيا
وفات 8 جُولاءِ 2013 (عمر 88 سال)
ڀارت ڀارت
قوميت ڀارت (26 جنوري 1950 کان)
تعليم ايم اي (انگريزي ادب)
مادر علمي تولارام گرلس ھاء اسڪول حيدرآباد
بنارس ھندو يونيورسٽي
اين ڊي ٽي يونيورسٽي
پيشو ليڪچرار
شھرت جو ڪارڻ سنڌي ٻوليءَ جي اديب، ليکڪ ۽ شاعر
جيون ساٿي اَي جِي اُتم
اعزاز
  • ساهتيا اڪيڊمي ايوارڊ
  • سويت لينڊ نهرُو امن ايوارڊ


سُندري اُتمچنداڻي (انگريزي:Sundri Utamchandani) (جنم: 28 سيپٽيمبر 1924ع _ وفات:8 جولاءِ 2013ع) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ هئي. [1] . اي.جي.اُتم جيڪو پاڻ به ترقي پسند ليکڪ آهي هيءَ ان جي زال هئي. هن کي سندس سنڌي ۾ نوَ مختصر ڪهاڻين جي ڪتاب وڇوڙو، جيڪو تي ساهتيا اڪيڊمي ايوارڊ1986 ۾ ساهتيا اڪيڊمي طرفان ڏنو ويو[2][3] .

سوانح حيات[سنواريو]

سُندري اُتمچنداڻي 28 سيپٽيمبر 1924 تي حيدرآباد، سنڌ هاڻوڪي پاڪستان) ۾ جنم ورتو. سنڌ ۽ هند جي اوچي معيار ۽ پد جي ليکڪائن ۾ سندري اتمچنداڻيءَ جو نالو ڳڻيو وڃي ٿو. سندس سڄو نالو سندري آسنداس اُتمچنداڻي آهي. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس هئي، پر شاعرا پڻ هئي. هوءَ ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج آرٽسٽ به رهي آهي. گذريل ساٺيڪو سالن کان ادب جي ميدان ۾ سرگرم آهي. نامور دانشور ۽ اديب اي. جي. اُتم جي گهر واري هئي. هن پرائمري تعليم شو قيرام چانڊومل ميونسپل اسڪول حيدرآباد مان ورتي ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول مان 18 ورهين جي ڄمار ۾، 1942ع ۾ ڪيائين. ذهين هئڻ ڪري بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهي، اُتان انٽر سائنس ڪيائين، پر ڪراچيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا نه ملڻ ڪري، پڙهائي اڌ ۾ ڇڏيائين. ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس مڱڻو اي. جي. اتم سان ٿيو، جنهن کيس پڙهڻ لاءِ همٿايو، پر انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج نه هو، ان ڪري پڙهائي جاري رکڻ لاءِ ساڌو واسواڻيءَ جي ميران ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. پوءِ ريت هن بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي جو امتحان 1949ع ۾ پاس ڪيو، ورهاڱي کان پوءِ ڪيترن سالن پڄاڻان ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ جو اثر پيس ۽ ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق جاڳيس. تعليمي اڀياس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لئبريرين طور ۽ ڪجهه وقت ماسترياڻيءَ طور خدمت سرانجام ڏنائين. هن آفيس ۾ ڪلارڪي به ڪئي ۽ بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرر طور رٽائر ڪيائين.

سندريءَ کي ننڍي هوندي کان ڪتابن سان ڏاڍي دلچسپي هئي، ڀارت ۽ يورپ جي ڪن اديبن جو مٿس اثر پيو. ڪراچيءَ ۾ عورتن جي رسالي ”ساٿي“ جي ڪجهه وقت ايڊيٽر پڻ رهي ۽ ان دوران هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري، ان رسالي ۾ ڇپايائين. هن کي اٿندي ئي ادبي ماحول مليو، ترقي پسند ويچارن ڏانهن لاڙو هيس، سندس پهرين لکڻي ”منهنجي ڌيءَ“ هئي، جيڪا 47-1946ع ڌاري ”ساٿي“ مخزن ۾ ڇپي.

1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) قائم ٿي ته ان جي هفتيوار ڪلاسن ۾ شرڪت ڪيائين. هن ٻاهرئين ادب مان ڪيتريون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ۽ طبعزاد ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيائين. اُتم جي رسالي ”نئين دنيا“ کان سواءِ هندو واسي، مارئي، سنگيتا، هلچل، الڪا ۽ ٻين رسالن ۾ سندس لکڻيون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون ۽ آهستي آهستي مقبوليت حاصل ڪيائين. ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريمچند، يشپال، شيڪسپيئر، هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هار ڊي ۽ اوهينري ۽ ٻين ليکڪن جو مٿس گهرو اثر پيو.

سندس ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ، جيوڻي، سفرنامي جي صنفن لکڻ سان گڏ شاعري ڪئي، سندس ڪهاڻين جا هيٺيان مجموعا ڇپيل آهن.

