گلشير پنهور
گلشير پنهور (انگريزي:Gulsher Panhwar) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ ۽ انگريزي ٻوليءَ جو ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]گلشير پنهور 24 آڪٽوبر 1969ع تي خدا بخش پنهور جي گهر ۾ ڳوٺ دلاور پنهور، جوهي تعلقو، دادو ضلعو ،سنڌ ۾ جنم ورتو.[1]
تعليم ۽ عملي زندگي
[سنواريو]گلشير پنهور پرائمري تعليم ڳورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ شهمير گاڏهي مان 1980ع ۾ پاس ڪئي. هن مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان 1987ع ۾ پاس ڪيو. هن انٽر جو امتحان استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو منجهان 1991ع ۾ پاس ڪيو. پنهور پوء پرائيويٽ طور تعليم حاصل ڪئي. هن بي اي جي ڊگري 1995ع ۾ ۽ ايم اي اڪنامڪس ۾ ڊگري 2005ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. هن بي ايڊ جي ڊگري 2000ع ۾ ۽ ايم ايڊ جي ڊگري2007ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان حاصل ڪئي[1].
علم ۽ ادب
[سنواريو]گلشير پنهور 1989ع ۾ پرائيمري استاد مقرر ٿيو ۽ علمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. هن لکڻ جي شروعات 2003ع ۾ ڪئي. هن سنڌي توڙي انگريزي ۾ ڪيترائي ئي مضمون لکيا آهن جيڪي سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي اهم اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس مضمون ايڪسپريس ٽربيون، ڊان، دي نيشن ۽ ٻين ڪيترين اخبارن ۾ ڇپجن ٿا. هن تعليمي ماهر طور اسلام آباد ، مراڪش ۽ سينيگال ملڪن ۾ منعقد سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي آهي. سماج سڌارڪ طور به ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ ڪيترين ئي سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي.[1][2][3] [4][5][6][7]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "Poets and writers". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2014-12-17. 2020-05-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Gulsher Panhwer". The Nation (انگريزي ۾). 2020-05-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Gulsher Panhwer Archives". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-05-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ https://tribune.com.pk/story/953793/a-livelihood-from-leaves/?amp=1
- ↑ Newspaper, From the (2019-08-05). "Spate irrigation". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2020-05-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Newspaper, From the (2013-06-12). "National water policy and its implementation". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2020-05-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ڪهاڻيڪار سائين بخش رند جي پهرين ورسي: ساس جي تقريب ۾ 3 ٺهراءُ پاس -". 2020-05-28 تي حاصل ڪيل.