ڪوروناوائرس

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪورونا وائرس کان چوريل)

ڪوروونا وائرس
وائرس درجا بندي
Group: Group IV ((+)ssRNA)
ترتيب: نائدووائرس[1]
خاندان: ڪورونوائرڊاء
ذيلي خاندان: ڪرووناوائرناء
نسل:
قسم جنس
ڪوروناوائرس
جنسون

ڪوروناوائرس(انگريزي: Coronavirus ) ڪوروناوائرڊاء خاندان سان تعلق رکندڙ ھڪ وائرس آهي[2][3]. اھو وائرس پروٽين جي مثبت اثر واري آر اين اي جينوم يعني (+)ssRNA سان ويڙھيل ھوندو آھي [4].ان جو جينوم پيچداري تناظر جي شڪل جو نيڪليو ڪيپسڊ (ڇلڪو) ھوندو آھي ۽ ان جينوم جي ماپ 26 کان 32 ڪلوبيس[5] آھي جيڪو آر اين اي وارن وائرسن ۾ غيرمعمولي طور تي وڏو آھي. ھن وائرس کي ڪووڊ-19 پڻ چون ٿا جنھن جو مطلب آھي 2019 وارو ڪوروناوائرس. ھن وائرس جو نالو لاطيني لفظ ڪورونا مان ورتل آهي جنھن جي معني آهي تاج يا ڇلو. اھو ان جي ڪري رکيو ويو جو ھن وائرس جي بناوٽ اليڪٽرانڪ خوردبيني ۾ ڇلي وانگر نظر ايندي آهي. ان جي چوڌاري بلبن وانگر شڪل جي جھالر ھوندي آھي جنھن ڪري اھو ڇلو تاج وانگر لڳندو آهي. اھي بلبن جھڙيون شڪليون وائرس جا نوڪيلا پئپلومر آھن جيڪي دراصل وائرس جي مٿاڇري تي موجود پروٽين ھوندا آھن جن مان اھا خبر پوندي آهي تہ وائرس ڪھڙي قسم جي خلين يا جيو گھرڙن کي متاثر ڪندو. ھن وائرس جي بناوٽ ۾ چئن قسمن جي شڪلين وارا پروٽين شامل آهن : اسپائيڪ يا نوڪدار شڪل (S), اينوولپ يا ويڙھي جي شڪل(E)، ميمبرين يا جھلي واري شڪل (M) ۽ نيڪليوڪيپسڊ يا ڇلڪي واري شڪل (N) . ھي وائرس اڪثر ھٿن ۾ چبڙندو آهي ۽ ھٿ جي وات کي ڇھڻ سان جسم ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ نڙگھٽ ذريعي ڦڦڙن ۾ پھچندو آھي جتي خلين يا جيو گھرڙن ۽ تاندورن سان چنبڙي پنھنجا نقل ٺاھڻ شروع ڪندو آهي. اھڙي طرح ھي ساهہَ کڻڻ جي وچڙندڙ رَوڳ (ريسپائريٽري انفيڪشن) جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو عام طور ، هلڪو هوندو آهي، پر اَڻ لڀ حالتن ۾، پڻ موتمار ٿي سگهي ٿو.ڳَئوُن ۽ سوئرَ ۾ اهو پيٽ جا گُهمرا (دستن،ڊائيريا) جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پَر ڪُڪِڙين (چُوزَنِ) ۾ هي ساهه جي مٿانهين بيماريءَ جو ڪاَرَڻُ بڻجي سگهي ٿو.هن بيماري جي روڪَ، بچاءُ يا علاج جي لاءِ اهڙي ڪابہ ويڪسين يا وائرس ڪش دوا نہ ٺھي سگھي آھي. سارس ڪورونا وائرس (SARS coronavirus) جي مخصوص حالت ۾ (هيٺ ڏسو)، وائرس جي ايس (S) رسيپٽر بائنڊنگ ڊومين تي مقرر ڪيل سيلولر رسيپٽر، انجيوٽينسين-بدلائيندڙ انزائم 2 (ACE2) سان لاڳاپو پيدا ڪن ٿا.[6] ڪجهه ڪوروناوائرس (خاص طور تي بيٽاڪورناوائس جي ذيلي گروپ اي (A) جهلي يا ميمبرين) ۾ هيماگلوٽين ايسٽريس (ايڇ اي HE) نالي هڪ ننڍڙي-اسپائڪ جهڙو پروٽين پڻ آهي[7].