  • (1). ”اڇا وار ڳاڙها گل“ (1965ع)،
  • (2). ”تو جنين جي تات“ (1970ع)،
  • (3). ”ڀوري“ (1979ع)،
  • (4). ٻنڌن “ (1982ع)،
  • (5). ”وڇوڙو“ (1985ع)،
  • (6). ”يگانتر“ (1989ع)،
  • (7). کيڙيل ڌرتي“ (1992ع)،
  • (8). ”مرڪ تي منع“ (1992ع)،
  • (9). ”آتم وشواس“ (1999ع)،
  • (10). ”نخريليون“ (2001ع).

سندس ٻه اهم ناول (1). ڪرندڙ ديوارون (1953ع) ۽ (2). پريت پراڻي ريت نرالي (1986ع) ڇپيل آهن، جن کيس وڏي مقبوليت ڏني. هن اصلوڪا ناول لکڻ سان گڏ ڪجهه ناول ترجمو به ڪيا. جهڙوڪ: ٽٽل ساز (مئڪسم گورڪي: 1956ع)، پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون (ڪرشنچندر: 1956ع)، هڪ سسئي سؤ سور (امرتا پريتم) ۽ ملايالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول جو ترجمو: ”ساگر جي سنتان“.

سندريءَ جي مضمونن جو ڳٽڪو ”ڀارت روس ٻه ٻانهن ٻيلي“ (1975ع) ۾ ڇپيو. سندس ناٽڪن ”’املهه ماڻڪن جو واپار“ ۽ ”ساهيڙي“ وڏي مڃتا ماڻي. سندس ناٽڪن جو ڪتاب ”سنڌو“ 2000ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس ڏهه ناٽڪ آهن.

سندريءَ شاعري به ڪئي آهي ۽ منظوم ترجما به ڪيا آهن. 95 روسي شاعرن جي ترجمو ڪيل شاعري ”امن سڏي پيو“ (1965ع) نالي سان ڇپيو، جنهن تي کيس 1966ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو انعام ۽ ڏهه هزار رپيا مليا. سندس طبعزاد شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”هڳاءُ“ (جولاءِ 1993ع) ۽ ”ڏات بڻي لات“ (مارچ: 2004ع) ڇپيل آهن، جن ۾ سندس آزاد ۽ پابند شاعري شامل آهي. هن جا مارڪسوادي ويچار ڌارا هيٺ روسي ادب مان چونڊ ”شولو خوف جي جهلڪ“ عنوان سان 1975ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ ليونڊ بريز نيف جون يادگيريون، ٽن ڪتابڙن جي صورت ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. ”ملايازيمليا“ (1978ع)، ”نئون جنم“ (1978ع) ۽ ”ڪنواري ڌرتي“ (1979ع). هن ڪتاب تي کيس ٻيو ڀيرو سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ (1979ع) ۽ گڏوگڏ 14 ڏينهن جو روس جو مهماني دورو نصيب ٿيو، ان دوري کان پوءِ هن ”نئين سڀيتا جو درشن“ (1980ع) عنوان سان روس جو سفرنامو ڇپايو، کيس ڪهاڻي چٽاڀيٽي ۾ 1952ع ۾ ”ممتا“ ڪهاڻي لاءِ، 1954ع ۾ ”ڪوشان“ ڪهاڻي لاءِ ۽ مکيه ڪهاڻيڪارن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ 1960ع ۾ ”وڇوڙو“ ڪهاڻي تي 1981ع ۾ ”ڀوري“ ڪهاڻي، ڪتاب تي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي پاران انعام مليا. ”وڇوڙو“ ڪتاب ساهت اڪادمي (ڏهه هزار رپيا) انعام، 1985ع ۾ ٻولي ۽ ساهت سڀا' اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا مبمئيءَ پاران (ڏهه هزار رپيا) انعام، سنڌي پنچائت فيڊريشن پاران انعام (1985ع) ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي پاران ”گوڙو پراسڪار“ انعام (هڪ لک رپيا روڪ) مليو. سندري اُتمچنداڻي ماهيم بمبئيءَ ۾ رهندي هئي.[4]

ادبي سفر[سنواريو]

لکڻ جي شروعات 1946 ۾ ڪيائين.

حاصل ڪيل ايوارڊ[سنواريو]

  • ساهتيا اڪيڊمي ايوارڊ
  • سويت لينڊ نهرُو امن ايوارڊ

ٽيلي فلم ٺاهيائين[سنواريو]

بندهن 1986- هندي ۾.

لکيل ڪتابن جي فهرست[سنواريو]

  • ڪرندڙ ديوارون
  • امن سڏي پيو
  • پريت پُراڻِي رِيتِ نِرالِي

ديهانت[سنواريو]

سنڌري اُتم چنداڻي 8 جولائي 2013ع ۾ ديهانت ڪري وئي.

حوالا[سنواريو]

  1. Tunio, Hafeez. "سُندري اُتم چنداڻِي،مشهور سنڌي افسانه نگارديهانت ڪري وئي – The Express Tribune". Tribune.com.pk. حاصل ڪيل 30 October 2015. 
  2. Sahitya Academy Awards in Sindhi, وقت 2011-07-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2015-10-30 
  3. Lal, Mohan; Amaresh Datta (1992). هندي ادب جي انسائيڪلو پيڊيا Encyclopaedia of Indian Literature: Sasay-Zorgot : Sasay-Zorgot (Volume 5). ساهتيا اڪيڊمي. p. 4558. 
  4. اتمچنداڻي سندري : (Sindhianaسنڌيانا)

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]