کوجنا[سنواريو]

پهريون ڀيرو ڪوروناوائرس 1960 ۾ دريافت ڪيو ويو هيو.[8]

انساني ڪورونا وائرس[سنواريو]

Symptoms of Coronavirus
ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ
SARS CoronaVirus
SARS-Coronavirus-Replication

ڪرونا وائرس بالغ انسان ۽ ٻارن ۾ تمام عام زڪام جي هڪ اهم سيڪڙو جو سبب بڻجي ٿو.ڪوروناوائرس زڪام جي وڏي اهڃاڻ آهي، مثال طور انسانن ۾ سياري ۽ گرمي شروع ٿيڻ واري مُندَ ۾ تَپُ (بُخار)، نِڙِي (ڳلو) سُڄيل غدود (ايڊينوئڊز)، جو سبب بڻجي ٿو. ڪوروناوائرس نمونيا (ڦڦڙن جي سوڄ جي بيماري) جو ڪاَرَڻُ بڻجي سگهي ٿو، يا تہ سڌوسنئون وِچڙندَڙ نمونيا (وائرل نمونيا) يا ثانوي بيڪٽيريل نمونيا ۽ اهو برونچائٽس، يا تہ سڌوسنئون وِچڙندَڙ (وائرل برونچائٽس) يا ثانوي بيڪٽيريل برونچائٽس جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو.عام طور مشهور انساني ڪوروناوائرس 2003 ۾ لَڌو ويو، جيڪو  گنڀير پيڙيندڙ ساهه کڻن واري سينڊروم سارس سي او وي (SARS-CoV) جو سبب بڻجي ٿو، ان ۾ هڪ يگانو پيٿوجينيسس آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي ٻنهين مٿاهون ۽ هيٺين ساهه واري نلي جي وچڙندڙ روڳ (انفيڪشن) جو سبب بڻجي ٿو.

انساني ڪوروناوائرس جون سَتَ ڇڪتاڻيون آهن:

  1. Human coronavirus 229E (HCoV-229E)
  2. Human coronavirus OC43 (HCoV-OC43)
  3. SARS-CoV
  4. Human coronavirus NL63 (HCoV-NL63, New Haven coronavirus)
  5. Human coronavirus HKU1
  6. Middle East respiratory syndrome coronavirus (MERS-CoV), جنهن کي ان کان اڳ ناول ڪوروناوائرس 2012 ۽ HCoV-EMC جي نالي سان سُڄاتو ويندو هيو.
  7. Novel coronavirus (2019-nCoV)[9] [10]

ان کي  ويوهان نمونيا (Wuhan pneumonia) يا ويوهان ڪوروناوائرس (Wuhan coronavirus) نالو سان پڻ سڏيو ويندو آهي.[11] (هن معاملي ۾  'ناول'  جو مطلب نئين کوجنا (دريافت) ٿيل، يا نئين پيدا ٿيل آهي، ۽ هڪ جڳهه جو نالو آهي.)[12]

ڪوروناوائرسز HCoV-229E، -NL63، -OC43، ۽ -HKU1 انساني آبادي ۾ سدائين گردش ڪندا آهن ۽ دنيا ۾ وڏن (ساماڻل ماڻهن) ۽ ٻارن ۾ ساهه کڻڻ جي وچڙندڙ روڳَ (انفيڪشن) جو سبب بڻجندا آهن.[13]

نالي جي معنيٰ[سنواريو]

"ڪوروناوائرس" جو نالو لاطيني ڪورونا ۽ يوناني (ڪوروين، "مالها، گلن جو هار") تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ تاج يا تجليءَ جو نشان آهي. جئن تہ ان وائرس جي ظاهرر شڪل سج جي هالوو يعني ڪورونا سان مُشابهت رکي ٿي، انهيءَ ڪري ان جو نالو "ڪورونا وائرس" رکيو ويو آهي.

تاريخ[سنواريو]

سڀ کان اَڳُ انهيءَ وائرس جي کوجنا 1960 جي ڏهاڪو ۾ ٿي هُئي، جيڪو سردي جي زڪام (نزلو) کان متاثر ڪُجھ مريضن ۾ ڪُڪِڙين (چڪن) سان متعدد ٿي داخل ٿيو هيو. ان وقت انهيءَ وائرس کي هيومن (انساني) ڪرونا وائرس E229 ۽ OC43 جو ناءُ ڏنو ويو هو، انکانپوءِ انَ وائرس جي ٻيا نمونا (قِسمَ) پڻ ڳولهي لڌا ويا هيا. عالمي ادارو صيحت وسيلي نامزد ڪيل nCov-2019 نالي سان ڪورونا وائرس جي هڪ نئين وَبا 31 ڊسمبر 2019 کان چائنا ۾ پکڙجي وئي. جيڪا آهستي آهستي روڳي شڪل اختيار ڪري چُڪي هُئي. هي وائرس ان ڪري خطرناڪ آهي تہ هي هڪ انسان کان ٻئي انسان ڏانهن پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.25 جنوري 2020 تي چين جي 13 شهرن[14] ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي، جڏهن تہ وائرس جي سُڃاڻَپ يورپ سميت ڪيترن ئي ٻين ڏيهن (مُلڪن) ۾ پڻ ٿي چُڪي آهي.
چين جي شھر ووھان مان پھريون ڀيرو عالمي صحت جي تنظيم جي چين واري آفيس کي اطلاع ڏنو ويو تہ ھڪ اڻڄاتل سبب واري نمونيا دريافت ٿي آھي ۽ ان تاريخ کان ان تنظيم ان معاملي جي نگراني شروع ڪندي دنيا جي ٻين ملڪن سان ان سلسلي ۾ رابطو ۽ صلاحون شروع ڪيون ۽ رسد کي وڌائيندي ماھرن جي نيٽورڪن کي سنڀاليو[15]. 30 جنوري 2020ع تي عالمي صحت جي تنظيم ان وبا کي عوامي صحت جي بين الاقوامي سطح واري ھنگامي صورتحال قرار ڏنو ويو[15]. 11 فيبروري 2020ع تي عالمي صحت جي تنظيم ان بيماري کي ڪورونا وائرس بيماري يا ڪووڊ-19 جو نالو ڏنو[15].

اُهڃاڻَ[سنواريو]

ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ

ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ، هي روڳ 2019–20 جي ڪورونا وائرس پکڙجڻ ۾ ڏٺو ويو، ۽ گنڀير پيڙيندڙ ساهہ کڻڻ جي گڏيل اُهڃاڻن (رسپائريٽري سنڊروم) ڪورونا وائرس 2 (سارس ڪو وي-2) جي سببن کان ٿيندو آهي.

روڳَ جا اثر[سنواريو]

ڪورونا وائرس بڻيادي طور کير ڏيندڙ ميملز جانورن ۽ پکين جي ساهه کڻن واري سرشتو ۽ انساني هاضمي جو نظام کي متاثر ڪري ٿو. ان وائرس وسيلي انسانن کي هن وقت 4 کان پنج قِسمَ جا روڳَ (بيماريون) لڳا آهن. سڀ کان وڌيڪ هڪ قِسم "انساني ڪورونا سارس CoV" وائرس جو روڳُ آهي، جيڪو سارس بيماري جو وسيلو بڻجي ٿو. اهو يگاني قِسم جو روڳُ آهي، ان سان مٿانهين ۽ هيٺانهين ٻنهين ساهه کڻڻ وارو سرشتو برابر ۾ مُتاثر ٿئي ٿو، ۽ ڪنهن مهل وري آنڊَن ۽ معدي (پيٽ) جي نمونيا ٿي ويندي آهي. ڪورونا وائرس عام طور ساماڻيل ماڻهن کي سرديءَ جو زڪام (نزلو) ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي.

سرديءَ ۾ ٿيندڙ ان عام زڪام وانگر ڪورونا وائرس جي اثر جو اندازو لڳائڻ ڏُکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو نَڪَ وائرس (سردي جو عام نزلو) جي اُبتڙ هوندو آهي. انهيءَ ريت ليبارٽري ۾ انساني ڪورونا وائرس جي تحقيق ۽ نشونما پڻ مشکل آهي. ڪورونا نمونيا، وائرس نمونيا يا تہ سڌوسنئون يا اڻ سڌي ريت جراسيمي نمونيا جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو. ڪُڪِڙين ۾ انيڪ برونچائٽس وائرس (IBV) نہ رُڳو ساهه کڻڻ جي سرشتو (ريسپائريٽري سسٽم) تي اثرانداز ٿئي ٿو پر پيشاب جي رستي کي پڻ رنڊڪ وجهي ٿو ۽ ان جو امڪان هجي ٿو تہ اهو وائرس ڪُڪڙين جي سمورن عضون ۾ پکڙيل هُجي. انهيءَ ريت ڪورونا وائرس پوکَ (فصل) جي جانورن ۽ پالتو جانورن ۾ پڻ ڪيترن ئي بيمارين جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، جِن ۾ ڪُجھ روڳَ خطرناڪ هوندا آهن. ڪورونا وائرس عام طور ڳئون ۽ سوئر ٻنهين پالتو فارمي جانورن کي ٿيندو آهي ۽ انهن ٻنهين ۾ دست جي بيماريءَ جو سبب بڻبو آهي.

بچاءَ جا اُپاءَ[سنواريو]

ڪوروناوائرس تدبير ۽ احتياطي اُپاءُ

ڪورونا وائرس جو ڪوبہ خاص تصديق ٿيل علاج يا دوا ناهي، پر ڪُجهہ احتياطي اُپاءِ آهن:[16][17]

  • صابڻ يا پاڻي سان هر ڀيري ھٿ ڌوئڻ کپن.
  • خراب هٿن سا نڪ، اکِ ۽ مُنهن کي هٿ لائڻ کان پاسو ڪجي.
  • متاثر ٿيل ماڻهن سان سڌوسنئون ۽ انهن جي استعمال ٿيل شين کان پري رهجي.

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Nidovirales
  2. de Groot R.J. et al 2011.. "Family Coronaviridae". in King A.M.Q. et al (eds). Ninth Report of the International Committee on Taxonomy of Viruses. Elsevier, Oxford. pp. 806–828. ISBN 978-0-12-384684-6. 
  3. International Committee on Taxonomy of Viruses. "ICTV Master Species List 2009 – v10" (xls). 
  4. enveloped = has viral envelopes covering their protective protein capsids; positive sense = the RNA sequence may be directly translated into the desired viral proteins.
  5. (ھڪ ڪلوبيس برابر آهي ھڪ ھزار بيس وارن جوڙن جي)
  6. "Structure of SARS coronavirus spike receptor-binding domain complexed with receptor". Science 309 (5742): 1864–1868. September 2005. doi:10.1126/science.1116480. PMID 16166518. Bibcode2005Sci...309.1864L. https://semanticscholar.org/paper/bbedaafec1ea70e9ae405d1f2ac4c143951630bc. 
  7. de Groot RJ, Baker SC, Baric R, Enjuanes L, Gorbalenya AE, Holmes KV, Perlman S, Poon L, Rottier PJ, Talbot PJ, Woo PC, Ziebuhr J (2011). "Family Coronaviridae". In AMQ King, E Lefkowitz, MJ Adams, EB Carstens (eds.). Ninth Report of the International Committee on Taxonomy of Viruses. Elsevier, Oxford. pp. 806–828. ISBN 978-0-12-384684-6.-
  8. "Coronavirus: Common Symptoms, Preventive Measures, & How to Diagnose It". Caringly Yours. حاصل ڪيل 2020-01-28. 
  9. "Laboratory testing of human suspected cases of novel coronavirus (nCoV) infection. Interim guidance, 10 January 2020" (PDF). Archived (PDF) from the original on 20 January 2020. Retrieved 14 January 2020.-
  10. Novel Coronavirus 2019, Wuhan, China | CDC". www.cdc.gov. 23 January 2020. Archived from the original on 20 January 2020. Retrieved 23 January 2020.-
  11. "Pneumonia of unknown cause – China". World Health Organization. وقت 7 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  12. "Novel Coronavirus 2019, Wuhan, China | CDC". www.cdc.gov. وقت 20 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. "Hosts and Sources of Endemic Human Coronaviruses". Advances in Virus Research 100: 163–188. 2018. doi:10.1016/bs.aivir.2018.01.001. ISBN 978-0-12-815201-0. PMID 29551135. 
  14. https://www.dw.com/ur/کورونا-وائرس-13-شہروں-میں-ایمرجنسی-کروڑوں-چینی-قرنطینہ-میں/a-52136266
  15. 15.0 15.1 15.2 https://www.who.int/emergencies/diseases/novel-coronavirus-2019/events-as-they-happen-
  16. فيروس كورونا,الفيروسة المُكللة ( Corona virus ) | اسباب اعراض علاج | القاموس الطبي آرڪائيو ڪيا ويا 29 June 2016[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  17. Editor. "ڪورونا وائرس بچاءَ جا طريقا ۽ اسان جون ذميواريون". سماچار نيوز (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-23. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]